Posts

Showing posts from November, 2020

ڪهاڻي ڪتاب ”ورھ جا روڳ“ جو تنقيدي اڀياس!

Image
  ادب جي دنيا ۾ مون هڪڙو ننڍڙو ڀٿر اُڇلايو ۽ اُن پٿر اُڇلائڻ کانپوءِ جيڪي لهرون پيدا ٿيون اُنهن لهرن نوان چهرا، نيون ڳالهيون ۽ نوان موضوع دريافت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. آئون پهريان سمجهندو هيس ته ٻه چار لفظ لکڻ کانپوءِ ماڻهو اديب ٿي ويندو آهي. ڪو قصو يا ڪا وارتا سليس انداز ۾ بيان ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو ڪهاڻيڪار ٿي ويندو آهي. ڪنهن جي ڪتاب يا تخليق تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو دانشور ٿي ويندو آهي پر ائين ڪونه آهي. ادب ۾ پاڻ مڃائڻ ۽ اديب ٿيڻ لاءِ گهرجون ئي ٻيون آهن. هر هڪ صنف جا پنهنجا بنيادي اصول ۽ ضابطا آهن. ادب ۾ ڪامياب اُهو ئي ماڻهو وڃي ٿو جيڪو سڀني اصولن ۽ ضابطن کي سامهون رکي ڪري ڪنهن صنف تي طب آزمائي ڪري ۽ تيستائين اڳي وک نه کڻي جيستائين اُن کي پهريان ڪيل ڪم متعلق ڪو حتمي يا مجموعي رايو نه ٿو ملي. سوشل ميڊيا تي ملندڙ اڪثر رايا ڪارڳر رايا ڪونه هوندا آهن. بس مڙئي سامهون واري کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻه چار لفظ هر ڪو لکي وٺندو آهي. ڇھ مهينا پهريان اُسان جي پياري، نئي ٽهي جي جاکوڙي ليکڪ ذلفي ذنئور جي ڪهاڻين جو مجموعو ورھ جا روڳ ڇپجي ڪري پڌرو ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪُل ارڙھن ڪهاڻيون آهن، هن ڪتاب جو مهاڳ س