Posts

Showing posts from May, 2019

ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن

Image
(يادگيريون) قسط ٻيو انسان مايوس به ٿي ٿو. نراس به ٿي ٿو ته وري ڪڏهن واري جيان ڀُري زرو زرو به ٿي ٿو. ان سان گڏوگڏ وري جڏهن مضبوط ارادو ڪري وقت اڳيان پٿر بڻجي مشڪل حالاتن جو مقابلو ڪري ٿو.  ته انهي مهل سندس اندر مان فتح جا هوڪرا ۽ چئوٻول ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. سندس ضمير کيس سلامي پيش ڪري ٿو ۽ هو انسان هجڻ واري عظمت تي پهچي وڃي ٿو. مون به پاڻ کي وقت سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪيو. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال منهنجي جهولي ۾ نا اميدي جي ڪومايل گلن جي ڀيٽ ۾ اميد جا تازا گل گهڻا هئا.  مون سمجهي ورتو هو ته مشڪل گهڙيون پنهنجي پويان سڪون واريون ساعتون به گڏ کڻي آڻينديون آهن. انهي وچم ۾ منهنجي بابا سان ۽ امان سان فون تي طويل ڪچهري ٿيندي هئي. آءُ کين پنهنجي حال کان واقف ڪندو رهندو هيس. انهي وچ ۾ آءُ اِن ڳالھ تي به زور ڏيندو هيس ته آءُ انجنرينگ ڇڏڻ ٿو چاهيان. مون کان هي ڊگري نه ٿي ٿئي. دماغ تي وزن هر ڏينهن وڌي پيو. آءُ بيزار ٿي پيو آهيان.  منهنجون هي سڀ ڳالهيون ٻڌي بابا ۽ امان ڪنهن قدر دل شڪستو ٿي ويندا هئا. مون کي سمجهائڻ لڳندا هئا ته: ” پٽ، تنهنجي هن پڙهائي سان اسان جا

چاهت

Image
هُو جيڪا اڃا زماني جي سرد توڙي گرم هوائن کان واقف ڪونه ٿي هئي. اچانڪ مون سان رابطي ۾ اچي وئي. مون کي اِهو اندازو هو ته هُو جواني جي چئواٺي تي هاڻ پهتي آهي سو ڪٿي ائين نه ٿي جو ڪنهن بگڙ جي ور چڙهي وڃي ۽ پوءِ سموري حياتي پيار محبت کي پاراتو ڏي. سو مون به سندس دل رکڻ لاءِ ساڻس رابطو جاري رکيو. هڪ دفعي مون کان پڇيائين: ڪنهن سان سچو پيار ڪيو اٿئي؟ هاڻ انهي سوال جو جواب ڏيڻ مون وٽ ڄڻڪ ڪي ڏيھ پراڻو ٿي چڪو هو ۽ انهي سوال جو جواب آءُ هِن کان پهريان به ڪافي الڙ نارين کي ڏئي چڪو هيس. هر نئي الڙ ڇوڪري پيار ۾ پهريان اهو ئي سوال ڪندي آهي. بس سندس دل رکڻ لاءِ چيم:  نه، اڄ ڏينهن تائين ڪنهن سان سچو پيار ڪونه ٿيو اٿم. ڪو سچو ماڻهو مليو ئي ڪونه! هُو منهنجو جواب ٻڌي ٽڙي پئي. کيس شايد اِهي خيال اچڻ لڳا ته هاڻ آءُ ھُن سان ئي سچو پيار ڪندس. پر اِن چري کي ڪير سمجهائي ته اڄڪلھ جي زماني ۾ سچو پيار ڳولهيو ڪونه ٿو ملي! وري چوڻ لڳي: مون سان ڪيترو پيار ڪندو آهين؟ ڪيڏا نه عجيب سوال پڇي پئي. پر سندس ڏوھ به نه آهي. پيار جي پهرين ڏينهن ۾ اسان به انهن سوالن جا جواب تلاش ڪندا هياسين. هاڻي

ڪتاب جڙيا رهو جڳ ۾ تي هڪ نظر

Image
دنيا جي جديد ٿيڻ سان جيڪي سهولتون اسان کي ميسر ٿيون آهن انهن جي عيوض اسان پنهنجون روايتي قربان ڪيون آهن. پيار، محبت ۽ خلوص جنهن مقدار ۾ اڳي اسان جي وڏڙڻ ۾ موجود هوندو هو انهي جي برعڪس اڄ جي جديد دنيا ۾ صرف پنهنجي هڙ حاصل ڪرڻ ۽ انفرادي مفادن جي حاصلات لاءِ سڄي ڊوڙ ڊڪ شروع آهي. ڪجھ ماڻهو سماجي نا انصافي، اڻ برابري ۽ فرصوده روايتن کان ڪناره ڪشي ڪري پنهنجي هڪ الڳ دنيا قائم ڪرڻ چاهيندا آهن. انهن منجهان هر ڪو پنهنجي عقل، فهم ۽ ڏاهپ جي وسيلي پنهنجو رستو اختيار ڪندو آهي. هڪ مخصوص طبقو ڪتابن جي پڙهڻ ۽ ڪتابن سان روح رهاڻ ڪرڻ کي پنهنجو پسنديده مشغلو بڻائيندا آهن. انهي مشغلي ۾ پاڻ کي مصروف ڪرڻ کانپوءِ انسان چاهيندو آهي ته هو ڪجھ اهڙا ڪتاب پڙهي جيڪي سندس من جي مونجھ کي ختم ڪري سگهن يا وري جيڪڏهن من جي مونجھ کي ختم نه ٿا ڪري سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ ان جي شدت ۾ گهٽتائي آڻي سگهن. انهي حساب سان اِهڙن ڪتابن جي تلاش وڌي ويندي آهي. سائين پونجراج ڪيسراڻي جو ڪتاب جڙيا رهو جڳ ۾ پڻ اهڙن ئي ڪارڳر تجويزن جو مجموعو آهي جن تي عمل پيرا ٿي ڪري ڪو به ماڻهو پنهنجي بي ترتيب زندگي کي هڪ ترتيب ڏئي سگهي ٿو. ه

معاشرتي بگاڙ جو توازن ڪئين برقرار ٿيندو

Image
. قديم دور جو مطالعو ڪجي ٿو ته خبر پوي ٿي ته انسان کي پنهنجي جياپي لاءِ معاشرتي ڍانچي ٺاهڻ جي ضرورت پئي. ڇو ته انسان ازل کان اڪيلائي کي پسند نه ٿو ڪري.  انهي لاءِ انهي قديم انسان پنهنجي رهائش جي جوڳي بندوبست ڪرڻ لاءِ معاشري جو تصور آندو ۽ اُن کان گهڻو پوءِ ڪارل مارڪس جهڙن فڪري ماڻهن وري انهي معاشري ۾ پيدا ٿيل مليڪت واري تصور ۽ خيال کي پنهنجي نظريي ۾ بيان ڪيو. انسان جو جي جياپو معاشري سان گڏ سلهاڙيل هو. انهي معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن وري معاشري جي واڌ ويجھ توڙي سُٺي معاشري جي اڏاوت لاءِ ڪجھ اصول ۽ ضابطا به جوڙي ورتا.  هاڻ اِهو هر هڪ معاشري فرد تي فرض هو ته هو معاشرتي اصولن جي پاسداري ڪري ۽ انهن جي بجا آڻڻ ۾ ٻين جي مدد پڻ ڪري ته جئين هڪ اصولي ۽ مثالي معاشرو قائم ٿي سگهي. دنيا ترقي جا ڏاڪا چڙهندي وئي. مختلف ڪٽبن ۽ قبلين توڙي ذات پات جي ماڻهن جي سوچن ۽ روين جي اختلافن ۽ هڪ ٻي کان الڳ هجڻ واري ريت انهي مثالي معاشري کي قائم ڪرڻ کان ساڪن ڪري ڇڏيو.  هڪ معاشري جا فرد هجڻ جي باوجود ماڻهن پنهنجا انداز ۽ رهڻي ڪهڻي جا ڍنگ تبديل ڪرڻ شروع ڪيا. معاشرتي اصولن جي پاسداري ڪرڻ جي بجاء

اڌُ ملاقات (ڪهاڻي)

Image
ڪجھ گهڙيون اسين سمنڊ جي ڪناري جي  ويٺا رهياسين. هُن مون کان پڇيو ته: تون ڪڏهن کان سنگاپور آيل آهين؟ مون کيس چيو ته: مون کي هتي تقريبن مهينو ٿيڻ وارو آهي! حيران ٿيندي چيائين:  ڪمال ٿو ڪرين راڻا. مهينو ٿيڻ وارو اٿئي ۽ مون کي  ڪالھ ٻڌايو اٿئي ته آءُ هتي آيل آهيان. ڪجھ ڏينهن  پهريان ٻڌائي وٺي هان. ڪهڙو تنهنجو خرچ اچي ها! آءُ سندس اِهڙيون ڳالهيون ٻڌي ڪري ٿورو شرمسار  ٿيس. واقعي اِها منهنجي غلطي هئي ته آءُ کيس ڪجھ ڏينهن پهريان ٻڌايان ها يا وري گهٽ ۾ گهٽ کيس هڪ  هفتو اڳ ٻڌايان ها.  سڀاڻي منهنجي واپسي آهي ۽ اڄ ھُو مون سان گڏ ويٺي آهي. آءُ ڪيترو نه اڀاڳو آهيان جو هُن سان بس هي ئي گهڙي گڏ گذاري سگهندس. هُو وري هڪ نئو سوال پڇي ٿي: شادي ڪئي اٿي؟ مون کلي کيس چيو: ايڏا ڏکيا سوال ڪونه پڇبا آهن چري! روئاريندي ڇا؟ وڏو ٽھڪ ڏئي چوڻ لڳي: مطلب ته هن مهل تائين شادي ڪونه ڪئي اٿئي! چريا شادي ڪري ڇڏي ها نه؟ آءُ به کيس اهو چوڻ ته هيس ته مون هن مهل تائين  شادي ڇو ڪونه ڪئي آهي. کيس انهي سوال جي جواب  ۾ شادي نه ڪرڻ جا جواز پيش ڪرڻ وارو ئي هيس ته

ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن

Image
ٻه هزار يارنهن ۾ مون انٽر پاس ڪيو هو. بابا جي خواهش هئي ته آءُ اعليٰ تعليم حاصل ڪيان. انهي خواهش جي پورائي خاطر مون به اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تياري پڪڙي.  پر تياري ته جهڙوڪ هئي ئي ڪونه. انٽر تائين سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهڻ کان پوءِ هڪڙو ٻهراڙي جو ٻار ڇا سکي ٿو ۽ ڪيترو قابل ٿئي ٿو اِهو ته توهان سمجهي سگهو ٿا. برحال مون کي به اڳتي پڙهڻ جو شوق ڏاڍو هو انهي شوق جي پورائي خاطر وڃي آزاد ڪشمير جي شهر ميرپور تائين پهتس. سول انجنئرنيگ ۾ داخلا ٿي.  آءُ به خوش، گهر جا سڀ ڀاتي به خوش. مٽ مائٽ توڙي سئوٽ ماسات به خوش ته اسان جو همراھ سٺي جاءِ تي پهتو آهي. پڙهي پاس ٿي ڪري ڪنهن اعليٰ عهدي تي فائز ٿيندو. سڀني جون اميدون مون سان لاڳاپيل، منهنجون اميدون وري منهنجي حال تي آڌار پيون ڪن. شهر ته سٺو هو. يونيورسٽي به سٺي هئي. استاد به ڪنهن قدر سٺا هئا. پر ڳالھ هئي پيڙھ جي.  جيڪا منهنجي ڪچي هئي. آءُ هر ڏينهن نئي فڪر ۾ مبتلا هجان. پنهنجي قابليت ۽ اُتان جي دوستن جي قابليت کي ڏسي پيو ڳرا ۽ وسوسن ۾ مبتلا ٿيا ته  منهنجو هت ڇا ٿيندو ؟ پڙهائي ڪئين مڪمل ٿيندي؟ ڊگري به الاءِ م

فليش فڪشن / جياپي جي جنگ

Image
سائين وڏو پنهنجي ڪمري ۾ پنهنجي نوڪراڻي مومل جو انتظار ڪري رهيو هو. گهڙي ئي نه گذري ته مومل اچي پهتي ۽ سائين وڏو سندس ڀر ۾ ويهي ڪري مومل جي ڪنواري جسم مان واس وٺڻ لڳو. واندو ٿيندي ئي کانس پڇيائين ” مومل تنهنجي بدن ۾ جيڪا خوشبو آهي سا خوشبو منهنجي گهرواري راڻي جي بدن ۾ به ڪونه آهي. ڇوري هي مهڪار ڪٿان آندي اٿئي“. مومل وراڻي: سائين وڏا اِهو ساڳيو جملو توهان جي پيءَ رئيس وڏي به منهنجي امان کي چيو هو. تنهن وقت آءُ اڃا پيدا ڪونه ٿي هيس. هي خوشبو توهان جي خاندان جي ئي عنايت آهي. مومل جي جواب ۾ تاريخ رئيس وڏي جي پٽ جي منهن تي هڪ زوردار چماٽ واهي ڪڍي هئي ۽ هُو ٿورو شرمسار ٿيڻ کان پوءِ اُتان اٿي هليو ويو.

آئـيـنـه جـمال اَستـم

Image
ورهيه اڳ وجود کي هڪ واءُ لڳو هو. واءُ ڇا لڳو ڄڻڪ ڀٽ جي واري تي بارش ٿي هئي. بدن مان انڊلٺي رنگ نمايا ٿيڻ لڳا هئا. اُڃارين اکين پنهنجي منزل ڳولي لڌي هئي.  دل جي ڌڙڪن معمول کان وڌڻ لڳي هئي. هڪڙو نينهن هو جنهن مون سان پاڻ کي لاتو هو. هڪڙو عڪس هو جيڪو منهنجي عڪس سان ملي ڪري پورو ٿيو هو. حالتون برھ جي باھ ۾ مون کي پچائي ڪري ٿوھر مان لوھ بڻائي رهيون هيون. چنڊ سان فضول ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ کانس پرين جا ڏس ۽ پتا پچي وٺڻ ۾ مصروف هوندو هيس. سونهن جيڪو هُن کي سرس عطا ٿيل هو. تنهن سرس سونهن تي آءُ مُحط ٿي پيو هيس. هڪڙي ويچاري دل هئي ۽ ٻيو هيس آءُ ٻهراڙي جو ٻار من مانڌو ٿيندو هو پر کن پل لاءِ. آءُ هُن کي ڳوليندو هيس. رات جي پهر ۾ ستارن جي قطار ۾ ته وري ڪڏهن ڏينهن جي پهر ۾ پنهنجي خيالن ۾، راتيون گذري ڏينهن جون روپ ڌاري وٺنديون هيون. ته وري ڏينهن رات جي ڪاري چادر اوڍي خاموشيون برپا ڪري وجهنديون هيون. پر من اندر جيڪا مانڌاڻ متل هوندي هئي سا هڪ پل به سانت ٿيڻ نه ڏيندي هئي. پيار ۾ پيڙاھ جي پل ۾ ڪڏهن پچتاءُ ٿيندو هو ته وري ڪڏهن پاڻ تي قياس به ايندو هو. پنهنجي لاچاري ڏسي ڪنهن

وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس

Image
حضرت انسان پاڻ سان گڏ زندگي جا هزارين روپ ۽ رنگ ڍنگ به کڻي هلندو آهي. ڪجھ ماڻهو دردن کان آشنا ٿيندي ئي انهن کي پنهنجي جهولي ۾ ڀرڻ کان انڪاري ٿي پوندا آهن جنهن جي ڪري انهن جي قدر ۽ قيمت بنھ ٿوري وڃي بچندي آهي. انهي جي ڀيٽ ۾ وري شاعر دردن کي دل سان قبولي انهن جي آجيان ڪندا آهن. دردن کي پنهنجو ساٿي سمجهي ڪري انهن سان ناتو جوڙي وٺندا آهن. هر هڪ تخلقڪار وٽ دردن جي هڪ وڏي کاڻ سندس من اندر موجود هوندو آهي. دردن کي پنهنجي ميراث سمجهندي انهن کي ڪنهن ٻي در ڦٽو نه ڪندو آهي. عام رواجي ماڻهو دردن کان پري ڀڄڻ جي ڪندا آهن ۽ هن ڪيفيت کي ازيت پسند سمجهندا آهن. پيڙاھ واري ڪيفيت سان هم ڪلام ٿيڻ کان پوءِ انهي ساڳي پيڙاھ کي لفظن جو هڪ نئو روپ ڏئي ڪري دنيا آڏو پيش ڪندا آهن ته جئين ٻيا انهن مان تجربو حاصل ڪري سگهن ۽ زندگي جي اڍنگي رويي تي ناراض نه ٿين ڇو ته ڏک، سک، نراسائي توڙي مايوسي هر جڳھ تي ساڳي روپ ۽ انداز ۾ موجود هوندا آهن. انهن کان ڪن لاٽار ڪرڻ مطلب پنهنجي پاڻ کان پنهنجو پاڻ کي پري ڪرڻ برابر آهي. غلام حيدر گهايل لغاري ۽ زين کوسو طرفان مرتب ڪيل شاعري جو مجموعو وڻ وڻ منهنجان واس گذريل سال

فليش فڪشن / زندگي نٽهڻ اُس

Image
پروفيسر ٿڌو ساھ ڀريندي کيس چيو ” جيڪڏهن تون چاهي ٿي ته تون کي آءُ فيل نه ڪيان ته پوءِ منهنجي من جي مراد کي سمجھ ۽ مون کي مايوس نه ڪر ته توکي پاس ڪريان“. هُن جڏهن اِهي ڳالهيون ٻڌيون ته سندس مٿي کي چڪر اچڻ لڳا ۽ زمين سندس پيرن هيٺان نڪرڻ لڳي. هُو پروفيسر کي پنهنجي پيءَ جيڏو سمجهندو هو ۽ سندس عزت ڪندو هو. پرائمري جي نصابن ۾ پڙهيو هيائين ته ” استاد پيءَ برابر هوندو آهي.“ اڄ کيس پنهنجي زندگي نٽهڻ اُس ۾ نظر پي آئي.

فــرق پــوي ٿــو

Image
مون ڪجھ ماڻهو ڏٺا آهن. جن تي موسم جو بدلجڻ توڙي ماڻهن جو بدلجندڙ رويو ڪو به اثر نه ٿو ڏيکاري ۽ انهن جي مزاج تي ڪو به فرق نه ٿو پوي…! ليڪن اِن جي برعڪس الاءِ ڇو منهنجي من تي ماڻهن جي روين جو فرق ڏاڍو ٿو پوي. مون سان جيڪڏهن ڪو ماڻهو کن پل لاءِ تيز لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳندو آهي ته آءُ اداس ٿي پوندو آهيان. آءُ سمجهان ٿو ته هن دنيا ۾ اڪيلو صرف آءُ اِهڙو ناهيان جنهن کي فرق پوندو هجي. مون کي يقين آهي توهان کي به فرق پوندو هوندو.  هر حساس ماڻهو کي فرق پوندو آهي. جيڪڏهن توهان حساس طبعيت جا مالڪ آهيون ته پوءِ يقينن توهان تي ته به فرق ضرور پوندو هوندو. جيڪڏهن توهان کي ڪنهن به ظلم، ۽ جبر جي مسلط ٿيڻ مهل ڪو به فرق نه ٿو پوي ته پوءِ پڪ سمجهو ته توهان جئيرا نه آهيون بلڪ خالي ساھ ئي کڻو پيا ۽ توهان جي اندر جو انسان مري چڪو آهي. جيڪڏهن ڪنهن مسڪين جي مدد ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان اوهان تي ڪو فرق نه ٿو پوي ته پوءِ پڪ سمجهو ته توهان جو ضمير موڪلائي چڪو آهي ۽ توهان بي ضمير ٿي چُڪا آهيو. ڪاش ائين نه هجي. توهان جي اندر جو انسان جئيرو هجي. اِن جي جئيري هجڻ جي هن سماج کي ضرورت آهي. هن ڏُتڙيل ق

فليش فڪشن / سبب جي ڳولا

Image
هُو رات دير تائين هُن سان ڪچهريون ڪندو هو ۽ ڪالھ رات جو هُو اڀاڳي سندس خيالي پلائن ۽ خالي دلاسن تي لڳي ڪري سندس خواهش کي پوري ڪري ويو هو.  اڄ هَن اِهو سوچيو ته ڪئين به ڪري هاڻ ڪو سبب ڳولي هن نڀاڳي مان پنهنجي جان ڇڏيان. وري ڪو ٻيو ڳوليان، مڙئي ڀاڄي مٽ ڪجي ساڳي ڀاڄي مان وري وري لزت ٿورئي ايندي. اهو سوچي ڪري کيس فون ڪيائين، هُو سندس فون جي انتظار ڪري رهئي هئي ۽ هن جئين ئي ڪال کنئي ته هَن هڪ ئي ساهي ۾ کيس چيو:  ” تون ڏاڍي بد چلن آهين. پنهنجي پيءَ ماءُ جي عزت جو نه سوچيندي جهڙي ريت مون سان ملڻ آئي هئين ائين تون ٻين ڏانهن به جلد مائل ٿيندي هوندئين. سو براءِ ڪرم اڄ کان پوءِ وٺي مون ڏانهن ڪال نه ڪجان“. کيس اِهي لفظ چئي پنهنجو منهن وراڻيو ” کيس ڇڏڻ جو واھ جو سبب هٿ آيو. اصلي جان آجي ٿي پئي“.

ڪهاڻي / هُو پڇي ٿي

Image
هُو، جيڪا منهنجي محبت جو محور ۽ مرڪز آهي. جنهن کان سواءِ آءُ ڪا به گهڙي اڪيلو گهاري نه ٿو سگهان، هُن سان منهنجون 32 نه بلڪ 36 دليون آهن.  ڇو ته 32 دليون ته عام طور تي ٿي سگهن ٿيون پر 36 دليون ڪنهن ڪنهن سان ٿي سگهن ٿيون. هُو، اڪثر مون کان غير معمولي ۽ انتهائي دلچسپ سوال پڇندي آهي. هُو، منهنجي رايي کي تھ دل سان اهميت ڏيندي آهي.  آءُ اِن لاءِ سندس لاءِ لکندو آهيان ۽ هُو منهنجي محبت جي مان رکڻ  لاءِ پڙهندي آهي. ادب جو مطالعو ڪندي آهي ۽ اديب ٿيڻ چاهيندي آهي. اِهڙي ريت هُو، پاڻ کي فڪر جي ڦرهي ۾ جڪڙڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. ۽ وري جڏهن سوچڻ واري نهج تي پهچندي آهي ته انهي ويل مون کان بي ترتيب سوال پڇڻ لڳندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن آءُ مُنجهي پوندو آهيان. ليڪن پنهنجي منجهڻ توڙي وائڙي ٿيڻ جو کيس ڪو به احساس نه ڏياريندو آهيان. هڪ دفعي هُن مون کان پڇيو ته: تون مون سان ڪيتري محبت ڪندو آهين ؟ سندس هِن سوال کي ٻڌڻ کان پوءِ آءُ صرف انهي فڪر ۾ مبتلا ٿي ويس ته کيس ڪو ڪچو ڦڪو جواب نه ڏيان. ڪو ٺاهوڪو ۽ دٻدٻي وارو جواب ڏيان.  جنهن ۾ وزن هجي. جنهن کي ٻڌڻ کان پوءِ هُو وري ڪڏهن م

لاهوت لامڪان جو سير، سفر ۽ مشاهدو

Image
قسط چوٿون رات جبلن جي پٿرين تي ننڍ ڪرڻ جو تجربو سٺو رهيو. پوري رات ۾ ڪُل ٽه يا چار ڪلاڪ ڪا ننڍ آئي هوندي ته ٺيڪ نه ته مڙئي ڪلھ خير.  هتان پر سال جي ڀيٽ ۾ ڪافي تبديليون آيون آهن.  ڪافي سارا سُٺا ۽ عمده هوٽل به ٺهڪي چڪا آهن. ليڪن عام توڙي غريب لاهوتي هوٽلن جو رخ ڪونه ٿا ڪن ها باقي ڪجھ ماڻهو مڙئي سڙئي هوٽلن جو رخ ڪندا آهن.  هنن هوٽلن کي ڏسي ڪري مون کي من ئي من ۾ اهو خيال آيو ته جيڪڏهن منهنجو چاچو ۽ منهنجو ماروٽ منهنجو ساٿ ڏين ته هوند اسين انهن پٽ پٿرين کان جان ڇڏائي ڪري هنن هوٽلن ۾ رهائش پذير ٿيون.  پر مسئلو اِهو ته هتي هر شئي معول جي قيمت کان مهانگي ملي ٿي. نوي روپين وارين بوتل هڪ سئو ويھ روپيا. سٺ روپين ۾ ملندڙ ڀاڄي واري پليٽ هتي هڪ سئو ويھ روپين ۾ ملي ٿي.  اهڙي ريت وري سخت گرمي هجڻ جي باوجود هتي هوٽلن تي پئيڻ جو ٿڌو پاڻي نه ٿو رکيو وڃي. انهي جا ٻه مکيه سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ ته هتي ماڻهن جي پيھ هوندي آهي جنهن سبب هتي آيل مسافر ٿڌي پاڻي کي هوٽلن کان ڀرڻ شروع ڪندا. انهي ريت هوٽل تي آيل گهراڪن کي به پاڻي پئيڻ لاءِ ملي نه سگهندو.  هوٽل وارا به ڪنهن کي پيمڻ جي

سجاڳي جو سڏ

Image
ٺري ميرواھ ۾ نوجوانن طرفان لائبريري قائم ڪئي وئي. علم ادب سماج جي اصلي رنگ ۽ روپ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا آهن. ادب کان سواءِ سماج پنهنجي اصلي جوهر توڙي منظر ۽ مظهر ۾ ٻسو نظر ايندو آهي.  علم ئي حقيقي ميراث آهي جنهن سان ترقي جا ڏاڪا پار ڪري سگهجن ٿا. ضلع خيرپور ميرس جي تعلقه ٺري ميرواھ اندر گهڻي عرصي کان وٺي علم ادب سان وابسطه ماڻهن لاءِ مطالعي ڪرڻ جو وڏو فقدان موجود هو.  جنهن فقدان کي ختم ڪرڻ لاءِ هتان جي ڪجھ پڙهيل لکيل باشعور نوجوانن سرڪاري سطع تي لائبريري جي قيام عمل لاءِ جدوجهد شروع ڪئي.  جيڪا جدوجهد اڄ کان ٻه سال پهريان شروع ٿي هئي ۽ هاڻ ان جو ثمر ملڻ شروع ٿيو آهي. هن جدوجهد جي سجاڳ تحريڪ جي نالي سان شروعات ڪئي وئي. شهر جي واڳ ڌڻين توڙي اعليٰ سطع تي ڪامورن ۽ هتان جي چونڊيل نمائدن کي پڻ اپيلون ڪيون ويون.  ليڪن کين ڪٿان به ڪو خاطر خواھ جواب نه ملي سگهيو. سندن جدوجهد موثر نتيجا ڏيڻ جي بجاءِ مختلف قسم جي تضاد جي ور چڙهي وئي. جيڪو تضاد هڪ سياسي گروھ طرفان شروع ڪيو ويو هو. تضادن جي ور چڙهڻ جي باوجود به هتان جي نوجوانن ۾ اميد جو ڏيئو ٻرندو رهيو ۽ انهن پ