Posts

Showing posts from February, 2021

عشق کي ڪينجهر بنائيندڙ فطرت پسند شاعريءَ

Image
هي دنيا جنهن ۾ اسان رهون ٿا. اُهو ٻن شين تي آڌاريل آهي. جنهن ۾ هڪڙيون شيون قدرتي، اصلي ۽ فطرتي آهن. جن کي پاڻ انگريزي ۾ (Naturaly) چوندا آهيون ۽ ٻيون شيون مصنوعي، هٿرادو ۽ جڙتو شيون آهن، جن کي پاڻ انگريزي ۾ (Artificially) چوندا آهيون. انهن ٻنهي شين ۾ انساني مزاج جو لاڙو فطري شين ڏانهن گهڻو هوندو آهي. حالانڪ اڄ جي جديد دور ۾ مصنوعي شيون به پنهنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿيون پر اُنهن ۾ اُهو سرور ۽ سڪون ڪٿي آهي؟ جيڪو سڪون فطرتي شين ۾ سمايل آهي. دراصل فطرت پسند ماڻهوءَ ئي تخليقڪار ٿيندا آهن ۽ اُهي پنهنجي پيار کي آرٽ جي مدد سان تخيل جو روپ ڏئي ڪري ظاهر ڪندا آهن. اهڙي ئي هڪ اظهار جو نمونو منهنجي سامهون پيو آهي. جيڪو شاعريءَ جي روپ ۾ خيالن کي الائي ته ڪهڙي وسعتن ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. هن شعري مجموعي جو نالو ”عشق بڻيو ڪينجهر“ آهي. هن ڪتاب جو سرجڻهار قربان گل آهي. جيڪو نئين ٽهي جو هڪ جاکوڙيندڙ ڪردار آهي سندس خيال شاعريءَ جو روپ ڌاري، ڪاغذن جو ويس ڍڪي پڙهندڙن جي اڳيان مطالعي جي ميز تي اڻ ڏٺي مهمان وانگر جلوه افروز ٿيا آهن. سندس شاعريءَ تي گهڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو ۽ سندس خيالن تي تفصيلي نموني سان ڳالهائ

پنهنجي نالي جيان هڪ منفرد ۽ نرالو ڪتاب

Image
اسان جنهن معاشري جا حصا آهيون. اُهو معاشرو هاڻ ايتري قدر تضادن جي ور چڙهي ويو آهي جو هن ڌرتي تي هر روز نوان الميا جنم وٺڻ لڳا آهن. اڃا به ائين کڻي چئجي ته اسان جنهن ڌرتي تي رهون ٿا، اُها ڌرتي هاڻ المين جي ڌرتي بڻجي چڪي آهي. هن ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن جو ڪار وهنوار سک، شانتي، پيار، محبت ۽ ڀائپي جي بجاءِ نفرت ڦهلائڻ آهي. هتي شعور رکندڙ ماڻهوءَ هميشه اذيتن جي گِهيري ۾ رهندو آيو آهي ۽ رهي ٿو. سماجي بگاڙ کي درست ڪندي ھُو پاڻ ئي پنهنجي اصلي مدار کان ذري گهٽ هٽي وڃي ٿو ۽ اِنهي هٽڻ جي ڪري سندس ذهني پيڙاھ گهٽجڻ بدران اڃا وڌيڪ وڌڻ شروع ٿئي ٿي. ائين ئي اڳتي هلندي سندس وجود ناانصافي، اڻ برابري ۽ سماجي بگاڙ سان منهن مهان ٿيندي مضبوط ٿيندو آهي. دنيا جي مشهور ڏاهي، والٽيئر چيو آهي ته؛ ”اوهان کي انهيءَ حقيقت جو شعور هُئڻ گهرجي ته جڏهن کان دنيا وجودَ ۾ آئي آهي وحشي نسلن کي ڇڏي دنيا تي هميشه ڪِتابن جي حڪمراني رهي آهي“. هي ڪتاب جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب جي سُڄاڻ ليکڪ جي خواهش به اِها ئي ساڳي خواهش آهي ته دنيا تي ڪتابن جي حڪمراني هجي ۽ ماڻهن جو بهترين مشغلو ۽ وندر مطالعو هجي اوهان جيڪڏهن ڪتاب پڙهندڙ آه