Posts

Showing posts from April, 2021

مهاڳ يا منهنجي ڪهاڻي؟

Image
انسان سان گڏ هن ڌرتي تي ٻيون به ڪافي شيون واڌ ويجھ ڪن ٿيون. انهن شين ۾ انساني خواهشون هجن، انساني خواب هجن يا وري انساني ڏک توڙي سور هجن، هي سڀ جا سڀ انسان سان گڏ سندس عمر ۾ ساٿ نڀائيندي وڌڻ شروع ٿين ٿا. عمر جي تقاضا مطابق خواهشون به وڌڻ لڳنديون آهن، عمر جي تقاضا مطابق خواب به پنهنجو دائرو وسيع ڪندا آهن ته وري اُتي ئي انساني زندگي ۾ درپيش ڏک، درد ۽ پيڙاهه به وقت جي مناسبت سان وڌي وڻ ٿيندا آهن. اِهڙي صورتحال سان مقابلو يقينن هر ماڻهو نه ڪري سگهندو آهي. جن وٽ حوصلو، جذبو ۽ مستقل مزاجي واري واٽ هوندي آهي، سي سيبتا انسان زندگي جي مختلف لاهن ۽ چاڙهن مان اُڪري ڪري پار پهچندا آهن ۽ اِنهي جي اُبتڙ وري جن وٽ ڪنهن به ننڍي معاملي يا مونجهاري تي مايوسي حاوي ٿي ويندي آهي ۽ اُهي سُسُت ٿي پوندا آهن ته تڏهن اُنهن کي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ زندگي مايوسي جي ڪُن ۾ ڦاسي پئي آهي. هاڻ اِها مايوسي يا نراسائي ايڏو وڏو معاملو ڪونه آهي جيترو انساني ذهن يا هڪ عام ماڻهو انهي کي سمجهندو آهي ۽ ان کان خوف کائيندو آهي. انسان جذبن جي وهڪرن ۾ ته هميشه وهي ئي وهي ٿو. ڪڏهن خوشي آهي ته وري ڪڏهن غم به آهي. هي ٻئي ڪيفيتون گڏوگ

نوجوانن جي هن طرح رهنمائي ڪرڻ گهرجي _ثاقب بلوچ

Image
هن وقت سنڌي ادب جي وشال آڪاش تي اُڀ تي تارن جيان ٽمڪندڙ کوڙ سارا نوجوان ليکڪ آهن جيڪي نه صرف سُٺو لکي رهيا آهن پر سُٺو ۽ معياري ادب پڙهي به رهيا آهن. جديد دنيا جي تقاضائن کي سامهون رکندي اُهي پنهنجي قلم سان علم جي جوت جلائي رهيا آهن. اهڙن ئي جاکوڙي نوجوانن ۾ هن ڪتاب جي ليکڪ کي به شمار ڪري سگهجي ٿو. يوسف جميل لغاري سنڌ جو اُهو ڀاڳوند نوجوان ليکڪ آهي جنهن جي حصي ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ آيو آهي. مصروفيتن جي هن جهان ۾ هوندي به هي نوجوان مسلسل لکي ۽ پڙهي رهيو آهي جيڪا خوش آئينده ڳالھ آهي. تازو ئي مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان سندس ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڪاغذي ڳالهيون ڇاپي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب پنجن حصن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ اُهي ڪالم ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ سنڌي رسالن ۾ ڇپيا آهن. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ ڪُل ۱۵ ڪالم شامل ڪيا ويا آهن. جيڪي ڪُل وقتي موضوعن تي لکيل آهن ۽ اُنهن ۾ سنڌ، سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل ۽ سنڌ ڌرتي جي آئيندي لاءِ سنهرن خوابن جو تذڪرو ڪيل آهي. اِنهي سان گڏوگڏ حصي ٻئي ۾ ست اصلاحي مضمون آهن. جنهن ۾ نوڪري واري ٽيسٽ ڪيئن ڏجي؟ نوڪري لاءِ انٽرويو ڪيئن ڏجي؟ تق

ڪاغذي ڳالهيون _ ذاڪر لغاري

Image
   اجهو هاڻ جڏهن ڪڻڪ جي سنگن مان داڻا ڳاهجي رهيا آهن، جهنگ ۾ بيٺل اڪيلي ڪِرڙ جي وڻ پنهنجا ڪچا ڏينَا ڏيڻ شروع ڪيا آهن، بهارن جو هُڳاءُ هر طرف مهڪارون بڻجي رهيو آهي، هيلوڪي اپريل مهيني جون راتيون ٿڌڙي پَهر وانگي جڏهن ته ڏينهن تيز اُس ۾ لوءُ کي لامارا هڻائڻ واري چغلي تي لڳائي چڪا هجن ۽ نمن جو بُگو ٻور ٻرانگهو ڏئي چوماسيت طرف ڌُوڙڻ لڳو هجي، جڏهن ته سنڌ جي ميهڙ مان مهندي ڦٽڻ جا سانڀاه ڪري رهي هجي ۽ ڪوئل انب جي ڏار تي پهچڻ لاءِ وچ رستي تي ڪنهن املتاس جي وڻ تي ساهي پٽي سرد شوڪارو ڀري رهي هجي ته اهڙي عالم ۾ هڪ ٻانهن ڀڳل ڇوڪرو مون تائين پوسٽ آفيس مان سنهيو کڻي اچي پهتو آهي، جنهن جي هٿ ۾ هڪ پارسل آهي، جنهن کي کولڻ سان منهنجي اندر ۾ هڪ اهڙي ڪيفيت سمائجي چڪي آهي، انهي جي خاڪي خوشبو جو واس ڪيئي ڏهاڪن تائين منهنجي پستائي ميموري ۾ مهڪ بڻجي سمائجي چڪو آهي. مون ڳالهه پئي ڪئي ”ڪاغذي ڳالهيون“ بابت جنهن جو تخليقڪار هڪ اهڙو معصوم “ڇوڪرڙو“ آهي جنهن پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ وڏن لکندڙن کي مات ڏئي ادب جي دنيا ۾ ٻرانگهو ڏئي ڪيئي ڪتاب تخليق ڪندي گوءِ کڻي ويو آهي، آئون ڀائيان ٿو ته هُو شهرت جو طلبگار ناهي ۽ نه وري هن ک