Posts

Showing posts from May, 2021

ڪوتا تار تي ويٺل پنڇي جو اڀياس

Image
چون ٿا ته نثري نظم جي شروعات فرينچ شاعريءَ کان ٿي. بودليئر (Baudelaire) پنهنجي مجموعي ”نثر ۾ ننڍا نظم“ (Petit poems en prose) سان ان جي ابتدا ڪئي. ان ۾ شاعريءَ جو عنصر ضروري آهي. ان ۾ وزن، بحر ۽ رديف قافيي کان سواءِ نظم جون سموريون خاصيتون موجود هجڻ گهرجن. ڪٿي ڪٿي ته قافيي جو استعمال به سٽن جي وچ ۾ يا آخر ۾ ٿئي ٿو ۽ ان ۾ موسيقيت جو احساس پيدا ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن (Assonance) جي ذريعي نغمگي پيدا ڪئي وڃي ٿي. هر حالت ۾ نثري نظم ۾ اندروني آهنگ ضروري آهي. (Surrealist) اهڃاڻي ۽ (Automatic) خودمختيار لکڻيون نثري نظم جون اهم صورتون آهن. انگريزي شاعريءَ مان هيءَ صنف، انگريزن جي دَور ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿي ۽ مقبوليت حاصل ڪئي. سنڌي ۾ لعلچند امر ڏني جو ’سدا گلاب‘، ڪلا پرڪاش جو ’ممتاز لهرون‘، مدد علي سنڌيءَ جو ’پنر ملن‘، نور الهديٰ شاهه جو ’قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چند‘، شيخ اياز جو ’پنڻ ٿو پور ڪري‘ ۽ ٻيا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيل آهن. نثري نظم متعلق اسان کي هي مٿين معلومات/هن جهڙي يا هن سان ملندڙ جلندڙ معلومات سنڌي لغتن مان ملي ٿي. ان سان گڏوگڏ نثري نظم جي اهم خاصيتن مان جيڪا اهم خاصيت ذهن ۾ رکي ويندي آ

ڪتاب: ”سڙيا مٿي سچ “ جو فڪري اڀياس

Image
هي ڪتاب جيئن ئي منهنجي مطالعي جي ميز تي پهتو ته مون هن ڪتاب ۾ موجود مضمونن جي فهرست مان:”ڪتاب نه پڙهڻ جا مختلف بهانا“ نالي مضمون سڀني کان پهريان پڙهيو. ڪتاب نه پڙهڻ وارن جا بهانا به عجيب هوندا آهن ۽ وري اتي ئي ڪتاب پڙهڻ وارن جون ڳالهيون ڏاڍيون خوبصورت هونديون آهن. هن ڪتاب جي ليکڪ جون ڳالهيون به پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جو ڏانءُ رکن ٿيون. هي ڪتاب:”سڙيا مٿي سچ“ نوجوان ليکڪ ۽ اُستاد سرمد کوسي جو ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو تازو ئي مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان ڇپجي ڪري پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو آهي. هن ڪتاب کان پهريان هن نوجوان ليکڪ ۽ اُستاد جو تعليم جي موضوع تي بعنوان:”تني کي تعليم جي“ ڪتاب، پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان ڇپجي ڪري پڙهندڙن وٽ پذيرائي حاصل ڪري چڪو آهي. سرمد کوسي جو شمار سنڌ جي اُنهن سڄاڻ فردن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ پل لاءِ به پاڻ کي پڙهڻ ۽ لکڻ کان پري نه ٿا ڪري سگهن. مون کي ياد ٿو پئي ته ڪجھ سال پهريان ۲۰۱۹ ۾ جڏهن پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي وارن تعليم جهڙي اهم موضوع تي ”تني کي تعليم جي“ ڪتاب شايع ڪيو، ته اُن ڪتاب کي پڙهندي مون کي به ڪتاب لکڻ جو شوق پيدا ٿيو هو. جيئن ته آئون پاڻ تعليم کاتي سان لاڳاپيل هيس. ان ڪري بنا

الائي ته ڪنهن پٽيا آهن پر هن پکي جا

Image
هُو جنهن مهل ننڍڙو هو، تنهن وقت ڏاڍو لڄارو هو، گهٽ ڳالهائيندو هو، ماڻهن سان ملڻ جلڻ توڙي پنهنجي هم عمر ٻارن سان گهمڻ ڦرڻ کي ترجيع ڪونه ڏيندو هو. اسڪول ويندو هو ته سندس هم ڪلاسي اِنهي آسري ۾ هوندا هئا ته ڪنهن وقت ٿو هي ”سٻاجهڙو ٻار“ ڳالهائي؟ ته جيئن سندس آواز ٻُڌي سگهون، سندس اندر جي آڌ مانڌ کي سمجهي سگهون. خاموشي ته ڄڻ ساڻس گڏ پيدا ٿي هئي. سندس سُرمئي اکيون سفيد خواب ڏسنديون هيون. سندس اکين مان لڙڪ ڪونه ڪرندا هيا، سندس اکيون هميشه ڏوراپن سان ڀريل هونديون هيون. هُو جو اندر ئي اندر ۾ پنهنجي پاڻ سان وڙهندڙ هو، سندس قميص جو اڳيون کيسو پنن سان ڀريل هوندو هو، گهر کان نڪرندي جڏهن اسڪول ويندو هو ته واٽ تي پيل هر هڪ ڪاغذ جي ٽڪري کي کڻي اُنهن ۾ مقدس نالا ڳولهيندو هو، اها سندس ڪرت هئي، جنهن ڪاغذن ۽ لفظن سان سندس شناسائي ڪرائي ۽ جڏهن ڪنهن ڪاغذ يا اخباري ٽڪري تي کيس ڪنهن مقدس نالي منجهان ڪو نالو نظر ايندو هو ته، هُو اُن ڪاغذ کي ساري سنڀالي پنهنجي قميص جي اڳين کيسي ۾ انهي اميد سان رکندو هو ته شام جو ميرواھ جي وهندڙ پاڻي ۾ اُن ڪاغذ کي لوڙهي ڇڏيندو، پر زندگي ساڻس اهڙا کوڙ سارا اتفاق ڪندي رهي جو کيس وق