الائي ته ڪنهن پٽيا آهن پر هن پکي جا



هُو جنهن مهل ننڍڙو هو، تنهن وقت ڏاڍو لڄارو هو، گهٽ ڳالهائيندو هو، ماڻهن سان ملڻ جلڻ توڙي پنهنجي هم عمر ٻارن سان گهمڻ ڦرڻ کي ترجيع ڪونه ڏيندو هو. اسڪول ويندو هو ته سندس هم ڪلاسي اِنهي آسري ۾ هوندا هئا ته ڪنهن وقت ٿو هي ”سٻاجهڙو ٻار“ ڳالهائي؟ ته جيئن سندس آواز ٻُڌي سگهون، سندس اندر جي آڌ مانڌ کي سمجهي سگهون. خاموشي ته ڄڻ ساڻس گڏ پيدا ٿي هئي. سندس سُرمئي اکيون سفيد خواب ڏسنديون هيون. سندس اکين مان لڙڪ ڪونه ڪرندا هيا، سندس اکيون هميشه ڏوراپن سان ڀريل هونديون هيون. هُو جو اندر ئي اندر ۾ پنهنجي پاڻ سان وڙهندڙ هو، سندس قميص جو اڳيون کيسو پنن سان ڀريل هوندو هو، گهر کان نڪرندي جڏهن اسڪول ويندو هو ته واٽ تي پيل هر هڪ ڪاغذ جي ٽڪري کي کڻي اُنهن ۾ مقدس نالا ڳولهيندو هو، اها سندس ڪرت هئي، جنهن ڪاغذن ۽ لفظن سان سندس شناسائي ڪرائي ۽ جڏهن ڪنهن ڪاغذ يا اخباري ٽڪري تي کيس ڪنهن مقدس نالي منجهان ڪو نالو نظر ايندو هو ته، هُو اُن ڪاغذ کي ساري سنڀالي پنهنجي قميص جي اڳين کيسي ۾ انهي اميد سان رکندو هو ته شام جو ميرواھ جي وهندڙ پاڻي ۾ اُن ڪاغذ کي لوڙهي ڇڏيندو، پر زندگي ساڻس اهڙا کوڙ سارا اتفاق ڪندي رهي جو کيس وقت ئي نه ملي سگهيو ته هُو اُنهن ڪاغذ جي ٽڪرن کي ميرواھ جي حوالي ڪري سگهي. اسڪول کان واپس ايندي رستن تان ميڙيل سڀئي ڪاغذ ساڳي اميد سان گهر جي ڪنڊ ۾ پيل ننڍڙي پيتي ۾ به رکندو هو. هُو ته ڄڻ ڪنهن پرديسي پکي جي پيار جو متلاشي هو. کيس ڪهڙي شئي متاثر ڪندي هئي ۽ ڪهڙي نه، ان جو پتو اڄ تائين سندس گهر ڀاتين کي ئي نه پئجي سگهي. رات ٿيندي هئي ته سندس اکيون جاڳي پونديون هيون ۽ هُو اُنهن اکين سان ڪڏهن آسمان جي ستارن کي ته وري ڪڏهن پنهنجي ڀر سان سُتل پنهنجي گهر ڀاتين کي ڏسي ڪري روئي پوندو هو. زندگي جا حسين پل نه ڪڏهن سندس حصي ۾ آيا ۽ نه ئي ڪڏهن اُن پنهنجي زندگي جي ڪنهن پل کي حسين بنائڻ لاءِ ڪا ڪوشش ڪئي. سندس ڪمري جي ديوارن تي کوڙ سارا اڌورا عڪس چٽيل هوندا هيا. هُو واندڪائي جي گهڙين ۾ ڪمري جي ديوارن تي عجيب و غريب جملا لکندو هو. سندس هٿ اکر ايڏا ته خوبصورت ۽ سهڻا هوندا هئا جو جيڪڏهن اُنهن جي تصوير ڪو ڇڪي ها ته هوند کيس اهو گمان ضرور ٿئي ها ته ”هي سڀ ڪجھ ڪنهن مصور جي ڪاريگري آهي جو اُن ايڏي خوبصورتي سان چٽسالي ڪئي آهي“. هُن جو جيون ڄڻ دردن جو ديوان هو، جنهن جي هر هڪ صفحي تي رڳو ڀوڳنائون، ازيتون ۽ پيڙاھ جا پٿر پيل هئا. زندگي سرد هوائن سان هن جي هميشه آجيان ڪندي هئي ۽ هُو هميشه مسڪرائي ڪري سڀئي سور پنهنجي سر تي کڻندو هو. جنهن عمر ۾ ٻيا عام رواجي نوجوان ڪرڪيٽ، ٻلاڙو ۽ والي بال جهڙا راند کيڏندا آهن. اُنهي عمر هُو ڪتاب پڙهندو هو. ڪتاب سان سندس جيءَ ائين جُڙي ويو جيئن حياتي جو جياپو پاڻي سان جُڙيل آهي. پاڻي آهي ته زندگي به آهي ۽ جتي پاڻي ناهي، اُتي زندگي به ناهي، جيڪڏهن ٿوري ٿڪي مقدار ۾ زندگي آهي به ته اُها مفلوج ۽ ڪنهن ڪم جي نه آهي. هُو صحرا ۾ ڀٽڪندڙ روحن جيان رولاڪ ۽ وڪايل روح سان گڏ ڄائو هو. خواب، جتي زندگي ۾ اميد جي ڪرڻي کي پيدا ڪرڻ جو سبب آهن، اُتي ئي وري ڪجھ خواب اهڙا به هوندا آهن جيڪي صرف جو صرف ماڻهو کي ازيت ڏيڻ جو سبب بڻجندا آهن. هُن جي سرمئي اکين ۾ پلجندڙ سفيد خوابن کي ساڀيان ته نه ملي سگهي پر الٽو اُنهن سفيد خوابن سندس زندگي کي رات جي ڪاراڻ جهڙي گگھ اونداهي ۾ گهيلي ڪري اُڇليو، اِنهي گگھ اونداهي کان جان ڇڏائڻ خاطر هُن خدا جو در وسايو، باقاعده سان باجماعت نماز پڙهڻ شروع ڪيائين، رمضان جي مهيني ۾ سڀئي روزا رکڻ لڳو ۽ گڏوگڏ درود، تسبيع ۽ تراويون به پڙهڻ لڳو. ڳوٺ وارا کيس ”مولوي“ سڏيندا هئا، ورهين جي خاموشي کي ٽوڙيندي سُٺي ۽ سهڻي آواز ۾ مولود به چوڻ شروع ڪيائين. سندس گهر ڀاتي کيس ڏسي ڪري سرهائي محسوس ڪندا هيا ۽ کين اطمنان ٿيندو هو ته سندس ٻچڙو نيڪ ۽ صالح هجڻ سان گڏ سڌي رستي تي به آهي. سندس مڙني خوبين مان هڪ خوبي اها به هئي ته هُو پنهنجي سڄي ڄمار ۾ نه ئي ڪنهن ڳوٺ واري توڙي مٽ مائٽ سان وڙهيو هو ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪو غير اخلاقي گار گند ڪيو هيائين. سندس زندگي ائين ئي ڪنهن اونهي اسرار جيان ڳجهي ٿيندي وئي ۽ ھُو اُن ڳجھ کي ڪتابن ۾ ڳولهيندو رهيو. ڪتاب جيڪي زندگي جو ڏس ڏيندا آهن پر کيس ڪو به مطمئن ڪندڙ جواب مهيا نه ڪري سگهيا. کوڙ سارا اهڙا سوال ۽ مونجهارا هر روز سندس ذهن ۾ پيدا ٿيندا هئا جن جا جواب ڳولهڻ ۾ کيس کوڙ سارو وقت لڳي ويو. سندس اکين جي روشني جيهڻي ٿيڻ لڳي. سندس جسم هر روز ڪمزور ٿيندو ويو ۽ ھُو آهستي آهستي پنهنجي پاڻ کي دريافت ڪرڻ واري ڊڪ ڊوڙ ۾ پنهنجي پاڻ کي وڃائي ويٺو ۽ هاڻ سندس نالو ڪاغذن تي ائين ئي تر و تازه لکيل آهي ڄڻ هُن ڪالھ پنهنجي محبوب کي ڪو خط لکيو هجي ۽ اُن خط جي ڪنڊ ۾ پُڄاڻي مهل ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ پنهنجو نالو لکيو هجيس. سندس نوٽ بڪ ۾ لکيل سوالن منجهان هڪڙو سوال اڃا به جواب طلب ڪري رهيو آهي ته:” الائي ته ڪنهن پٽيا آهن پر هن پکي جا؟“ 

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو