سرڪاري نوڪري جي اهميت هاڻ گهٽجي رهي آهي

ڪجھ سال پهريان، خاص طور تي سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل نوجوان طبقي لاءِ سڀني کان وڌيڪ اهم ڪم سرڪاري نوڪري ڳولهڻ هو. روزگار جي حاصلات ئي سندس اولين ترجيع هوندي هئي. جيتوڻيڪ وقت سان گڏ انهي حاصلات جي اهميت اڃا به ڪنهن قدر باقي آهي. تنهن هوندي به هاڻ جڏهن اسين حالات جو جائزو وٺون ٿا ته اها ڳالھ بخوبي طور تي سامهون اچي ٿي ته موجوده دور ۾ سرڪاري نوڪري جو ڪوئي ڪارج باقي بچيو ڪونهي. سواءِ مراعتن، گريڊن ۽ پينشن جي. اسان جي معاشري ۾ سرڪاري نوڪري کي ان لاءِ به اهميت ڏني وڃي ٿي ته ڇو جو ان وسيلي ماڻهو جو آئيندو محفوظ ٿئي ٿو. حالانڪ سُڌريل ملڪن ۾ سرڪاري نوڪري جي بدران پنهنجو ذاتي ڪاروبار ڪرڻ يا وري آنلائين ڪمائي ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏني وڃي ٿي. سرڪاري نوڪري دوران صلاحيت يافته ماڻهو جون سڀئي صلاحيتون فريز ٿي وڃن ٿيون. اهو هڪ ئي مدار ۾؛ ”چاڪي جي ڏاند جيان“ ڦرندو رهي ٿو. جڏهن ته ذاتي ڪاروبار يا آنلائين ڪمائي ڪرڻ سان هڪ ته ماڻهو کي هر پل جاکوڙ ڪرڻي پئي ٿي ۽ ٻيو اهو ته انهي جاکوڙ ۾ سندس صلاحيتون اڃا وڌيڪ نکري نروار ٿين ٿيون. ڪجھ ڏينهن پهريان اکين اڳيان اها خبر گذري ته پاڪستان ۾ هن وقت پروفيشنلي طور تي يوٽيوب کي استعمال ڪندڙ/تي ڪم ڪندڙ صارفين جو تعداد ٽي ڪروڙ تي پهچڻ وارو آهي. يوٽيوب تي اهڙو ڪجھ ڇا آهي. جو هر آئي ڏينهن انهي جي واهپيدارن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اسان وٽ هر پڙهيو لکيو ماڻهو سوشل ميڊيا جهڙوڪ فيس بڪ، واٽس اپ، انسٽاگرام ۽ ٽوئيٽر هلائي ٿو. گهٽ پڙهيل لکيل فردن جو به چڱو خاصو تعداد فيس بڪ کي استعمال ڪندڙ آهي. تنهن هوندي به گهڻي سنگت انهي معاملي کان اڃا تائين شايد بي خبر هوندي ته ڊجيٽل دور ۾ هاڻ پيسا ڪمائڻ تمام گهڻو آسان ٿي ويو آهي. هاڻ روزگار جي حاصلات لاءِ نه ئي توهان کي ڪنهن ڊگهي قطار ۾ بيهڻو پوندو ۽ نه ئي ڪنهن ڊگهي روڊ توڙي رستي تي ڊوڙ ڪرڻي پوندي. هن ڪم ۾ توهان پنهنجي ذهن، علم ۽ عقل کي جيترو استعمال ۾ آڻيندا. اوهان کي نتيجا به انهي آڌار تي ئي ملندا ۽ اوهان جو مستقبل خودبخود محفوظ ٿيندو. سرڪاري نوڪري جي ڀيٽ ۾ هن وقت عالمي دنيا جي بازار ۾ جيڪي آنلائين پليٽ فارم موجود آهن ۽ جن تي انفرادي طور ماڻهو ڪم ڪري چڱي خاصي اجرت ڪمائي رهيا آهن. انهن منجهان ڪجھ اهم وسيلن جو تذڪرو هتي اوهان سان ڪجي ٿو. • فائيور هي هڪ اهڙو پليٽفارم آهي. جيڪو تخليقي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن ويب سائيٽ وسيلي اوهان پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهو ٿا ۽ انهي سان گڏوگڏ جنهن به شعبي ۾ اوهان کي مهارتون حاصل آهن. انهن جي وسيلي سُٺي ڪمائي ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن اوهان سُٺو لکڻ ۽ ڪنهن به ٻوليءَ تي سُٺي گرفت رکو ٿا ته اوهان کي هي پليٽفارم ترجمڪاري وسيلي سُٺي ٽيڪ ڏئي ويندو. ان سان گڏوگڏ جيڪي به تخليقي ڪم آهن. جهڙوڪ لکڻ، مصوري، ويڊيو اڊيٽنگ، گرافڪس، يا ٻيا جهڙوڪ مُنجهيل حساب ڪتاب حل ڪرڻ، ڪنهن آفيس يا اداري جي لکيل رپوٽ کي لفظن مان آواز توڙي ويڊيو جي فارميٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪم وغيره وغيره. اهڙا انيڪ ٻيا به ڪم آهن. جن تي ٿوري ئي عرصي ۾ ماڻهو مهارت حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ گهر ويٺي هر مهيني چڱا خاصا پيسا ڪمائي پنهنجي زندگيءَ کي آسان بڻائي سگهي ٿو. • بلاگنگ جيڪڏهن اوهان جو تعلق لکڻ توڙي پڙهڻ واري قبيلي سان آهي ته پوءِ اوهان کي بلاگنگ ڪرڻ گهرجي. جنهن به موضوع تي اوهان لکو ٿا. انهي موضوع جي مناسبت سان هڪڙو بلاگ ٺاهيو. روزاني، پندريهن ڏينهن يا وري مهيني تي هڪڙو مضمون ان تي اپلوڊ ڪيو. بشرط انهي مضمون جو متن ڪنهن ٻئي هنڌان ذرو به کنيل/اڌارو ورتل نه هجي. سموري دنيا مان جڏهن ڪو به ماڻهو انهي موضوع سان لاڳاپيل ڪو مواد ڳولهڻ چاهيندو ته بلاگ تي موجود اوهان جي مواد جي لنڪ گوگل انهي آڏو پاڻهي ڄاڻ کڻي ايندو. هاڻ ته گوگل ۾ خود بخود ترجميڪاري جو آپشن به اچي ٿو وڃي. جنهن وسيلي سموري دنيا اندر ماڻهو پنهنجي زبان ۾ انهي مواد کي پڙهي سگهن ٿا. جنهن کي اوهان ڀلي ڇو نه پنهنجي زبان سنڌيءَ توڙي اڙدو ۾ لکيو هجي. • يوٽيوب آڳاٽي دور ۾ ائين هوندو ٿيندو هو جو جڏهن ڪنهن ڪم، مسئلي يا مونجهاري ۾ ماڻهو مبتلا ٿيندا هيا ته پوءِ انهي ڪم، ڪرت توڙي مسئلي ۾ مهارت رکندڙ فرد ڏانهن پنڌ ڪندا هيا ۽ انهي جي ڏنل راءِ، تجويز ڪيل رستي ۽ ڏسيل واڏ تي هلي ڪاميابي حاصل ڪندا هيا. هن وقت سڀني کان وڏو پهتل پير، باعلم ۽ باصلاحيت پليٽفارم يوٽيوب آهي. جتي دنيا جا انيڪ ماهر ويٺا آهن. دنيا جي هر هڪ موضوع تي اوهان کي هڪ کان وڌيڪ ويڊيوز تحريري توڙي تصويري شڪل ۾ ملي ويندا. هي پليٽفارم پنهنجي واهپيدارن کي انهن جي ويڊيوز جي عيوض اُجرت مهيا ڪري ٿي. هتي هر ماڻهو موتي داڻو ڪونهي. پر هتي جيڪو مسلسل ڪم ڪري ماڻهو ان کي يوٽيوب موتي داڻو سمجهي ٿو/قرار ڏئي ٿو. هن وقت دنيا جا وڏا وڏا ڏاها ۽ مختلف شعبن جا ماهر، باصلاحيت ۽ ناليوارا شخص سمورو ڏينهن ۽ سموري رات يوٽيوب تي پنهنجو گيان ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن ساڳئي ئي ريت سنڌ جو باصلاحيت ۽ هونهار شاگرد/نوجوان طبقو به هن ئي پليٽفارم وسيلي پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪري ۽ انهي جي عيوض ٿوري گهڻي اجرت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ته اهو مقام سندس لاءِ فخر جوڳو ثابت ٿيندو ۽ کيس سرڪاري نوڪري جي حاصلات لاءِ ٿڪائيندڙ مرحلن مان گذرڻ کان به ڇوٽڪارو ملي ويندو. ڇو ته مستقبل آهي ئي ٽيڪنالاجي جو. ٽيڪنالاجي سموري دنيا کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ceyousif@gmail.com (روزاني پنهنجي اخبار ڪراچي، اربع 14 ڊسمبر 2022ع)

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو