Posts

Showing posts from February, 2019

هُن جو شهر خيرپور

Image
هُن جو شهر خيرپور …!                                   هي هُن جو شهر خيرپور آهي، جنهن ۾ هُو پڻ رهي ٿي. جنهن جي اکين ۾ ڏسي ڪري آءُ جيڻ جا جتن ڪندو هيس، جنهن جون اکيون، مون کي پنهنجي هجڻ جو احساس ڏينديون هيون…! هُن جو شهر خيرپور                               جنهن جون کجيون پوري سنڌ ۾ مشهور آهن، جنهن ڏانهن ايندي يا وري سکر وغيره جي روٽ ڏانهن ويندي روڊ جا ٻئي ڪنارا کجين جي قطارن سان سنواريل نظر ايندا آهن…! هُن جو شهر خيرپور                                 جيڪو بالي جو شهر آهي، جنهن ۾ فيض مهل جون روب ۽ ڌٻڌٻو اڃا بہ برقرا آهي. جنهن جي ميرواھ جي ڪپ تي اڃان بہ ڪجھ نوجوان شام جي ٽائيم اداس پاڇن کان پاسو ڪري اچي ڪچهرو هڻندا آهن…! هُن جو شهر خيرپور                               جنهن منجھ قائم مقام ورسٽي ۾ جڏهن مون زندگي جا اهم ترين ورهيه گذاريا تہ مون کي وقت جي گذرڻ جو احساس قطعي بہ ڪونہ ٿيو. هن درسگاه ۾ منهنجي زندگي جو دائرو ايترو تہ وسيع ٿيو جو آءُ هن مهل زندگي سان جهيڙن جو فن سکي ويو آهيان…! هُن جو شهر خيرپور                               جنهن جون سڀئي گهٽيون، سڀئ

دري مان جهاتي…!

Image
بند ڪمري ۾ ڪيترو نہ سڪون ۽ شانتي ڀريو ماحول هوندو آهي. دنيا جا سڀئي گوڙ ۽ گمسان وائڙا ٿي ڪري دري جي ٻاهر پيا گهمندا وتندا آهن. ڪمري جو اندريون منظر اِنهن گوڙ ۽ گمسانن جي وائڙائپ ڏسي ڪري خوش ٿيندو آهي ۽ پنهنجي پاڻ کي انهن کان بهتر سمجهڻ لڳندو آهي. ڪمرو، جيڪو ايترو تہ بيوس ۽ لاچار ٿي پوندو آهي جڏهن سندس اندر پلجندڙ خاموشيون ٻاهر جي پڙاڏن سان هم ڪلام ٿيڻ جي جستجو ۽ ربط کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن…! ڪمرو ڪوشش ڪندو آهي تہ کيس شهر خاموشان جو هڪ ننڍڙو حصو تصور ڪندي ساڻس وڌيڪ ڊيگھ نہ ڪيو وڃي تہ بهتر. ليڪن معاشرتي ڏاڪڙيل، وات ڦاڙو ۽ ڊاڙي ماڻهو ڪٿي ٿان انهن اصلوب تي عمل ڪن. هر ڪو چاهيندو آهي تہ ديوارن کي ڀلي ڪن هجن يا نہ هجن ليڪن انهن ۾ مون کي ٻڌڻ جي صلاحيت ضرور هجي، ديوارون پاڻ خاموش ٿين، ٺپ نہ ڳالهائن، ڪا ٻڙڪ ئي ٻاهر نہ ڪڍن. ها باقي اسان جي قصا گوين ۽ تويل داستانن کي ضرور ٻڌن. اها ريت ائين ئي قائم رهي اهو ضبط ڪنهن بہ صورت ۾ نہ ٽٽي…! ٻئي پاسي دري جي ٻاهران گوڙ ۽ گمسان جو هڪ وڏو ٽولو يا کڻي ڪري ائين چئجي جٿو بيٺل نظر اچي ٿو جيڪو مسلسل وقت بہ وقت دري تي ڌڪ هڻي ٿو ۽ سندس کلڻ يا وري سن

اي منهنجي عظيم ٻولي

Image
اي منهنجي عظيم ٻولي…! ٻاروتڻ ۾ تنهنجي هڪ هڪ لفظ جي اُچار کي اُچارڻ لاءِ مون کي وڏا وس ڪرڻا پوندا هئا، اهو ان لاءِ تہ مون کي ننڍي هوندي کان ئي گهر ۾ بلوچي ٻولي ڳالهائڻ لاءِ ملي، مون جي ذهن جي خالي سليٽ تي جيڪي لفظ پهريان اچي تشريف فرما ٿيا، اُهي بلوچي زبان جا هئا، تنهنجي لفظن جي بيهڪ، سونهن، مهڪ ۽ اُچار کي سمجهڻ لاءِ مون ڪي ئي ساعتون گذاريون ۽ اُنهن تي غور ۽ فڪر ڪيو…! شروع شروع ۾ مذڪر ۽ مونث جي ملاوٽ تمام گهڻي ٿيندي هئي پر وقت جي ويراڳين ۾ ورندي اڄ ان ڪناري تي اچي پهتو آهيان جو تنهنجي موتين جي مالها سان ڪڏهن پرين کي لفظن جا هار ارپيا ٿو تہ وري ڪڏهن تنهنجي جادو ڀري لفظن سان دل جي احوالن کي ڪاغذ تي اُتاريا ٿو، اِها تنهنجي لفظن جي حسناڪي آهي جيڪا پڙهندڙن جي ذهنن کي باغ و بهار ڪري ٿي ڇڏي…! آءُ هر اُن فرد جي تھ دل سان عزت ڪندو آهيان جيڪو تنهنجي لفظن جا مٺڙا ٻول پنهنجي زبان تي آڻيندي مون سان مخاطب ٿيندو آهي، ان جي برعڪس مون کي ڏاڍي چڙ لڳندي آهي انهن فردن تي جيڪي تنهنجي مٺاس ڀري لفظن کي زبان تي آڻڻ کي عيب سمجهندا آهن، جيڪي مون سان ٻين ڌارين ٻولين جي ڪڙواهٽ ڀري لفظن سان ڳالهائيندا

ڪوتا جِي ڪَلا

Image
ڪوتا جِي ڪَلا ارسطو جي جڳھ مشهور ڪتاب پوئٽڪس جو ترجمو آهي، پوئٽڪس معنيٰ ” شاعري جو فن “. چيو وڃي ٿو تہ ارسطو جو هي جڳ مشهور ڪتاب دنيا ۾ مجموعي طور سڀني ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، هن ڪتاب جو موضوع تنقيد آهي، تنقيد بہ اُها جيڪا شاعري سان لاڳاپيل هجي، هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ الائي ڇو اهو احساس ٿي ٿو تہ هن ڪتاب جي واقعي سنڌي ادب کي انتهائي درجي جي گهرج هئي جيڪا گهرج اسان جي هن نوجوان پياري ڀاءُ شاعر احمد شاڪر پوري ڪئي آهي …! احمد شاڪر سان ادبي لڳاءُ گهڻن ڏينهن کان دل ۾ موجود هو، سندس شاعري کي پڙهڻ کان پوءِ ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ من مادو هو. ڀلو ٿي انهن سڀني مهربانن جو جن ٻيو خيرپور لٽريچر فيسٽول جيم خانہ خيرپور ۾ منقد ڪيو، اتي احمد شاڪر سان ملاقات ٿي ۽ سندس هي انمول ڪتاب مطالعي لاءِ نصيب ٿيو…! ارسطو جيتوڻيڪ فلسفي جي تعليم سان گهڻو واڳاپيل هو ان لاءِ هن ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي اهو محسوس ٿي ٿو تہ ارسطو شاعري تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ ڄڻ پنهنجو ڪو فلسفو ٻڌائيندو هجي مثال طور سندس هي لفظ: شاعري جي اصل جڙ ۽ ان جي ارتقا: شاعري جي تخليق اصل ۾ ٻن سببن جي ڪري ٿيندي آهي. اهي ٻئي سبب انساني فطرت سا

تعليم جي بهتري لاءِڪجھ تجويزون

Image
جڏهن بہ ڪنهن معاشري ۾ قائم ٿيل اصول يا ضابطہ جن تحت اُهو معاشرو پنهنجي بقا کي يقيني بڻائيندو آهي، اُهي فرسوده بڻجي وڃن يا بڻجندي نظر اچن تہ پو۽ اُتان جي هر پڙهيل لکيل توڙي باشعور فرد تي اهو لازمن زمينداري عائد ٿئي ٿي تہ ان معاشري ۾ واقع ٿيل انهن فرسوده ۽ غير معياري اصولن جي نشاندهي ڪري ۽ سندن ناڪاره بنجڻ جا سبب ڳولي ۽ ان سان گڏوگڏ سندن ناڪاره بنجڻ ڪري ان معاشري کي جيڪي نقصان لائق ٿيڻ وارا هجن انهن کان بہ کين آگاهي فراهم ڪري، علم جو مقصد روشني حاصل ڪرڻ آهي روشني جي هود سوند ۾ اگر ڪو فرد اونداهين جي گهيري ۾ خاموش سڪونيت حاصل ڪري ويٺو هجي تہ ان کي سندس ناداني جي انتها نہ چئجي تہ ڀلا ڇا چئجي…! اهڙي علم حاصل ڪرڻ جو مقصد ئي ڪهڙو جيڪو علم انسان کي پنهنجي بنيادي حقن جي خبر رکڻ کان محروم رکي يا انهن جي حاصلات لا۽ ڪو مناسب راه فراهم نہ ڪري سگهي، سالن جا سال هڪ ئي پارٽي جا سرگرم ڪارڪن رهي ڪري بہ اگر ڪنهن ماڻهو جا ڪي هلڪا ڦلڪا مسئلا بہ حل نه ٿو ڪرائي سگهي تہ کيس اهو چٽي نموني سمجهڻ گهرجي تہ سندس اهميت هاڻ ڪا بہ نہ رهي آهي، ان سان گڏوگڏ ان فرد کي پنهنجي اردگرد جي ماحول جو چڱي طرح جائزو وٺڻ گه

جهڙو فڪر تهڙو وکر

Image
جڏھن انسان منجهان ڪوشش ڪرڻ واري قوت ڪمزور ٿيڻ لڳندي آهي تہ تڏهن وري قسمت تي اعتبار ڪرڻ وارو عقيدو سگهارو ٿيڻ لڳندو آهي حالانڪ اڄ تائين دنيا جي ڪامياب ترين انسانن قسمت جي آسري تي پنهنجي مستقبل کي ڪڏهن بہ ڪين ڇڏيو آهي. پر ڇا ڪجي اسان جي معاشري جي اڪثريت عقيدن جي اوٽ ۾ محنت ڪرڻ کان قاسر آهن قوت، وسيلا توڙي موقعا ميسر هجڻ جي باوجود قسمت تي ڀاڙي ڪري پنهنجي آئيندي جو اختيار ڪنهن اهڙي قوت حوالي ڪري ڇڏيندا آهن…! جنهن قوت جي وجود بابت بہ وٽن ڪو خاص خاڪو يا ظاھري شڪل موجود ڪين هوندو آهي. انسان هن ڪائنات جو محور ۽ مرڪز هجڻ جي باوجود بہ جيڪڏهن پاڻ کان ڪمزور قوتن جي حوالي ڪري ۽ پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ جو ٺيڪو کين ڏئي ڪري پاڻ سڪون واري حالت ۾ گوشا نشين ٿي تہ پوءَ شايد قدرت وارو بہ سندس مدد ڪرڻ لاءَ تيار ڪونہ ٿيندو، ٿيندو ائين آهي تہ جڏهن اسين ڪنهن ڪم يا ارادي ۾ ناڪام ٿيندا آهيون تہ تڏهن يڪدم اسان جي ذهن تي اِهو خيال تري ايندو آهي…! تہ شايد اِها شئي اسان جي قسمت ۾ نہ هئي. هاڻ جڏهن قسمت پاڻ ايڏي ڪمزور ۽ بي وس هوندي آهي جو کيس ٺاهڻ توڙي سنوارڻ ۾ اهم ڪردار حضرت انسان جو پنهنجو ئي هوندو آهي پر

سنڌ هاڃا ۽ هيڻا ماڻهو

Image
ڪتاب تي تبصرو                     سنڌ هاڃا ۽ هيڻا ماڻهو                                                       ليکڪ نواز خان زئور سنڌ ڌرتي جي مجموعي صورتحال توهان اسان سڀني جي سامهون آهي. هر روز نت نوا ڪالم، مضمون توڙي ڪهاڻيون سنڌ جي دردن جون عڪاسي ڪن ٿيون. لکڻ کان هٽي ڪري وري ڳالھ ٻولھ، ميل ملاقات توڙي ڪچهرين ۾ پڻ سنڌ ڌرتي جي سورن توڙي تڪليفن جو تذڪرو وڏي جهجي تعداد ۾ ڪيو ويندو آهي اُن جي باوجود ڪجھ ليکڪ اهڙا هوندا آهن جيڪي سنڌ ڌرتي سان ٿيندڙ هر هڪ ناحق، بي واجبي توڙي نا جائزي تي پنهنجي علمي، ادبي توڙي عملي ڪم سان آواز بلند ڪندا آهن. سنڌ هاڃا ۽ هيڻا ماڻهو ڪتاب جو ليکڪ نواز خان زئور پڻ انهن ماڻهن مان هڪ آهي جنهن کي پنهنجي ڌرتي جو اونو ۽ فڪر گهڻو تڻو آهي. مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد ۽ سنڌ جي سرموڻ ليکڪ عبدالواحد آريسر کان پوءِ نواز خان زئور اهو ماڻهو آهي جنهن جا ڪالم، مضمون توڙي لکڻيون سنڌ ڌرتي کي پنهنجو محور ۽ مرڪز سمجهندي سندس ئي ڳالهين سان ٽمٽار هجن ٿيون، سندس هر هڪ ليک ۾ سنڌ جي مسئلن، انهن جي تباهڪارين توڙي انهن جي حل لاءِ انتهائي مفيد ۽ ڪارائتا تجويز ڏنل هوندا آهن.