Posts

Showing posts from July, 2019

ڌرتي جي شاعر جي شاعري جو جائزو

Image
شاعري هر ڏينهن مون آڏو نئي نويلي ڪنوار وانگر تيار ٿي ڪري سامهون اچي ٿي ۽ آئون سندس حُسانڪي کي ڏسي ڪري حيران کان حيران ڪُن حد تائين پهچي ٿو وڃان. اِيڏي ڇَڪ، ايڏي پنهنجائپ ته مون پنهنجي تخليقن ۾ به ڪونه ڏٺي هئي ۽ نه ئي مون ڪڏهن شاعري کي ايترو سمجهيو هو. شاعري ته پڙاڏو ٿي ڪري مون آڏو پنهنجا سُڏ ورنائڻ جي ڪوشش ڪري پئي ۽ آئون ڪنهن بي زبان جانور جيان کيس تعجب وارن نظرن سان ئي ڏسندو رهان ٿو. منهنجو ذاتي مزاج ايڏو ته اڀاڳو رهيو آهي جو مون هميشه شاعري کي پاڻ کان ڌِڪي پري ڪيو آهي پر وري به شاعري مون وٽ وقت جي تقاضائن سان حاضريون ڀريندي رهي آهي. شاعري اِها ڪوشش ڪندي رهي آهي ته آئون سندس اهميت کي سمجهان، آئون سندس افاديت جو اندازو لڳائي سگهان.  آئون سندس اکين ۾ اکيون نهار ڪري ڪي گهڙيون ساڻس ڪچهريون ڪريان. شاعري ائين ئي ٻين جي هٿن سان لکجي ڪري مون وٽ مهمان ٿي ڪري ايندي رهي آهي. آخرڪار مون کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. صدين جي وڇوٽن کي ختم ڪري مون کيس ڳل ڳراٺيون پاتيون ۽ سندس نراڻ تي هڪ چُمي ڏني. ڪجھ ڏينهن پهريان آئون محراب پور شهر، نوجوان شاعر شڪيل احمد سان ملڻ ويس. ساڻس ملاقات

نوڪري واري ٽيسٽ ڪئين ڏجي

Image
ٿيندو ائين آهي ته جڏهن اسين ڪنهن نوڪري جي حاصلات لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ ويندا آهيون ته اڪثر ڪري اسين ڪنهن قدر گهٻرائجي ويندا آهيون! بس هڪڙي ئي ڳڻتي هوندي آهي ته سوال اَلائي ڪهڙي نوعيت جا هوندا؟ سوال اَلائي ڪٿان ۽ ڪهڙا ايندا؟ انهي مونجهاري واري حالت ۾ اسان جو ذهن منتشر ٿيڻ لڳندو آهي ۽ اسين اڻ ڄاتل توڙي اڻ ڏٺل خوف ۾ مبتلا ٿي ڪري سڄي ساري ٽيسٽ جو خانو خراب ڪري ايندا آهيون! سڀ ڪجھ پڙهيل هجڻ جي باوجود به امتحان حال ۾ اسان جي کوپڙي خالي ٿي ويندي آهي ۽ اسان ٽيسٽ غلط ڪري ايندا آهيون جنهن سبب بي روزگاري اسان جو مقدر بڻجي ويندي آهي! اچو ته اِهو سکون ته نوڪري واري ٽيسٽ ڪئين ڏجي ۽ ڪهڙن اصولن تي پيرا عمل ٿي ڪري پاڻ هر قسم جي ٽيسٽ کي پاس ڪري سگهون ٿا! • سڀ کان پهريان ته توهان ائين ڪندا ڪريو ته ٽيسٽ ۾ جيڪڏهن ڪوئي تفصيلي مضمون انگريزي ۾ ڏنل آهي ته اُنهي مضمون کي پڙهڻ يا اُنهي جا جواب تلاش ڪرڻ بجاءِ اُنهي کي فلحال ڇڏي ڏيو! ڇو ته ٿيندو ائين آهي جو ڪافي اميدوار انهي مضمون کي پڙهڻ، سمجهڻ توڙي انهي مان جواب تلاش ڪرڻ جي چڪر ۾ سوالنامي ۾ مليل باقي سوالن جي جواب ڳولڻ ۾ ناڪامياب ويندا

تخليق به تڙپي ٿي - تي هڪ نظر

Image
شاعري اُداس روحن جي هڪڙي پُڪار آهي. هِي اُنهن المياتي گهڙين جي هڪ رڙ آهي. جيڪا رڙ هن سماج جي گرمن هوائن ۾ پنهنجو سفر مڪمل نه ڪري سگهندي آهي! شاعري بنيادي طور احساسن جو هڪ حسين جوڙجڪ آهي. اِنهي جوڙجڪ مان ئي شاعر جي مزاج ۽ طبعيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ڪجھ ماڻهو شاعري کي لفظن جو خوبصورت سنگم سمجهندا آهن! کين اِهو گمان هوندو آهي ته اکرن کي اڳتي ۽ پوئتي ڪري لکڻ سان جيڪا شئي وجود ۾ ايندي آهي اُن کي شاعري چئبو آهي حالانڪ ائين قطعي ڪونه آهي! شاعري لفظن جي روپ ۾ جڏهن سرجندي آهي ته اُها پنهنجي پاڻ سان گڏ احساسن، خوابن ۽ تمنائن کي گڏ بلڪل ائين ئي کڻي ايندي آهي! جئين علي عاجز پنهنجي ڏيڍ سٽن واري ڪتاب ” تخليق به تڙپي ٿي“ ۾ احساس کڻي آيو آهي!  سندس ڪتاب ۾ موجود ڏيڍ سٽا ۽ ڏيڍوڻيون مالهائون فن، فڪر توڙي سڀني تقاضائن کان پوريون محسوس ٿين ٿيون! اچو ته سندس ڪجھ ڏيڍ سُٽن جو جائزو وٺون: • ھُو ڏاند ويو جوٽي! من لاڀُ لُڻان عاجز، ٿو ماءُ مِٽي کوٽي! • بُڪ، پين، قلم ۽ مان! اڄ يار پهاڙن تي، توکي ته پيو سڏيان. • طوفان اچي ويندو! منهنجو ته ڪکائون گهر، ها هيل وري

تعليمي نصاب ڪئين هجڻ گهرجي

Image
قسط 01 يوسف جميل لغاري تعليم جي سرشتي کي اڳتي وڌائڻ توڙي اُنهي کي هلائڻ ۾ نصاب جو اهم ڪردار هوندو آهي. جيڪڏهن تعليمي نصاب فرسوده ۽ وقت جي مناسبت سان جديد نه هوندو ته يقينن اهو نصاب لاڀائتو نه ٿي سگهندو ۽ اُن مان مطمئن ڪندڙ نتيجا به اخذ ڪونه ڪري سگهبا.  سنڌ جي تعليمي نصاب جي حوالي سان حالانڪ کوڙ ساريون ڳالهيون ڌيان طلب آهن جنهن ۾ سڀني کان اهم ڳالھ اِها آهي ته تعليمي نصاب ڪئين هجڻ گهرجي. تعليمي نصاب ۾ ڪهڙيون شيون ڪهڙي درجي ۾ شامل هجن ۽ ڪهڙن شين کي مستقل بنيادن تي نصاب جو حصو بڻائجي ۽ ڪهڙن شين کي نصاب ۾ عارضي بنيادن تي جڳھ فراهم ڪجي.  پاڻ وٽ الميو اِهو آهي ته نصاب جي بهتري لاءِ تعليم کاتي وٽ نه ئي ڪي ڪنهن ماهرن جي ڪا ٽيم تشڪيل ڏنل آهي ۽ نه ئي وري تعليمي نصاب جي حوالي سان سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان ڪنهن قابل توڙي هوشيار اُستادن کان ڪي تجويزون ورتيون وڃن ٿيون.  هر سال نصاب جي ترتيب ڏيڻ مهل تعليم کاتو حڪومت سنڌ پنهنجي مرضي سان نصاب جوڙي ڪري سنڌ اندر تعليمي ادارن کي ڪتاب فراهم ڪري ٿي ۽ اڪثر دفعا ائين به ٿيو آهي ته انهي پنهنجي مرضي واري روايت سبب تعليمي نصاب ۾ ڪافي غلطين جي

Regularize IBA HMs

Image
سنڌ اندر جيتوڻيڪ سڀني شعبن ۽ کاتن ۾ سهولتن جو ڏيوالپوڻو آهي پر انهي جي باوجود به سنڌ جو هر عام توڙي پڙهيل لکيل فرد اِهو چاهي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ تعليم جو شعبو، صحت جو شعبو ۽ قانون جو شعبو ٻين شعبن کان وڌيڪ بهتر ۽ ڪار آمد هجن.  ڇو ته هنن ٽنهي شعبن جو واسطو انساني زندگي، معاشرتي ڀلائي ۽ پر امن سماج سان واسطو رکن ٿا. تعليم بهتر هوندي ته ماڻهو صحت جي اصولن جي پابندي ڪندا جنهن سان بيماريون گهٽ ٿينديون ۽ عام ماڻهو صحت مند زندگي گذاري سگهندو.  انهي حساب سان جتي تعليم ۽ صحت جون سهولتون هجڻ سان گڏوگڏ قانون جا سڄو نظام به فعال ۽ ڪار آمد هوندو ته اُتان جا ماڻهو شعوري فرد هجڻ سان گڏوگڏ سماج جي بهترين اڏاوت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا ۽ انهي نموني هڪ مثالي سماج قائم ٿيڻ شروع ٿيندو ۽ انساني زندگي سولائي سان پنهنجو سفر مڪمل ڪري سگهندي. پاڻ وٽ سنڌ اندر هنن ٽنهي شعبن ۾ بهتري جي ڪافي گنجائش موجود آهي. سڀني کان وڌيڪ بهتري جي ضرورت وري تعليم کاتي ۾ آهي. ڇو ته هي بنيادي شعبو آهي جيڪو باقي شعبن کي ترتيب ڏئي ٿو ۽ انهن کي اڳتي وڌڻ لاءِ گس فراهم ڪري ٿو.  گذريل ڪجھ سالن کان وٺي تعليم جي کاتي کي بهتر ب

ادارن جي تباھ حالي ۽ نوجوانن جو مستقبل

Image
سنڌ جو نوجوان هن جديد دور ۾ به انيڪ مسئلن ۽ مونجهارن جو شڪار آهي. ڪجھ اهڙن مسئلن سان سرشار آهي جيڪي حل طلب آهن. سماجي، معاشي ۽ دنياوي گهرجن کي مد نظر رکي ڪري سوچجي ٿو ته ائين محسوس ٿئي ٿو هي مسئلا اڄ جي نوجوان کي نه صرف ذهني طور پريشان ڪندڙ آهن بلڪ سندس سنهري مستقبل کي به خطري ۾ آڻڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. اسان جو اڄ جو نوجوان خواھ پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل هن وقت هڪ اهم ۽ سنجيده وبا کي منهن ڏئي رهيو آهي. جنهن وبا کي بي روزگاري چئجي ٿو. اعليٰ تعليمي ادارن کان ڊگري وٺڻ جي باوجود به روزگار جو ڪو خاطر خواھ بندوبست نه هجڻ سبب اڄ جو نوجوان نفسياتي طور احساس ڪمتري ۾ مبتلا آهي ۽ سندس شخصيت نسرڻ جي بجاءِ ويڳاڻپ واري ڪيفيت ۾ مبتلا ٿيندي ٿي وڃي. اسان جو معاشرو جهڙوڪ وقت جي تناسب سان ترقي به ڪري رهيو آهي ۽ اِنهي ترقي جي بدولت مفاصلا ڪنهن قدر گهٽيا به آهن. رابطن جا جديد وسيلا متعارف ٿيڻ کان پوءِ هر شئي تائين پهچڻ ممڪن ۽ آسان به ٿي پيو آهي پر انهي جي باوجود به روزگار جا موقعا گهٽ هجڻ يا بنھ نه هجڻ واري حالت اڄ جي تربيت يافته نوجوان جي تخليقي صلاحيتن کي ميساري رهيو آهي. مجموعي طور سنڌ جي سڀني شهرن

صلاحيتن کي نکارڻ وارا 7 اهم ڪم

Image
احساس مئگزين حيدرآباد، جون جي شماري ۾ ڇپيل منهنجو ترجمو ڪيل مضمون: صلاحيتن کي نکارڻ وارا 7 اهم ڪم: ليکڪ: ميان جمشيد ترجمو: يوسف جميل لغاري انهي ڳالھ تي مڪمل طرح سان يقين رکو ته توهان هڪ باصلاحيت فرد آهيو. اِها الڳ ڳالھ آهي ته توهان ڪڏهن پنهنجي اندروني صلاحيتن کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي يا جيڪڏهن ڪئي به آهي ته مڪمل ڄاڻڻ کان پهريان ئي پنهنجي ارادي تان هٿ کڻي ويا يا وري ڄاڻڻ کانپوءِ به انهن صلاحيتن کي نکارڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. ڪجھ ماڻهو پنهنجي اندر ۾ صلاحيتن سان ٽمٽار هوندا آهن پر اُهي پنهنجي صلاحيتن کان لاتعلقي اختيار ڪيل هوندا آهن. انهن کي پنهنجي قابليت، هنر توڙي فن جي مڪمل سُڌ نه هوندي آهي. جنهن سبب اُهي صلاحيت يافته هجڻ باوجود ويڳاڻا ۽ وائڙا لڳا پيا هوندا آهن. دوستو هي ڳالھ اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته هر انسان ۾ صلاحيتون ڪنڊي جي وڻ جيان موجود هونديون آهن. انهن جي مناسب ڪٽائي، صفائي ۽ ڇانگ وغيره ضروري هوندي آهي. تڏهن ئي اُهي استعمال جي قابل ٿينديون آهن نه ته اُهي ڊينگرن جي صورت ۾ ئي اسان جي اندر ۾ موجود هونديون آهن. جهڙي ريت ڪنڊي جي وڻ کي ڇانگي ڪري صاف ڪيو وي

پيار جي پيچرن ۾ لتاڙيل پند جا حوالا

Image
انسان ڪيفيتن آڏو مجبور ٿيندي ڪڏهن انهن ڪيفيتن کي منفي روين جي شڪل ۾ اظهاريندو آهي ته وري ڪڏهن انهن ڪيفيتن کي سهڻو سيبتو ڪري مثبتي لباس پارائي ٻين اڳيان پيش ڪندو آهي ته جيئن ٻيا ماڻهو انهن ڪيفيتن جي شدت کي محسوس ڪندي اُنهن منجهان سبق حاصل ڪري سگهن.  هاڻ انهن ڪيفيتن کي ڪجھ ماڻهو تقريري انداز ۾ بيان ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن ته وري اُتي ئي ڪجھ ماڻهو وري انهن ڪيفيتن کي تحريري انداز ۾ لکڻ کي ترجيع ڏيندا آهن ۽ انهي تحريري انداز ۾ ماهر ٿي پوندا آهن جن کي ليکڪ چئجي ٿو. جيتوڻيڪ اظهار جا هي ٻئي نمونا پنهنجي جاءِ تي سٺو اثر رکندڙ آهن. ادب ۾ جڏهن ڪنهن ڳالھ جو تذڪرو ڪيو ويندو آهي ته عين اُن وقت ناول جي صنف کي پڻ ياد ڪيو ويندو آهي ڇو ته ناول هڪ اِهڙي سگهاري صنف آهي جنهن مان ناولنگار جي مطالعي، مشاهدي توڙي سندس ادبي ذوق جي اسان کي پتو پوندو آهي. ناول مان ئي ناولنگار جي نفسيات جو اندازو ٿي ويندو آهي.  سندس سوچڻ، سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي حس جو علم سندس ناول کي پڙهي ڪري پڙهندڙن کي پتو پوندو آهي ته ناولنگار ڪئين سوچي ٿو. ڇا سوچي ٿو ۽ ڪهڙي مهل سوچي ٿو. ڪجھ ناول اِهڙا هوندا آهن. جن کي پڙهي ڪر

تعليمي نصاب ۾ بهتري وارو سوال؟

Image
تعليم جي سرشتي ۾ نصاب کي اهميت حاصل آهي ڇو ته نصاب کان بنا تعليم جو حصول ممڪن ئي ڪونهي پر الاءِ ڇو سنڌ جي تعليم کاتي ۾ نصاب طرف ڪوبه خاطر خواھ ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي.  حالانڪ سُنڌ صوبي جي ڀيٽ ۾ ٻيا صوبا ڪنهن قدر پنهنجي نصاب تي نظر ثاني ڪن ٿا ۽ اُنهي ۾ سُڌارا آڻڻ لاءِ اُپاءُ وٺن ٿا. نصاب جي بهتر توڙي جديد هجڻ سان نئون نسل دنيا اندر نت نون تخليقن کان واقف ٿين ٿا ۽ انهن جي معيار، قدر توڙي اهميت کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا.  نصاب تعليمي ۽ تربيتي حڪمت عملين جي آئوٽ لائين هوندي آهي. جن جي دائري ۾ رهي ڪري نئي نسل کي علمي، فڪري ۽ تخليقي بنيادن تي تيار ڪيو ويندو آهي. پاڪستان جي چئني صوبن ۾ مختلف تعليمي نصاب رائج ٿيل آهي. جنهن سبب چئني صوبن جا شاگرد هڪ ٻي کي سمجهڻ ۽ هم خيال ٿيڻ کان قاصر آهن. تعليمي نصاب کي هر ٽن سالن يا پنجن سالن کان پوءِ بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن.  جرمني، چين، فرانس ۽ جاپان جي حڪومت بدلجندڙ عالمي منظرنامي کي مد نظر رکندي پنهنجي نصاب کي پنهنجي ماڻهن جي سمجھ مطابق بڻايو ۽ سڄي ساري نصاب کي انگريزي ٻولي جي بجاءِ پنهنجي ملڪ جي ٻولي ۾ رائج ڪيو. 

جديد دور جون تعليمي تقاضائون

Image
هن وقت سنڌ اندر تعليم جي تباھ ڪارين تي هر روز کوڙ سارا ڪالم ۽ مضمون لکجن ٿا. هن موضوع کي وڏي پيماني تي بحث هيٺ آندو وڃي ٿو. هر مصنف، ڪالم نگار ۽ تبصرو ڪندڙ پنهنجي علم توڙي عقل ۽ فهم جي آڌار تي تعليم جي بهتري لاءِ ڪجھ تجويزون پيش ڪري ٿو.  هِاڻ ڏسڻو اِهو آهي ته اسان جي تعليمي نظام کي جديد دور جي تقاضائن مطابق ڪهڙيون گهرجون آهن. جن گُهرجن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ اسان جو تعليمي نظام بهتر نتيجا فراهم ڪندو. دنيا جي مجموعي مُلڪن ۾ تعليم جي شعبي کي جديد کان جديد تر بڻائي ڪري هر هڪ تفصيل، هر هڪ تخليق توڙي هر هڪ نواڻ کان سکندڙن کي روشناس ڪرايو وڃي ٿو.  اِنهي جي اُبتڙ وري اسان جي سنڌ ۾ اُستادن جي کوٽ، اسڪولن جي کوٽ، سهولتن جي کوٽ توڙي هر هڪ گهربل خيال توڙي عمل جي به تعليم کاتي ۾ کوٽ آهي. جنهن جي ڪري تعليم کاتي ۾ ڪا به نواڻ نه ٿي اچي. ڪا به بهتري برپا نه ٿي ٿئي. هر روز تعليم کاتي ۾ مخلتف تجربا ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن تجربن مان بهتري جي توقع پڻ ڪئي وڃي ٿي ليڪن اِنهن نت نون تجربن مان ڪڏهن به ڪو فائدي جو امڪان نظر نه ٿو اچي.  جديد دنيا جي تقاضائن کي مد نظر رکندي جڏهن سنڌ جي تعليمي نظ

انسان، ڪيفيتن جو محتاج مسافر

Image
انساني مزاج ۾ فطرتي طور هڪ اهڙو خودڪار نظام متعارف ٿيل آهي جيڪو وقت ۽ حالاتن جي مطابق انساني مزاج کي متوازن رکڻ جو ڪردار ادا ڪري ٿي. انهي خودڪار نظام جو هڪ اعليٰ پهلو اِهو پڻ آهي ته انسان، مزاج جي مٽا سٽا ٿيڻ واري عمل کان به وقت سر واقف ٿئي ٿو. ڪيفيتن جي اِنهي گهيري ۾ اچي ڪڏهن انسان خوش ٿيندو آهي ته وري ڪڏهن کيس مايوس به ٿيڻو پوندو آهي. هڪڙا ماڻهو انهي عمل کان واقفيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي پاڻ کي اِهڙي نموني مضبوط ڪري وٺندا آهن جو موسمن جي تبديل ٿيڻ سان توڙي حالاتن ۽ واقعاتن جي تبديل ٿيڻ سان پاڻ تي ڪو فرق آڻڻ ڪونه ڏيندا آهن. پر پوءِ به ڪجھ گهڙيون، ڪجھ پل اسان تي پنهنجو گهڻو اثر ڇڏينديون آهن. جنهن اثر سبب اسان جي روين ۾ تبديلي رونما ٿيندي آهي ۽ اسان جا مزاج مٽجڻ لڳندا آهن. اسان جو پاڻ تان ضابطو ٽٽي پوندو آهي ۽ سڀ ڪجھ هوندي به ڄڻ اسان خالي ٿي پوندا آهيون. محبتن جو ماريو ماڻهو اڪيلو ڪيڏانهن ٿو وڃي سگهي. هڪڙا ماڻهو پيار جون پناهون تلاش ڪندي نه ڄاڻ ته الاءِ ته ڪهڙي پار وڃي پهچندا آهن ته وري ٻيا ماڻهو انهي تلاش جي آس ۾ اکيون نڇاور ڪندي سمنڊ جي ڇولين کي هر روز التجائي اکين