تعليمي نصاب ۾ بهتري وارو سوال؟




تعليم جي سرشتي ۾ نصاب کي اهميت حاصل آهي ڇو ته نصاب کان بنا تعليم جو حصول ممڪن ئي ڪونهي پر الاءِ ڇو سنڌ جي تعليم کاتي ۾ نصاب طرف ڪوبه خاطر خواھ ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي. 

حالانڪ سُنڌ صوبي جي ڀيٽ ۾ ٻيا صوبا ڪنهن قدر پنهنجي نصاب تي نظر ثاني ڪن ٿا ۽ اُنهي ۾ سُڌارا آڻڻ لاءِ اُپاءُ وٺن ٿا. نصاب جي بهتر توڙي جديد هجڻ سان نئون نسل دنيا اندر نت نون تخليقن کان واقف ٿين ٿا ۽ انهن جي معيار، قدر توڙي اهميت کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا. 

نصاب تعليمي ۽ تربيتي حڪمت عملين جي آئوٽ لائين هوندي آهي. جن جي دائري ۾ رهي ڪري نئي نسل کي علمي، فڪري ۽ تخليقي بنيادن تي تيار ڪيو ويندو آهي.

پاڪستان جي چئني صوبن ۾ مختلف تعليمي نصاب رائج ٿيل آهي. جنهن سبب چئني صوبن جا شاگرد هڪ ٻي کي سمجهڻ ۽ هم خيال ٿيڻ کان قاصر آهن. تعليمي نصاب کي هر ٽن سالن يا پنجن سالن کان پوءِ بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن. 

جرمني، چين، فرانس ۽ جاپان جي حڪومت بدلجندڙ عالمي منظرنامي کي مد نظر رکندي پنهنجي نصاب کي پنهنجي ماڻهن جي سمجھ مطابق بڻايو ۽ سڄي ساري نصاب کي انگريزي ٻولي جي بجاءِ پنهنجي ملڪ جي ٻولي ۾ رائج ڪيو. 

جنهن جي ڪري اُتان جي ماڻهن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪائي رنڊڪ به محسوس نه ٿي ٿئي ۽ ھُو پنهنجي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ به سُٺي نموني سان ڪم ڪن ٿا.

اسان وٽ الميو اِهو آهي ته صدين کان وٺي ڪري ساڳي تعليمي نصاب جي ڪري ڪا به نواڻ نه ٿي اچي. نئي نسل جا ٻالڪ ذهني طرح مونجهارن جا شڪار ٿين ٿا ۽ انهي مونجهارنن جي ڪري سندن لاڙو تعليم طرف منفي توڙي ڌڪارت وارو هجي ٿو. 

ايڪويھن صدي جي هن جديد دور ۾ به اسان جي نصاب ۾ ريڊيو جا فائدا پڙهايا وڃن ٿا. هاڻ سوچڻ جهڙي اِها ڳالھ آهي ته هن جديد طور ۾ ريڊيو جي اهميت ۽ ڪارج کي نصاب ۾ لکڻ ۽ شاگردن کي ياد ڪرائڻ جو ڪهڙو فائدو آهي. 

دنيا ريڊيو کان گهڻو اڳتي نڪري ڪري اشارن سان مشينن کي هلائڻ جي فن تائين پهچي چڪو آهي. پر اسان جي سونهاري سُنڌ ۾ تعليم کاتو اڃا به ريڊيو جا فائدا ٻڌائڻ ۾ پنهنجي ترقي سمجهي ٿو. هڪ سروري جي مطابق پاڪستان جو تعليمي نصاب دنيا جي ٻين ملڪن جي نصاب کان پنجاھ کان سٺ سال پوئتي آهي.

سنڌ جي تعليمي نظام ۾ سائنسي نصاب به فرسوده بڻيل آهي. صدين کان ساڳيا نظريا ۽ دريافتون پڙهايا وڃن ٿا. سائنسي نصاب جي اڻهوند ڪري سائنسي دنيا سان گڏ هلڻ لاءِ اسان جو شاگرد ڪو به پيش رفت نه ٿو ڪري سگهي. 

ڇو ته هُو سائنس جي دنيا ۾ آيل تبديلن کان مڪمل طرح کان اڻ واقف آهي. سنڌ جي مجموعي طور سڀني اسڪولن توڙي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سائنس جي تجربيگاهن جي کوٽ آهي. 

پوري سنڌ اندر اهڙو ڪوبه ادارو موجود ڪونه آهي جنهن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ته سنڌ مان به ڪي چند شاگرد سائنس جي بدلجندڙ دنيا سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ هلي رهيا آهن ۽ پاڻ مڃائي رهيا آهن. پوري سنڌ جو اِهو حال آهي. 

دنيا سائنس جي مدد سان هر روز نيون شيون ايجاد ڪري رهي آهي ۽ اسان اڃا تائين سائنس جي اصل وصف کان به واقف ڪونه ٿي سگهيا آهيون.

هن وقت پوري پاڪستان ۾ سڀني کان وڌ تعليم جو تناسب جنهن علائقي جو آهي اُهو علائقو آهي آزاد ڪشمير جو شهر مظفرآباد. هن علائقي ۾ تعليم جي شرع ايتري وڌ هجڻ جو سبب اِهو آهي ته اُتان جي حُڪومت توڙي مقامي ماڻهو علم جي اهميت کان واقف آهن ۽ تعليم طرف سنجيدگي وارو رويو رکن ٿا. 

کين خبر آهي ته تعليم کانسواءِ ترقي ممڪن ئي ڪونه آهي. مون آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪافي هوشيار شاگردن کان اُنهن جي تعليمي ڪار وهنوار بابت ڪافي معلومات ورتي آهي. 

جنهن ۾ مون اهو ڄاتو آهي ته اُتان جي شاگرد طبقي توڙي اُستاد طبقي جي نظر دنيا اندر نون ايجادات تي آهي. هُو هر هڪ نئي نواڻ کي قبول ڪن ٿا ۽ پاڻ کي توڙي پنهنجي معاشري کي انهي مقام تي پهچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙن ٿا. 

انهن جي ڀيٽ ۾ وري اسان وٽ تعليم کاتي جا عملدار توڙي اعليٰ اختيار ۽ واڳ ڌڻي سڀئي جو سڀ بس وقت کي اڳتي ڌڪڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪنهن وٽ به ڪو موثر ۽ ديرپا نتيجا ڏيندڙ ڪو پلان ڪونه آهي.

حڪومت جي اِنهي ڪن لاٽار سبب نقصان نئي نسل کي ٿي رهيو آهي ڇو ته هُو دنيا جي مڙني ڪمن ڪارن کان اڻ واقف ٿي ڪري سطعي درجي جي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. 

جنهن تعليم جو کيس فائدو ته بنھ گهٽ پر نقصان گهڻو ٿي رهيو آهي ڇو ته سندس وقت ۽ عمر انهي سطعي تعليم ۾ ئي کپي وڃن ٿا. وري اڳتي هلي کيس سندس تخليقي صلاحيتن تان به هٿ کڻايو ٿو وڃي. 

ٻوسٽ واري ماحول ۾ هجڻ سبب گهڻا شاگرد ته اعليٰ تعليم کي  وقت ۽ پيسي جو ذيان سمجهندي انهي جي جاءِ تي گهر ۾ ويهڻ کي ترجيع ڏين ٿا. انهن ئي محرومين جي ڪري اسان کوڙ سارن صلاحيت يافته نوجوانن کان محروم ٿي وڃون ٿا. 

ان لاءِ هاڻ حڪومت کي گهڻو وقت وڃائڻ جي بجاءِ وقت ۽ حالاتن جي تقاضائن کي ڏسندي بهتر تعليمي نصاب لاءِ ماهرن جي هڪ ٽيم جوڙي ڪري نصاب کي جديد کان جديد بڻائڻ ۾ همٿ ڪن ته جئين اسان جو نصاب، هر حوالي سان هر قسم جي حساب ۽ ڪتاب سان جديد دنيا جي گهرجن تي پورو لهي سگهي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو