Posts

Showing posts from December, 2018

صحرا جي ڀاڪر ۾

Image
گهڻو عرصو گذري چُڪو هو مون ڪنهن بہ شاعر جي شاعري کي سنجيدگي سان نہ پڙهيو، ها البتہ ڪالم، ڪهاڻيون، مضمون، تاريخ، تنقيد ۽ مقالمن کي مون ڪجھ جهجو وقت ڏنو هاڻ ڪجھ ڏينهن پهريان صاحب ڪتاب پنهنجو ڪتاب مون کي تحفي طور ڏنو، مون پڙهڻ شروع ڪيو، الاءِ ڇو زندگي ۾ پهريون دفعو شاعري ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي دلچسپي بہ ايتري جو آءُ بنا ڪنهن ڊگهي ساهي جي هڪ ئي دم پورو ڪتاب پڙهي ويس ڪتاب کي جڏهن مون پڙهڻ شروع ڪيو تہ منهنجي من جي اداس پاڇن کي روشني ملڻ لڳي، جوڳي جي هر هڪ خيال، تصور ۽ لفظ لفظ ۾ ڪمال جي منظر نگاري رکيل آهي، رحيمداد جوڳي ڪتاب جي اُڻويھون صفحي تي لکي ٿو هُن مون ڏي ايئن نهاريو جيئن چنڊ ڏي ٻار نهاريندو آهي چنڊ ڏي ٻار جو نهارڻ تجسس تي مشتمل هڪ عمل هوندو آهي، جنهن ۾ ٻار چنڊ کي پسڻ جا خواب پنهنجي اکين ۾ رکي انهن جي ساڀيان لاءِ هڪ طويل انتظار جو عادي ٿي ويندو آهي، رحيمداد اُن ٻار جي انهي تهجب توڙي تجسس واري نهار کي نثري نظم جو خوبصورت ويس پارائي اسان توهان آڏو پيش ڪيو سندس پوري ڪتاب ۾ انيڪ اهڙا نثري نظم آهن جن کي پڙهڻ کان پوءِ ڪجھ منٽن لاءِ مون کي ڪتاب بند ڪرڻو پيو، ڪتاب بند ان لاءِ تہ انهن

هي تنهنجا زلف سڄڻ

Image
ڇا لکجي تنهنجي ادائن تي، تنهنجي نگاهن تي، تنهنجي مسڪراهٽ تي، تنهنجي ملڻ ۽ کلڻ تي، تنهنجون سڀئي ادائون هڪ ٻي کان اُتم ۽ اعليٰ درجي جون آهن، ليڪن اڄ دل چيو تہ تنهنجي اُنهن ڪاريهر نما زلفن تي طب آزمائي ڪجي، جن جي هر هڪ ور وڪڙ مون کي تو وٽ قيد ڪري ڇڏيو آهي، تنهنجون سڀئي صفتون جيتوڻيڪ هڪ ٻي جي مقابل هڪ ٻي کان وڌيڪ ۽ پُرڪشش آهن ليڪن الاءَ ڇو پوءَ بہ تنهنجا هي ڪارا زلف منهنجو ڌيان تو ڏانهن پاڻهي ڇڪائي ٿا وجهن آءُ دير سوير زماني جي ڪشمڪش کان جڏهن واندو ٿي ڪري تو کي سوچڻ لڳندو آهيان تہ تڏهن منهنجي من جا سڀئي مُرجهايل گل ٽڙي پوندا آهن، تنهنجي چاهت جو ايترو اثر ٿيو آهي جو آءُ خوش رهڻ لڳو آهيان، ائين کڻي سمجھ تہ مهڪي ۽ ٻهڪي پيو آهيان، دل جو نگر آباد ٿي پيو آهي ۽ دنيا جا سڀ بي رنگ خاڪا رنگين نظر اچڻ لڳا آهن، ويران ٿيل دل جون سڀئي راهون سر سبز ٿي ويون آهن، آءُ تنهنجي چاهت جو چريو عاشق ٿي پيو آهيان منهنجي انهي انداز کي ڏسي ڪري هاڻ تہ مون تي زماني جي ماڻهن بہ ٽوڪڻ شروع ڪيو آهي، ماڻهو چون ٿا تہ آءُ هن زماني جو مجنو ٿي پيو آهيان، هاڻ ڪيڏي نہ ناداني آهي ماڻهن جي ان سوچ جي جيڪي مون ناچيز کي مجنو سان

سرمد کي سنڌ ساري ٿي

Image
سنڌ ڌرتي جي سرموڙ فنڪار سرمد جي اڄ ورسي آهي، سرمد جنهن جي معنيٰ آهي هميشه رهندڙ، دائم مغل حڪمران اورنگزيب جي حڪومت ۾ هڪ صوفي رهندو هو جنهن جو نالو هو سرمد ۽ اُن کي قتل ڪرايو ويو هو، اِهڙي ئي ريت اسان جي سرمد کي بہ قومي توڙي انقلابي گيتن ڳائڻ جي عيوض هڪ وڏي رٿا تحت اسان کان الڳ ڪيو ويو  ظاهري طور تہ اهو سڄو ڪجھ هڪ حادثي طور پيش ڪيو ويو ليڪن حادثا ايترا جلدي وقع پذير ناهن ٿيندا ڇو تہ سرمد جي ان حادثي کان پهريان بہ سرمد کي هڪ حادثو ڪجھ وقت اڳم پيش اچي چڪو هو. جنهن ۾ کيس تمام گهڻا ڌڪ لڳا هئا ليڪن ٻي حادثي کي ايتري تہ مهارت سان ترتيب ڏنو ويو هو اُن جو شڪار ٿيندي نيٺ سرمد کي اسان کان جسماني طور الڳ ٿيڻو پوندو سرمد جي آواز سان ڪومائل دلين کي فرحت ملندي هئي. سرمد جي آواز سان ڪٺورتا جي لپيٽ ۾ آيل دلين منجھ ديس جي دردن لاءِ بيداري نمودار ٿيندي هئي، سرمد جنهن جي آواز جو جادو جهر جهنگ ۾ مزدورن، هارين نارين ۽ ٻارن کي پنهنجي ديس جي داخلي ۽ خارجي جهلڪ ڏيکاريندو هو. سرمد جيڪو سائين جي ايم سيد جو سچو پارکو ۽ عاشق هو کيس سيد سان عشق ڪرڻ جي ڏوھ ۾ وقت جي فرعونن جام شهادت پياريو، آءُ اڄ ڏينهن تائ

ثقافتي رنگ

Image
هي ڏينهن جيڪو اسان سنڌين لاءَ عيد جو ڄڻ ڏينهن آهي، هن ڏينهن تي سڀئي سهڻا سيبتا، سٻاجهڙا سنڌي، ٽوپي ۽ اجرڪ جي نرالي رنگن سان رنڱجي ڪري مهڪندا آهن، ٽهڪندا آهن، جهمريون هڻندا آهن، سنڌو دريا جي سلامي ڀريندا آهن ۽ اهڙي ريت پوري سماج اندر محبت جي هڪ نئي لهر پيدا ٿيندي آهي جيڪا صدين کان قائم ٿيل نفرت جي ڪوٽن کي ڪيري وجهندي آهي، اسان توهان سڀ هڪ ئي رنگ و نسل ۽ لباس جي هڪجهڙائي ڪري هڪ ٿي ويندا آهيون در اصل اسان جي ثقافت جو اِهو جُز، اِهو پهلو دلالن کان برداشت نہ ٿو ٿي، هُو سمجهن ٿا تہ جنهن مهل اِن ايڪتا جي نالي سان سڀئي سنڌي حقيقي ايڪتا ۽ ٻڌي جي لڪير ۾ گڏ ٿي پيا تہ يقينن اُنهي گهڙي کين وڌيڪ لاءَ قابو نہ ڪري سگهبو، کين سُهڻا خواب ڏيکاري ڪري وڌيڪ برگلائي نہ سگهبو، اُنهي گهڙي هي ڌرتي پنهنجو پاسو بدلائيندي، ظالم طبقو مظلوم بڻجي پوندو ۽ مظلوم طبقو طاقتور ٿي ڪري آزاد فزا ۾ سُک جو ساھ کڻڻ لڳندو اچو تہ ڌرتي سان وچن ورجايو ۽ ترقي بني آدم لاءَ هر ممڪن ڪوشش ڪريون، پنهنجي ڌرتي کي خوشحال بنائڻ لاءَ ڏينهن رات محنت ڪري، سنڌ ڌرتي مان جنت جي خوشبو پيدا ڪريون