Posts

Showing posts from June, 2019

دل لڳي جون ڳالهيون

Image
ڪجھ ڳالهيون اِهڙيون هونديون آهن جيڪي ڪنهن سان به سلڻ جهڙيون نه هونديون آهن اهڙين ڳالهين جي سلڻ سان اِهو خوف پيدا ٿيندو آهي ته جيڪڏهن اِهي ڳالهيون کُلي پيون ته ماڻهو کي ڏاڍو نقصان کڻڻ جو انديشو پيدا ٿي پوندو آهي.  انهي حساب سان ڪجھ ڳالهين کي دماغ جي ديڳڙي ۾ بند ڪري انهن تي تاحيات ڪا اِهڙي وزني ڍَڪ رکي ويندي آهي جنهن ڍَڪ سان ماڻهو جي مان ۽ شان به ڍَڪيل هوندو آهي. اڄوڪي معاشرتي صورتحال کي مد نظر رکندي ايترو سمجھ ۾ اچي ٿو ته هن دور ۾ ڪنهن سان به دل جي لڳي جون ڳالهيون نه ڪجن.  ڇو ته ماڻهن مان سهپ ڪڏهوڪي موڪلائي چُڪي آهي ۽ انسان جي عزت نفس کي ڇهيو رسندي ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي. ڳالهيون به جديد دور جي تقاضائن مطابق مائڪرو سيڪنڊ جي بجاءِ نينو سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪن ٿيون. اِن لاءِ پنهنجي زبان کي انهي ڳالھ جو عادي بڻايو ته هُو هر ڪنهن جي اڳيان پنهنجي اڻ چيل لفظ نمودار نه ڪري. ٿوري صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺندي ڪٿي ڪي ساعتون خاموشي به اختيار ڪري ڇو ته گڏ ويهڻ ۽ کلڻ وارو هر ماڻهو سڄڻ ڪونه هوندو آهي.  ڪجھ ماڻهو اسان کي ڳالهين جي گهير ۾ لاهي اسان جي رازن کي اسان جي ئي زبان سان ف

ٺري ميرواھ کي لائبريري ڏيو

Image
علم، انسان جو ابدي ورثو آهي. علم سان ئي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي آهي انهن جي ورڇ ٿيندي آهي توڙي انهن جي وچ ۾ فرق کي نمايا ڪيو ويندو آهي. علم سان شعور ايندو آهي. شعور سان ذهن سُجاڳ ٿيندا آهن ۽ پنهنجي بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندا آهن. جتي علم ناهي اُتي ڪا به حڪمت عملي، ڪا به چڱ ڀلائي توڙي بهتري جي برپا ٿيڻ جا امڪانات بنھ گهٽ هوندا آهن. علم جي وسيلي ئي ترقي جون راهون هموار ٿينديون آهن. اِن لاءِ علم حاصل ڪرڻ اڄ جي جديد دور ۾ انتهائي اهم ۽ ضروري آهي. تعلقو ٺري ميرواھ ضلع خيرپور ميرس جو هڪ انتهائي اهم تعلقو تصور ڪيو ويندو آهي. هن تعلقي ۾ پڙهيل لکيل طبقو ۽ پيش ورانه ماڻهن جو تعداد به گهڻو آهي. اِن جي باوجود به هن تعلقي کي عوامي لائبريري جي سهولت کان محروم رکيو ٿو وڃي.  سرڪاري سطع تي لائبريري جي حصول لاءِ ڪجھ عرصو پهريان هتان جي ڪجھ باشعور نوجوانن هڪڙي تحريڪ به هلائي هئي ۽ اُنهي تحريڪ وسيلي هتان جي چونڊيل نمائيدن ۽ اعليٰ اختيارن کان اهو مطالبو پڻ ڪيو هو ته هن تعلقي کي سرڪاري سطع تي هڪ لائبريري مهيا ڪئي وڃي.  پر افسوس ته نوجوانن جي انهي جائز مطالبي کي هتان جي چونڊيل ن

گورک جو ڪهڙو حال آهي / يوسف جميل لغاري

Image
انساني اک خوبصورتي کي ائين ڳوليندي آهي جئين سورج مکي چنڊ جي روشني کي ڳوليندي آهي. انسان طبعيتن حُسن توڙي سونهن کي پسند ڪندڙ آهي. پوءِ ڀلي انهي سونهن جي جهلڪ کيس. وستي، واهڻ، دگ پنڌ توڙي قدرت جي تخليق ڪيل ڪنهن به شئي ۾ نظر اچي.  اهو قطعي لازم ڪونه آهي ته حضرت انسان کان علاوه باقي ڪنهن به وجود ۾ سونهن ڪونه آهي. سونهن ته هر هڪ جاءِ، ماڳ توڙي مڪان ۾ موجود آهي. اِنهي نموني جا فطري لقاءُ ۽ خوبصورت ماڳ توڙي مڪان سنڌ جي اندر به ڪافي آهن. جن تي گهمڻ ۽ انهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو الائي ڪٿان کان ڪٿان اُتي پهچن ٿا. اهڙن ئي ماڳن مان هڪڙو ماڳ دادو ضلعي جي شهر واهي پانڌي ۾ به آهي جنهن کي گورک هل اسٽيشن چيو ويندو آهي.  گورک جبل انهي ڪري به ٻين جبلن کان نمايا حثيت رکي ٿي جو انهي تي ٿڌ جي موسم هر وقت هوندو ئي هوندو آهي. حالانڪ گرم موسم ۾ ڪنهن جبل تي ٿڌ جي موسم هجڻ به ڪمال جهڙي ڳالھ آهي ۽ فطرت جو سُندر سنهيو آهي. ڪجھ عرصو پهريان سنڌي ادبي سنگت شاخ واهي پانڌي جي دوستن طرفان گورک هل اسٽيشن تي هڪ ادبي پروگرام منقعد ڪيو ويو هو. جنهن ۾ ٽن ڪتاب جي مهورت ۽ چار شاعرن سان رهاڻ جو پروگرام رٿيو و

نئون تعليمي سال ۽ حڪومت جي سُسُت رفتاري - يوسف جميل لغاري

Image
ڪجھ ڏينهن پهريان سيڪريٽري تعليم جو هڪ ويڊيو بيان نظرن مان گذريو جنهن ۾ ڪجھ هن طرح جون ڳالهيون هيون ته اسان نئي تعليمي سال مطلب ته جولاءِ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ ڪافي سُٺا ۽ ڪارڳر پلان جوڙيا آهن.  جن مطابق ڪجھ نوان اُستاد ڀرتي ڪري رهيا آهيون ۽ ممُڪن آهي ضرورت جي پيش پوڻ تي ٻين نون استادن جي ڀرتي پڻ ڪئي ويندي. جنهن جو فيصلو جولاءِ تائين استادن جي کوٽ بابت مليل اکن اکرن بعد ڪيو ويندو. هاڻ انهي ڳالھ کي مد نظر رکندي اهو سمجھ ۾ اچي ٿو ته نئون تعليمي سال اڳ جي بهتر ۾ تعليم جي شعبي ۾ نواڻ ڀريو ثابت ٿيندو. ڇو ته گذريل سال جي نومبر مهيني ۾ سکر آي بي اِي طرفان استاد جي ڀرتين لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ به سُٺا، هوشيار ۽ قابل اميدوار پاس ٿي ڪري سامهون آيا آهن.  جن جي ڀرتي جو عمل گذريل ڇهن مهينن کان هلي ٿو پيو. ممڪن آهي ته اهو سلسلو جولاءِ تائين مڪمل ٿي وڃي. جيڪڏهن جولاءِ تائين تعليم کاتي ۾ نوان اُستاد ڀرتي ٿي ڪري اسڪولن ۾ پهڇن ٿا ۽ سنڌ جي مجموعي طور سڀني اسڪولن ۾ استادن جي گهربل مقدار ۾ ڪنهن قدر واڌارو ٿي ٿو ته پوءِ ضرور نواڻ ايندي ۽ تعليم کاتي ۾ نتيجا اڳي کان بهتر ايندا.  پر اتي وري

هي درد ڪٿائون

Image
فطرت جي مجموعي صورتحال ۽ خوبصورتي جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته انهي ۾ عورت جو وجود سڀني کان نمايا نظر اچي ٿو. عورت ڪائنات ۽ هن فطرت جي لقاءُ ۾ قدرت جو هڪڙو وڏو راز آهي.  هڪ اِهڙو راز جنهن ۾ وري انيڪ ٻيا راز سمايل آهن. ڇو ته عورت بذات خود پنهنجي اندر ۾ ڪائنات جيتري وسعت رکي ٿي. انهي عورت کي هن جديد دور، جنهن کي ترقي يافته دور پڻ چيو وڃي ٿو. اُنهي ۾ کيس ڪهڙيون تڪليفون، مسئلا، رڪاوٽون درپيش آهن. اُنهن مسئلن، تڪيلفين ۽ رڪاوٽن کي ڪهاڻي جو روپ ڏئي توهان اسان آڏو محترمه فرزانه چانڊيو پيش ڪيو آهي. سندس هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ عورت جي مظلوميت جي سُڌ پوي ٿي ۽ هن سماج طرفان ساڻس ڪيل بي واجبين، ستم ظرفين توڙي ناروا سلوڪن جا داستان پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. هي ڪتاب جديد دور ۾ مظلوميت جو اهڃاڻ آهي. هي ڪتاب صرف ڪتاب ڪونه آهي بلڪ عورتن جي درد ڪٿائن جي هڪ دستاويز آهي. جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ اندر ڪڙهڻ لڳي ٿو ۽ اِهو افسوس ٿي ٿو ته دنيا اندر خاص ڪري مردن جي سوچ روشن خيال نه ٿي سگهي آهي. جنهن سبب سڀئي ڀوڳنائون عورت کي پلئه پون ٿيون. هن ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته انهي ڳالھ جي پ

صدين جون صدائون، ٻڌن ٿيون هوائون

Image
کن پل لاءِ ڀلي توهان اکيون بند ڪري ڇڏيو، ڪنن ۾ ڪپھ وجهي ڪري انهن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو پر توهان جي ذهن ۾ ڪجھ پڙاڏا رهجي ويندا. ڪجھ دانهون هونديون جيڪي توهان کي ٻڌڻ ۾ اينديون. ڪجھ اِهڙا آواز هوندا جيڪي توهان ڪڏهن به پهريان نه ٻُڌا هوندا، اُهي آواز توهان کي بيدار ڪندا، ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا، توهان کي هڪ جاءِ تي ويهڻ نه ڏيندا. اِهي دانهون، اِهي ڪُوڪون صدين جون صدائون آهن. جيڪي توهان جو پيڇو نه ڇڏيندا. اِنهن صدائن کي کوڙ صديون ٿيون آهن پنهنجي پناھ گاھ ڳولڻ ۾ پر افسوس ته اڄ تائين ڪنهن به اِنهن صدائن کي نه ٻڌو آهي. ڪنهن به اِنهن صدائن جي سُڏ کي ڪونه ورنايو آهي.  اِهڙي حالت هجڻ جي باوجود به هي صدائون صدين کان سفر ڪنديون اچن ٿيون. هر هڪ در تي ڪڙو کڙڪائين ٿيون پر ڪوبه کين موٽ نه ٿو ڏي. ڪو به هنن جي دانهن نه ٿو ٻڌي. سڀ ڪن لاٽار ڪيون ويٺا آهن. هنن صدائن صدين کان پنهنجي سفر کي مختلف رنگن ۽ روپن ۾ طئي ڪيو آهي، ڪڏهن ڪنهن جي جذبن ۾ هنن پنهنجو سفر ڪيو آهي ته وري ڪڏهن هنن پنهنجو سفر نيڻن کان شروع ڪري ڪنهن الهڙ جواني جي اکين ۾ پناهون ورتيون آهن.  هنن جو سفر ايترو ئي قديم آهي جيتري

صدين جون صدائون، ٻڌن ٿيون هوائون

Image
کن پل لاءِ ڀلي توهان اکيون بند ڪري ڇڏيو، ڪنن ۾ ڪپھ وجهي ڪري انهن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو پر توهان جي ذهن ۾ ڪجھ پڙاڏا رهجي ويندا. ڪجھ دانهون هونديون جيڪي توهان کي ٻڌڻ ۾ اينديون. ڪجھ اِهڙا آواز هوندا جيڪي توهان ڪڏهن به پهريان نه ٻُڌا هوندا، اُهي آواز توهان کي بيدار ڪندا، ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا، توهان کي هڪ جاءِ تي ويهڻ نه ڏيندا. اِهي دانهون، اِهي ڪُوڪون صدين جون صدائون آهن. جيڪي توهان جو پيڇو نه ڇڏيندا. اِنهن صدائن کي کوڙ صديون ٿيون آهن پنهنجي پناھ گاھ ڳولڻ ۾ پر افسوس ته اڄ تائين ڪنهن به اِنهن صدائن کي نه ٻڌو آهي. ڪنهن به اِنهن صدائن جي سُڏ کي ڪونه ورنايو آهي.  اِهڙي حالت هجڻ جي باوجود به هي صدائون صدين کان سفر ڪنديون اچن ٿيون. هر هڪ در تي ڪڙو کڙڪائين ٿيون پر ڪوبه کين موٽ نه ٿو ڏي. ڪو به هنن جي دانهن نه ٿو ٻڌي. سڀ ڪن لاٽار ڪيون ويٺا آهن. هنن صدائن صدين کان پنهنجي سفر کي مختلف رنگن ۽ روپن ۾ طئي ڪيو آهي، ڪڏهن ڪنهن جي جذبن ۾ هنن پنهنجو سفر ڪيو آهي ته وري ڪڏهن هنن پنهنجو سفر نيڻن کان شروع ڪري ڪنهن الهڙ جواني جي اکين ۾ پناهون ورتيون آهن.  هنن جو سفر ايترو ئي قديم آهي جيت

شاعر جي اداس نيڻن مان

Image
سنڌي ادب هن وقت شاعرن سان ٽمٽار آهي. سوشل ميڊيا توڙي ٻين اشاعتي مرحلن ۾ هن وقت شاعري جهجي تعداد ۾ ڇپجي پئي. ماڻهو شاعري پڙهن به ٿا ۽ شاعري لکن به ٿا. اڄ به شاعري سان ماڻهن جو لڳاءُ اُن ئي ريت ساڳيو آهي جهڙوڪ پهريان هو. شاعري ۾ جيتوڻيڪ شاعري جي سڀني صنفن کي اهميت حاصل آهي پر اِن جي باوجود وائي جي صنف کي انهي لاءِ احترام واري نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي جو هن صنف کي پذيرائي ڀٽائي صاحب طرفان وائي لکڻ کان پوءِ ملي. هن وقت سنڌ اندر ڪافي شاعر وائي جي صنف تي طب آزمائي ڪري رهيا آهن ۽ سھڻي نموني سان وائي لکي رهيا آهن. وائي لکڻ واري انهي ريت کي، انهي تسلسل کي، انهي روايت کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ اسان جي دوست مبين اڄڻ ” وايون مهڪيون واٽ تي“ مرتب ڪري انتهائي مفيد ڪم سرانجام ڏنو آهي. سندس مرتب ڪيل هن ڪتاب ۾ ڪُل پنجاھ شاعر پنهنجي نڪور تخليقن سان شامل ڪيل آهن. هن وقت انهي ڳالھ جي اشهد ضرورت پڻ هئي ته ڪتاب جي پڙهندڙن کي اهڙو ڪتاب مهيا ڪجي جنهن ۾ کيس پنهنجي پسند جي تخليقڪارن جون تخليقون هڪ ئي جڳھ تي جهجي انداز ۾ پڙهڻ لاءِ ملن. انهي ضرورت جو خيال ڪندي اسان جي هن دوست هي ڪتاب ترتيب

معاشري کي آئينو ڏيکاريندڙ ڪتاب

Image
ادب ۾ جڏهن به ڪهاڻي جي حوالي سان ڪا ڳالھ ٿيندي آهي ته مون کي اُنهي وقت سنڌ جي ڪهاڻيڪار لاءِ دل ۾ عقيدت پيدا ٿيڻ لڳندي آهي ڇو ته ڪهاڻيون آءُ پڙهندو آهيان. ڪهاڻيون ٻڌندو آهيان ۽ وري ڪڏهن ڀُل چُڪ ۾ ڪهاڻيون لکندو به آهيان. هوش محمد ڀٽي ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ آڻي ڪري ائين سمجهو ته نه صرف پنهنجو بلڪ پڙهندڙن جي دل جو به بار هلڪو ڪري ورتو آهي. سندس ڪهاڻين جي هن ڪتاب ۾ سماج جي هر هڪ پهلو تي ڪهاڻيون درج ٿيل آهن. هر ڪا ڪهاڻي ڄڻڪ پنهنجي ڪهاڻي لڳي ٿي. مون جنهن وقت سندس ڪهاڻي ”ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ“ پڙهيو ته ائين سمجهو ڄڻڪ صدين کان منهنجي اندر ۾ جيڪو سوال ڪر کنيو بيٺو هو، هن ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ اُنهي سوال جو جواب ملي ويو. هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ سنڌ جي هر هڪ قومي ڪارڪن جي اندر جي ڳالھ، بلڪ ائين چئجي ته دل جي ڳالھ ڪئي آهي. اِهڙي ئي ريت سندس ڪهاڻي مائوٿ آرگن به فن جو شاهڪار نمونو آهي. هِن ڪهاڻي کي پڙهڻ دوران جيڪي منهنجا توقعات ڪهاڻي سان جڙندا ويا ۽ مون مَنَ ئي مَنَ ۾ جيڪي سوچيو ته هاڻي شايد ڪجھ هئين ٿيندو، ڪجھ هونئن ٿيندو. پر ائين ڪجھ ڪونه ٿيو. ڪهاڻي مون کي مطلب پڙهندڙ کي چمڪو ڏئي وئي. هَن ڪهاڻي

زندگي مسڪرائيندي

Image
زندگي جي معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهڻ لاءِ زندگي جي هر هڪ گهڙي کي محسوس ڪرڻو پوندو. زندگي جا انيڪ رنگ ۽ روپ آهن. زندگي جي هر هڪ رنگ ۽ روپ ۾ انيڪ راز سمايل آهن ڇو ته زندگي پنهنجي اندر هڪ وڏو فلسفو رکي ٿي. اسين زندگي کي خوبصورت، پرسڪون ۽ سڀني رنگن سان رنڱيل ڏسڻ جا خواهشمند آهيون. زندگي سان اسان جي اِنهي نسبت اسان کي زندگي کي ويجهو کان ڏسڻ ۽ سمجهڻ توڙي جئيڻ جو موقعو مليو آهي. هِن موقعو کي وڃائڻ جي بجاءِ هن تي فڪر ڪرڻ گهرجي. هڪڙا ماڻهو بنا ڪنهن مقصد، آدرش يا نظرئي جي زندگي گهارڻ لڳندا آهن. جنهن سبب اڳتي هلي تاريخ جي ورقن ۾ کين هڪ سِٽَ جيتري به جاءِ نه ملي سگهندي آهي. اُهي ڪنهن مسافر طور وساريا وڃن ٿا. انهن جي ڀيٽ ۾ وري ٻيا جاکوڙي، تحرڪ ۾ رهندڙ ۽ پاڻ مڃائڻ وارن فردن کي تاريخ پنهنجي جيءَ ۾ جڳھ ڏيندي آهي. اِن لاءِ جيڪڏهن اسين پنهنجي پاڻ کي سُڃاڻڻ واري اصلاح تي غور ڪرڻ شروع ڪيون ۽ اُنهن سبب کي تلاش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون جن جي ڪري اسان پريشاني ۾ مبتلا آهيون ته يقينن اسان جي زندگي مسڪرائيڻ لڳندي.

خواب، خيال ۽ خطائون

Image
خوابن جي تڪميل لاءِ، خيالن ۾ ڊُڪ پائيندي، ڪي ئي خطائون ٿي وڃن ٿيون. اِنهن خطائن جو ازالو ته پاڻ ڪڏهن به ڪري نه ٿا سگهون پر ايترو ضرور ڪري سگهون ٿا ته اسان جي خوابن ۽ خيالن جي ڪري ڪنهن ٻي جا خواب ۽ خيال دربدر نه ٿين. ڪنهن ٻي جي اميدن جو جنازو نه نڪري. ڪو اسان جي ڪرتوتن جي ڪري تباھ نه ٿي.

بي زبان اکيون

Image
اکيون ته بس پرين جون اکيون. باقي مڙئي سڀ خير، پرين جي اکين ۾ پوري ڪائنات وسي ٿي، هي اُهي اکيون آهن جن ۾ صبح ۽ شام جا پاڇا وسن ٿا، آسمان جي نيراڻ نظر اچي ٿي، سمنڊ جي گهرائي پنهنجو عڪس نمايا ڪري ٿي.  بارشن جا آثار نظر اچن ٿا، صحرا جا پنڌ پسي سگهجن ٿا، پوري ڪائنات کي هڪ هنڌ گڏ ڏسي سگهجي ٿو، واقعي اکيون هجن به ته اهڙيون ئي جن ۾ درد کانسواء،ِ ڪي آٿٿ جا ڪجھ ٻول به هجن، جن ۾ مايوسي جي بجاءِ اميد جا ڪي ڪرڻا نظر اچن. اِهي اکيون، جن کي آءُ بي زبان اکيون چوندو آهيان، بي زبانن جي به هڪڙي زبان هوندي آهي، انهن جا به ڪي آدرش ۽ اصول هوندا آهن، اُهي به هڪ ٻي سان هم ڪلام ٿيندا آهن.  پر ڪٿي ٿا اهو سڀ ڪجھ سمجهي سگهن اُهي موڳا مغز، جيڪي زبان جي هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. جن کي اِهو گُمان آهي ته هُنن وٽ سڄو علم، فهم ۽ ڏاهپ آهي، زبان ته سڀ ڪجھ ڪونه هوندو آهي. وڻ به گفتگو ڪندا آهن، پکي نه گيت ڳائيندا آهن، ڪک ۽ پن به جهومندا آهن پر اِهو سڄو ڪجھ ڏسي ڪير؟ اِهو سڄو ڪجھ سمجهي ڪير، اِهو سڄو ڪجھ اُهي ته قطعي به ڪونه ٿا سمجهي سگهن جيڪي سمجهن ٿا ته انهن جون اکيون بي زبان نه آهن.  هي سڄو لقاءُ، هي سڄ

عقل جي اونداهي جو الميو

Image
My Article Published in Daily AGWAN Hyderabad, Dated: 02-06-2019 عقل جي اونداهي جو الميو! انسان کي قدرت واري اِها صلاحيت ڏني آهي ته هُو ڪائنات جي رازن ۽ رمزن کي سمجهڻ لاءِ انهن جو تمام ويجهي کان جائزو وٺي، پنهنجي مشاهدي ۾ اُهي شيون آڻي جيڪي سندس علم ۾ پهريان موجود نه هئا. انهي سڄي ڪارگذاري کي پايا تڪميل تائين پهچائڻ جو جيڪو مکيه ڪردار ادا ڪري ٿو سو آهي انساني دماغ، انساني عقل، جنهن وسيلي انسان پنهنجي ڏاهپ، فهم ۽ سمجھ کي قطب آڻي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو.  روشن خيال ماڻهو دنيا کي ترقي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. معاشري جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيندا آهن. کين پنهنجي نه بلڪ ايندڙ نسلن جي مستقبل جي پرواھ هوندي آهي.  کين اهو فڪر هوندو آهي ته انهن جو ايندڙ نسل هر قسم جهنجٽ توڙي آزار کان پري هجي. اِهي ماڻهو هوندا آهن عقل وارا، جن کي اڃا به ائين چئجي ته جن جو دماغ سالم هوندو آهي سندس عقل سلامت هوندو آهي. انهن جي برعڪس ٻي طرف وري هڪ اِهڙو ٽولو آهي جن جي عقل اونداھ ۾ سفر ڪري ٿي پئي، جن وٽ عقل جي اونداهي جو الميو آهي. هڪ اهڙو الميو جيڪو انهن کي سوچڻ، لوچڻ توڙي پڇڻ وا

عورت

Image
عورت سُر ۽ سنگيت جو سنگم آهي، سندس وجود مان اِهڙا ته املھ گيت جنم وٺن ٿا جيڪي عاشقن جي روح کي تڙپائي وجهن ٿا. سونهن کي جلا بخشيندڙ وجود عورت جو ئي وجود آهي. عورت کي ڇڏي ڪري جيڪڏهن سونهن ۽ سڀيتا جي ڳالھ ڪبي ته اُها ڳالھ بي وزنائتي محسوس ٿيندي. زندگي خود ڪڏهن ڪڏهن عورت جي وجود جي اڳيان ڳوڏا کوڙي ويهي رهي ٿي. عاشقن جو زندگيون ائين ئي قربان ٿينديون آهن. عورت بذات خود وفا جو هڪ مجسمو آهي. وقت ۽ حالات ڪڏهن ڪڏهن کيس پنهنجي انهي مزاج مان هٽائي ڪري سندس مٿان بي وفائي جو الزام لڳرائن ٿيون. عورت کي سمجهڻ لاءِ اُن سان محبت ڪرڻ بنھ ضروري آهي، ڇو ته محبت کانپوءِ هُو مڪمل طرح سان پاڻ کي پنهنجي چاهيندڙ ڏانهن ارپي ڇڏي ٿي. ڪائنات جو ابدي سچ عورت جو وجود آهي. عورت جي اندر منجھ هڪ ڪائنات الڳ سان آهي. جنهن ۾ ھُو پنهنجا سڀئي سور سانڍي رکي ٿي. عورت هر روپ ۾ املھ آهي. پوءِ ڀلي ماءُ هجي، ڀيڻ هجي، ڌيءَ هجي يا وري هم سفر هجي. سندس سڀئي روپ اتم ۽ اعليٰ درجي جا حامل آهن. جيڪا دل عورت جي اُنسيت کان انڪاري آهي. انهي دل کي سيني ۾ رهڻ جو ڪوبه حق ڪونه آهي.

اکيون، جيڪي خوشحالي جا خواب ڏسن ٿيون

Image
My Article Published in Daily AGWAN Hyderabad, Dated: 26 May 2019 عالمي منظر نامي تي نظر ڪجي ٿو ته سڀ ڪجھ ڪنهن قدر درست محسوس ٿي ٿو. ڪافي ملڪ ترقي جي حوالي سان اڳتي نظر اچن ٿا. اُهي ملڪ پڻ ترقي ڪري چڪا آهن جن جو ماضي انتهائي ڀيناڪ ۽ درد ڀريو هو.  وقت سان گڏ سفر ڪندي، پنهنجون راهون هموار ڪندي هاڻ اِهي ملڪ دنيا آڏو پاڻ مڃائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. انهن جي برعڪس اسين ڪٿي بيٺل آهيون. اسان ڪهڙي معيار توڙي مقدار تي پورا لهون ٿا اچون ته انهي تي سوچيون ۽ اُنهن عنصرن کي تلاش ڪريون جيڪي اسان جي ترقي ۾ رنڊڪ بڻجي اسان جي فلاح ۽ بهبود کي روڪيون ويٺا آهن. اُهي قومون ترقي ڪنديون آهن. جن وٽ تعليم، صحت، قانون ۽ زراعت جو نظام بهتر کان بهتر ۽ جديد ترز عمل تي هوندو آهي. هي چارئي بنيادي عنصر آهن جيڪي ڏُتڙيل قومن کي پنهنجي لاچاري واري حالتن کان ڪڍي ڪري اڳتي آڻڻ ٿيون.  اسان جو سماج هن مڪمل طور تي هڪ اِهڙي جمود جو شڪار آهي جنهن جي اثر هيٺ نه اظهار جي آزادي آهي، نه معياري تعليم جو حصول آهي، نه ئي قانون لاڀائتا نتيجا ڏئي ٿي. نه ئي زراعت جي واڌ ويجھ لاءِ ڪي اُپاءُ ورتا وڃن ٿا. مطلب ته اسان جي ترقي

وائيٽ ڪالر اديب

Image
هُن کي ادب جي دنيا ۾ تمام ٿورا ڏينهن ٿيا هئا. بلڪ ائين کڻي چئجي ته جمعو جمعو ڪُل اٺ ڏينهن مس ٿيا هيس.  پر کيس مڃتا ڏاڍي ملڻ لڳي جنهن تي هو پاڻ پريشان هئي.  هُو گهڻو تڻو شاعري ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو نثري نوٽ يا وري ڪا ٻي تحرير به لکي وٺندي هئي. هڪ دفعو مون کي چيائين: ساگر تو ادب ۾ پنهنجا پير گسايا آهن. هر هڪ گڏجاڻي توڙي ميڙاڪن ۾ ويو آهي. مطلب ته ڪنهن ڪتاب جي مهورت هجي يا وري ڪنهن اديب سان شام. تون اڪثر ويندو آهي.  ادب جي دنيا ۾ ڀلا ڪڏهن ڪا ڇوڪري ٺهي اٿئي؟ مون کيس چيو: چري!  جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ٺهي ها ته پوءِ آءُ تون سان چاھت ڀريون ڳالهيون ڪئين ڪيا ها. در اصل مون ڪڏهن ڪنهن ۾ اهڙي نهار وجهي ڪري نهاريو ئي ڪونهي. آءُ هر هڪ عورت کي عزت جي نگاھ سان ڏسندو آهيان. منهنجو جواب ٻڌي. مون کي چوڻ لڳي: اڇا، انهي تو واري ساڳي سوچ جهڙا هن مهل ادب ۾ ڪيترا اديب آهن؟ مون بي ساخته کيس چيو: اسان سڀ اديب طبعيتن ۽ مزاجن ۾ هڪ جهڙا هوندا آهيون. تقريبن سڀئي اديب عورتن جي عزت ڪندا آهيون، سواءِ پنهنجي زال جي! منهنجي جواب جي ٻڌڻ کان پوءِ مون کي چوڻ لڳي: تون واقعي اڃا تائين

رسول ميمڻ جي ڪتاب ” عشق جو آسيب “ تي هڪ نظر

Image
آءُ ڪهاڻين جي ڪتابن کي ڏاڍي شوق ۽ دلچسپي سان پڙهندو آهيان ۽ پوءِ وري جڏهن انهي ڪتاب بابت جيڪو محسوس ڪندو آهيان يا جيتري سمجھ ايندي اٿم اُهي خيال هتي اوهان آڏو پيش ڪندو آهيان.  ڪجھ ڏينهن پهريان مون نثري نظم لکڻ شروع ڪيا جيڪي ڪجھ دوستن کي پسند به آيا ۽ مون کي سُٺي موٽ به ملي پر منهنجو ڪم نثري نظم پڙهڻ يا لکڻ قطعي ڪونه آهي. آءُ ته ڪهاڻيون وڏي شوق سان پڙهندو آهيان ۽ ڪهاڻي لکڻ کي ئي وڌيڪ ترجيع ڏيندو آهيان. شاعري سان مڙئي دل وندرائيندو آهيان. ڪجھ مهربان دوستن جو خيال هو ته آءُ رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون پڙهان. رسول ميمڻ جديد ڪهاڻيڪار آهي.  مون سندس ڪجھ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تان ڊائونلوڊ ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪيا ۽ اِهو ارادو ڪيم ته سندس هي سڀ ڪتاب واري واري سان پڙهندس. سندس ڪتاب جا تفصيل ڪجھ هن ريت آهن. عشق جو آسيب (ڪهاڻيون) حليمان (ڪهاڻيون) سونو ڏند (ڪهاڻيون) امن جي نالي (ڪهاڻيون) چچريل زندگين جا قافلا (ڪهاڻيون) ڪافر ديوتا (ڪهاڻيون) فونو (ڪهاڻيون) مون اهو سوچيو ته سندس ڪتاب عشق جو آسيب کي سڀ کان پهريان پڙهي پورو ڪريان ۽ باقي ٻين کي پوءِ آهستي آهستي واري واري سا