گورک جو ڪهڙو حال آهي / يوسف جميل لغاري




انساني اک خوبصورتي کي ائين ڳوليندي آهي جئين سورج مکي چنڊ جي روشني کي ڳوليندي آهي. انسان طبعيتن حُسن توڙي سونهن کي پسند ڪندڙ آهي. پوءِ ڀلي انهي سونهن جي جهلڪ کيس. وستي، واهڻ، دگ پنڌ توڙي قدرت جي تخليق ڪيل ڪنهن به شئي ۾ نظر اچي. 

اهو قطعي لازم ڪونه آهي ته حضرت انسان کان علاوه باقي ڪنهن به وجود ۾ سونهن ڪونه آهي. سونهن ته هر هڪ جاءِ، ماڳ توڙي مڪان ۾ موجود آهي.

اِنهي نموني جا فطري لقاءُ ۽ خوبصورت ماڳ توڙي مڪان سنڌ جي اندر به ڪافي آهن. جن تي گهمڻ ۽ انهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو الائي ڪٿان کان ڪٿان اُتي پهچن ٿا. اهڙن ئي ماڳن مان هڪڙو ماڳ دادو ضلعي جي شهر واهي پانڌي ۾ به آهي جنهن کي گورک هل اسٽيشن چيو ويندو آهي. 

گورک جبل انهي ڪري به ٻين جبلن کان نمايا حثيت رکي ٿي جو انهي تي ٿڌ جي موسم هر وقت هوندو ئي هوندو آهي. حالانڪ گرم موسم ۾ ڪنهن جبل تي ٿڌ جي موسم هجڻ به ڪمال جهڙي ڳالھ آهي ۽ فطرت جو سُندر سنهيو آهي.

ڪجھ عرصو پهريان سنڌي ادبي سنگت شاخ واهي پانڌي جي دوستن طرفان گورک هل اسٽيشن تي هڪ ادبي پروگرام منقعد ڪيو ويو هو. جنهن ۾ ٽن ڪتاب جي مهورت ۽ چار شاعرن سان رهاڻ جو پروگرام رٿيو ويو هو. 

اسان کي به دوستن طرفان دعوت مليل هئي. انهي ڪري اسان به مقرر وقت تي انهي پروگرام ۾ شريڪ ٿياسين ۽ پوري سنڌ مان آيل اديبن سان ملاقاتون ٿيون ۽ هم ڪلامي به ٿي.

هي پروگرام ٻين ادبي گڏجاڻين توڙي پروگرامن کان انهي ڪري به وڌيڪ اهميت وارو هو جو هن کي منقعد ئي سنڌ جي هڪ تاريخي جڳھ تي ڪيو ويو هو. 

دوستن طرفان رکيل هي پروگرام رات تائين هليو. صبح جو سويري سڀني دوستن پروگرام کان پوءِ گورک جي چوٽي تي گهمڻ جو سوچيو ۽ اسان به گورک جي چوٽي تي سير سفر ڪرڻ لاءِ روانا ٿياسين. 

گورک جي مکيه چوٽي تي باقي ڀر وارن جبلن جو نظارو انتهائي لڀائيندڙ محسوس ٿيو جنهن جو هڪ سبب هي به هو ته گورک جبل جي چوٽي ساوڪ سان سرشار لڳي پئي آهي.

گورک هل اسٽيسٽن تي جيتري قدر حُسانڪي ۽ سونهن هجڻ کپي. اُتي ڪونه هئي. ٿورا ٿڪا روڊ رستا ٺهيل به آهن پر جيتري قدر انهن کي ٺهيل هجڻ کپي ها. اُن شئي جي ڪمي محسوس ٿي. گورک جو حال ڏسي اهو اندازو ضرور ٿيو ته هي تاريخي ماڳ حڪومتي بي ڌياني جو شڪار آهي. 

خاص ڪري هتان جي عوامي نمائدن جي ڪن لاٽار سبب هي تاريخي ماڳ گهڻي قدر نقصان ڀوڳي رهي آهي. جيڪڏهن هي ماڳ سنڌ کان علاوه ڪنهن ٻي صوبي ۾ واقع هجي ها ته يقينن هن تي گهڻو ڪم ٿي ها ۽ هي ماڳ سياحت هو اهم ماڳ ٿي وڃي ها. 

پر الميو اِهو آهي ته هڪ ته سنڌ اندر سياحت ٺپ ترقي نه ٿي وٺي جنهن جو مکيه سبب آهي سياحت لاءِ گهربل معيار ۽ مقدار جي کوٽ، ٻيو ته جهڙا تهڙا جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڳ آهن انهن جي پرگهور نه ٿي لهي وڃي.

عيد جي ڏينهن توڙي ڪنهن ٻي خاص ڏينهن تي ماڻهن جو وڏو انگ انهن ماڳن کي ڏسڻ ۽ گهمڻ لاءِ انهن هو رُخ ڪن ٿا پر سهولتن جي اڻاٺ هجڻ سبب ٻيهر وڃڻ کان به ڪيٻائيندا آهن. گورک تي آيل اسان جا سڀ دوست به ڪجھ انهي ئي قسم جو رايو رکن پيا ته اسان ٻيهر هتي اچڻ کان توبھ ڪئي. هتي اچڻ سان فرحت گهٽ پر زلالت گهڻي نصيب ٿئي ٿي. 

آئون پاڻ بذات خود گورک هل اسٽيشن جو حال ڏسي ڪنهن قدر ڏکارو ٿيس ۽ مايوس پڻ ٿيس ته اسان جي قوم کي هن مهل پنهنجي تاريخ، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي تاريخي ماڳ توڙي مڪانن کي بچائڻ جو ڏاءُ ڪونه آيو آهي.

اسان جي هي بي ڌياني اسان وٽان تفريحي جون سڀئي جايون کسيندي ٿي وڃي. جيڪڏهن اسان حڪومتي ڪن لاٽار کي ائين ئي درگذر ڪندا رهياسين ته پوءِ پڪ سمجهو ايندڙ ڪجھ سالن ۾ اسان کي گهمڻ لاءِ صرف درگاهون ئي نصيب ٿينديون باقي فطرتي حُسانڪين کان پاڻ مڪمل طور تي محروم ٿي وينداسين.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو