Posts

Showing posts from December, 2020

سنڌ جي سُڄاڻ ۽ تعليم يافته نياڻي جون ڪوششون

Image
  فرزانه چانڊيو سنڌ جي اُها باشعور ۽ تعليم يافته نياڻي آهي جنهن کي مون هميشه تعليم جي بهتري لاءِ جاکوڙيندي ڏٺو آهي. سندس لکڻين مان تعليم جي هٻڪار ايندي آهي. نه صرف سنڌ اندر بلڪ سنڌ کان ٻاهر به سندس سُڃاڻپ هڪ تعليمدان طور ئي آهي. تعليم جي ميدان ۾ اسان جي سنڌ جي هي باشعور نياڻي گهڻي عرصي کان پاڻ پتوڙي رهي آهي ۽ اِنهي پتوڙ دوران ادب جي جهول ۾ ٻه ڪتاب ڏئي چڪي آهي. انهن ڪتابن ۾ سندس پهرين ڪتاب کي پڙهندڙن وٽ باقاعده پذيرائي ملي آهي ۽ اُنهي ڪتاب کان پوءِ سندس هي ٻيو ڪتاب تازو ئي پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان ڇاپي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. گذريل ڪجھ عرصي کان سنڌ جو هي اشاعتي ادارو تعليم جي موضوع تي پڙهندڙن جي جهول ۾ سُٺا ڪتاب ڏئي رهيو آهي. جيڪو هڪ خوش آئينده عمل آهي ۽ پڙهندڙ ادبي ڪتابن سان گڏوگڏ اُنهن ۾ موجود نصابي معلومات سان به مستفيد ٿي رهيا آهن. هن ڪتاب جو موضوع ”سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ مختلف پڙهايو ويندڙ نصاب آهي“. هي موضوع وڏي تحقيق ۽ کوجنا کان پوءِ ئي مڪمل ٿيو آهي. هي ڪتاب ادبي ڪتاب هجڻ سان گڏوگڏ نصابي ۽ تحقيقي ڪتاب پڻ آهي. هي ڪتاب اِنهي حوالي سان به وڏي اهميت جو حامل آهي. فرزانه چانڊيو سان منهنجي