Posts

Showing posts from October, 2019

ڪهاڻيون، جيڪي اُڃايل اکين جو سنهيو آهن

Image
مون ڪٿي لکيو هو ته ڪهاڻي جو واسطو انسان جي فطرت سان سنئون سڌو آهي. ڇو ته هر ماڻهو سان لاڳاپيل انيڪ ڪهاڻيون هونديون آهن. ڪجھ ڪهاڻيون ليکڪن جي مشاهدي ۾ اينديون آهن ته پوءِ اُهي لفظن جو ويس ڌاري وٺنديون آهن ۽ اُنهن ڪهاڻين ۾ هڪ دفعو ٻيهر ساھ پوڻ شروع ٿيندو آهي. اُتي ئي وري ڪي ڪهاڻيون اکين کان اوجهل ٿي وينديون آهن ۽ صدين تائين تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿي وينديون آهن. انهن ڪهاڻين کي نه لفظن جو ويس نصيب ٿيندو آهي ۽ نه ئي کين ڳوڙهن جو ڪفن نصيب ٿيندو آهي. اِهڙين گم ٿيل ڪهاڻين جي سڳند هن ڌرتي تي ڪهاڻيڪارن کي جنم ڏيندي آهي ۽ ڪهاڻيڪار پنهنجي عقل، سمجھ ۽ فهم جي آڌار تي صديون اڳ گم ٿيل ڪهاڻين کي ڦلوري واپس ساڳي جائي تي آڻي ڪري کين لفظن جو صاف شفاف ويس پارائي پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪندا آهن. اِهڙي ئي ساڳي ديس جو مسافر اسان جو هڪڙو رولاڪ ڪهاڻيڪار منور سراج پڻ آهي. جنهن جي ڪهاڻين جو مجموعو خوابن جي سرحد ڪجھ ڏينهن پهريان منهنجي مطالعي ۾ آيو. هن کان پهريان مون سندس ٻه ناول اڳم پڙهيا آهن. جن ۾ هڪڙي جو نالو کاٻي اک جو خواب ۽ ٻي جو نالو پيراڊائيز پوائنٽ تي شام آهي.  سندس ڪهاڻيون ته دل جا تاڪ کولين

ڪائونٽر ڪهاڻيون

Image
ڪائونٽر ڪهاڻيون • اِفلاسُ هُن سان زندگي ڏاڍي وڏي دولاب ڪري وئي. سندس اکيون کليون ته اُنهي جي عيوض سندس ماءُ کي اکيون پورڻيون پيون هيون ۽ ھُو عمر ڀر ماءُ جي ممتا کان محروم رهي. جوڀن تي پهچڻ کان پوءِ هڪ نه پر هزارين ڀيرا سندس جسم کي رانديڪو سمجهي ڪري، سستي ريٽ تي انهي سان دل پشوري ڪئي وئي هئي. اڄ سندس جنم ڏينهن هو ۽ ھُو پنهنجي زندگي جي انهي وڏي ڏينهن تي موت جو بي صبري سان انتظار ڪري رهي هئي! • پُڇڙ تارو رات جي ڊگهي ٿيڻ سان سندس دل جي تات وڌي رهي هئي. کيس بس اِهو ئي خوف ستائي رهيو هو ته ڪٿي چارڻ جي اچڻ کان پهريان سندس گهر ڀاتين مان سندس ڀاءُ يا پيءُ نه جاڳي پون. انهن جي ننڊ ۾ ئي هن جو ملڻ ۽ گلن وانگر ٽڙڻ ٿيندو هو. هُو پڇڙ تاري کي گهوريندي اچانڪ پاڻ ابدي ننڊ ۾ هلي وڃي ٿي ۽ چارڻ جو رستي ۾ قتل ٿي وڃي ٿو!  • آب اَحمَر اڄ جام سان گڏ سندس دل جو غبار به ڇلڪي رهيو هو. کيس چٽو ياد آهي ته جڏهن ھُن پهريون دفعو کيس مرڪي نهاريو هو ته اُنهي مهل سندس نيڻ ادب وچان جهڪي ويا هيا ۽ سالن پچاڻان اڄ جڏهن کيس آب اَحمَر نصيب ٿيو آهي ته سندس عاشقي جو باب نئي سَر کُلي پيو آهي ۽ آئون نه ٿو

هڪ دلچسپ ڪهاڻي: ٻارهن مهينن جا نالا ڪئين پيا

Image
ليکڪ: راڻا محمد شاهد سنڌيڪار: يوسف جميل لغاري جنوري: عيسوي سال جي پهرين مهيني جو نالو، روم جي هڪ ديوتا (Janus) جي نالي تان اخذ ڪيو ويو آهي. جانس ديوتا بابت اهو چيو ويندو آهي ته هن جي عبادت صرف جنگ جي دوران ڪئي ويندي هئي. امن ۾ نه. هن ديوتا کي ٻه مٿا هيا جن سا هُو هڪ ئي وقت سامهون ۽ پوئتي نهار ڪرڻ جي سگھ رکندو هو. هن مهيني جو نالو جانس ان لاءِ رکيو ويو ته جئين ديوتا هڪ ئي مهل اڳتي توڙي پوئتي نهاري سگهي ٿو تئين ئي انسان به هن مهيني ۾ پنهنجي ماضي توڙي مستقبل بابت سوچ ويچار ڪري سگهي. چيو وڃي ٿو ته لفظ جنوري لاطيني ٻولي جي لفظ جنوا (Janua) مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي دروازا - ائين هن مهيني جي نالي جي مناسب سان معنيٰ ٿي ” سال جو دروازو“ هي مهينو ايڪٽيھ ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي. فيبروري: هڪ زماني ۾ فيبروري سال جو آخري ۽ ڊسمبر سال جو ٻيو مهينو سمجهيو ويندو هو. حضرت عيسيٰ جي دور ۾ فيبروري کي سال جو ٻيو مهينو قرار ڏنو ويو. هي مهينو انهي لاءِ به پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿو جو هي مهينو سڀني کان گهٽ ڏينهن يعنيٰ اٺاويھ ڏينهن تي مشتمل آهي. لفظ فيبروري نه لاطيني ٻولي جي زبان فيبرام (Febru

سنڌ، تصوف ۽ سهڻو لطيف

Image
سنڌ جي اندر مذهبي رواداري تصوف جي بنيادن تي مشتمل آهي ۽ تصوف جيڪو هر مذهبن جو روح آه، شاه عبدالطيف ڀٽائي جي سموري شاعري ۾ مذهبي رواداري تصوف جي فڪر تي مشتمل آهي ۽ تصوف اهو واحد فلسفو آهي جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو تہ حضرت انسان مڙني فرقن ۽ ويڇن کان بالا طر هڪ معزز طبقو آهي، تصوف جي رنگ ۾ هر ڪنهن مذهب، ڪٽب توڙي قبيلي جي فردن لاءِ هڪ جيتري عزت، اهميت ۽ مان مرتبو رکيل آهي پاڻ ڳالھ پي ڪئي فڪر لطيف ۾ مذهبي رواداري جي، جهڙي ريت سنڌَ ڌرتي تصوف جي رنڱ ۾ رهيل رهي آهي اهڙي ريت سنڌ سان گڏ هنڌ ڌرتي تي بہ تصوف پنهنجا چٽا ۽ گهرا اثر ڇڏيا. اهڙي طرح جڏهن هندن جا جيڪي پرڻا ۽ مرڻا آهن اُهي بہ (مسلمانن سان) گڏ رهيا آهن، هنن جو هوليون ۽ عيدون بہ گڏ رهيون آهن هنن جون ڏياريون ۽ هنن جون ٿڌڙيون بہ هڪ ٻي سان گڏ رهيون آهن ڪالھ تائين هندو مسلم جو تہ فرق نہ هيو پر مسلمانن جي درميان سني شيئي جو بہ فرق نہ هيو ۽ انهي جي ئي ڪري سنڌ جي ماڻهن شاه عبدالطيف ڀٽائي جي تصوف واري تحريڪ کي قبول ڪيو ۽ اها تصوف واري تحريڪ جنهن جو روح روان پنهنجي دور ۾ شاه عبدالطيف ڀٽائي رهيو، ۽ ان تصوف واري تحريڪ جو روح روان پنهنجي

هي صدي فلسفي جي نه بلڪ سائنس جي صدي آهي

Image
فلسفو انتهائي قديم دور جو طرز عمل آهي جنهن جي وسيلي ڪنهن به وجود خاص طور تي انساني وجود جي هجڻ بابت بنيادي سوال اُٿاريا ويندا هئا ته انسان ڇا آهي؟ انسان جي وجود ۾ اچڻ جو ڪهڙو بنيادي ڪارج آهي؟ عقل، فهم ۽ سوچ ويچار ڇا آهن؟  خيال ڪئين جنم وٺن ٿا؟  حقيقت ۽ خيال جو پاڻ ۾ ڪهڙو ڳانڍاپو آهي؟ مطلب ته هي سڀئي اهڙا سوال هيا جن جا صديون اڳ جواب ڪنهن وٽ به ڪونه هئا ۽ ماڻهن ۾ خاص طور تي فلسفي ذهن رکندڙ ماڻهو هنن سوالن جي پرچار ڪندا هئا.  جئين ته دنيا ارتقائي مرحلا طئي ڪري هن وقت ڪافي اڳتي نڪري چڪي آهي ۽ هاڻ انهي قسم جا سوال ڪرڻ يا انهي قسم جي سوالن جا جواب تلاش ڪرڻ غير عقلي ۽ بي سمجهي تصور ڪئي ويندي. ڇو ته هن وقت دنيا جديد کان جديد ٿي وئي آهي پوري دنيا کي سائنس پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏي آهي. هر روز نت نيون تخليقون ۽ ايجادون ماڻهن کي حيران ڪري رهيون آهن.  فلسفي جي مدد سان جن سوالن جا جواب تلاش ڪيا ويندا هيا انهن سوالن جي جوابن تي مهذب، سماجيات ۽ معاشرتي علم تفصيل سان ڪتابن ۽ تحقيقن جي صورت ۾ جواب مهيا ڪيا آهن. پوري دنيا اندر خود شناسي ۽ پاڻ سڃاڻڻ لاءِ ڪافي ادارا قائم ٿي چڪ

اُستاد، هن معاشري جو اهم ۽ ذميوار ڪردار آهي

Image
سنڌ ۾ هن وقت انيڪ مسئلا آهن. انهن ۾ جيڪي معاملا سرفهرست آهن انهن ۾ صحت، تعليم ۽ زراعت ڌيان طلب آهن. هنن ٽنهي شعبن ۾ جدت سان گڏ نواڻ به گهربل آهي. ڇو ته هنن شعبن سان عام ماڻهو جو روز مره جي حساب سان واسطو پئي ٿو. صحت جي سهولتن جي اڻاٺ سبب وبائي بيماريون پيدا ٿيڻ شروع ٿين ٿيون.  زراعت جي شعبي ۾ اڳڀرائي نه هجڻ سبب هارين کي پنهنجي اُپت جو حصو پتي مڪمل طور تي نه ٿو ملي ۽ ان سان گڏوگڏ وري تعليم جي شعبي ۾ غيرسنجيدگي ۽ روايت پسندي سبب نئي ٽهي ۾ مقابلي جو جهان پيدا نه ٿو ٿئي ۽ نه ئي قابل توڙي باصلاحيت ماڻهو اڳتي اچن ٿا.  جنهن جو سمورو نقصان اجتماعي طور پوري قوم جي حصي ۾ اچي ٿو. سُڌريل ملڪن ۾ هنن ٽنهي بنيادي شعبن جي سڌاري لاءِ حڪومتي سطع تي اعلي قدم کنيا وڃن ٿا ۽ هڪ سنڌ آهي جتي حڪمران طبقو صرف پنهنجي پيٽ پورائي خاطر ادارن کي تباھ ڪندا رهن ٿا. تعليمي نظام تي نقطا چيني ڪرڻ انتهائي سولو ڪم آهي. تعليم کاتي جي تباھ ڪارين تي تبصرو به سولي نموني ڪري سگهجي ٿو. پر پاڻ وٽ الميو اِهو آهي ته پاڻ ڪنهن به شعبي توڙي کاتي جي اندورني معاملن کان اڻ واقف هوندي اُنهي شعبي تي تنقيد جا تير وسائڻ ج