Posts

Showing posts from March, 2021

ڪاغذن تي جلوه افروز ٿيندڙ ڪاغذي ڳالهيون

Image
الحمدالله ڪالھ منهنجو ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”ڪاغذي ڳالهيون!“ مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان پياري ڀاءُ مرتضيٰ لغاري جي ٿورن سان ڇپجي ڪري پڌرو ٿي چڪو آهي. هي ڪتاب پنجن حصن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ اُهي ڪالم ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف اخبارن جهڙوڪ روزاني ڪوشش حيدرآباد، عوامي آواز بلاگ، روزاني اڳواڻ حيدرآباد، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، روزاني آجيان شڪارپور، روزاني امڪان حيدرآباد ۽ سنڌي رسالن جهڙوڪ ماهوار ٽين اک ڪراچي، ماهوار احساس مئگزين حيدرآباد، ماهوار انڊلٺ مئگزين لاڙڪاڻو، عوامي آواز سنڊي مئگزين ۽ ڪاوش دنيا سنڊي مئگزين ۾ ڇپيا آهن. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ ڪُل ۱۵ ڪالم شامل ڪيا ويا آهن. جيڪي ڪُل وقتي موضوعن تي لکيل آهن ۽ اُنهن ۾ سنڌ، سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل ۽ سنڌ ڌرتي جي آئيندي لاءِ سنهرن خوابن جو تذڪرو ڪيل آهي. اِنهي سان گڏوگڏ حصي ٻئي ۾ ست اصلاحي مضمون آهن. جنهن ۾ نوڪري واري ٽيسٽ ڪيئن ڏجي؟ نوڪري لاءِ انٽرويو ڪيئن ڏجي؟ تقرير جا بنيادي اصول ڪهڙا آهن؟ اِنهي نموني جا ڪارائتا مضمون شامل ڪيا ويا آهن. حصي ٽين ۾ سنڌي ادب جي مخلتف اهم ڪتابن تي لکيل ارڙھ کن مضمون/تبصرا شامل آهن. جن ڪتاب
Image
  محمد سليمان وساڻ نالو ئي جاکوڙ جو آهي ڪجھ سال پهرين جي ڳالھ آهي. جڏهن مون لکڻ نئون نئون سکيو هو. سوشل ميڊيا تي ڪجھ نه لکڻ کانسواءِ آرام ئي ڪونه ايندو هو. هڪ ڏينهن گوگل سرچ انجن تي ڪجھ تلاش ڪندي سنڌ سلامت ويبسائٽ تي نگاھ پئجي وئي. سرسري طور اُتي موجود مواد تي نگاھ ڪيم ته کوڙ سارو مواد دلچسپ لڳو ۽ آئون پڙهندو ويس. انهي طريقي سان سنڌ سلامت ويب سائيٽ ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر سان منھنجي واقفيت ٿي. قصو اتي ختم نه ٿيو. سنڌ سلامت ۾ لکندڙ ٻين ليکڪن جيان مون به اُن ۾ پنهنجو اڪائونٽ ٺاهيو ۽ ٻين به کوڙ سارن دوستن کي اها تجويز ڏنم ته پنهنجي لکڻين کي مستقل جي بنيادن تي محفوظ ڪرڻ لاءِ سنڌ سلامت تي اچو، اُتي پنهنجو اڪائونٽ ٺاهي ڪري اُتي پنهنجا مضمون، ڪالم ۽ ٻيون مواد رکو. سنڌ سلامت تي مواد رکڻ جو اهو فائدو ٿئي ٿو ته جڏهن به اُن موضوع جي مناسبت سان سموري دنيا مان ڪو به ماڻهوءَ مواد ڳولهڻ چاهيندو ته اُن ۾ اوهان طرفان سنڌ سلامت تي رکيل مواد جو لنڪ موضوع سان لاڳاپيل هجڻ ڪري گوگل جي سرچ انجن ۾ نمايا ٿي ظاهر ٿي ايندو ۽ اوهان جو مواد سموري دنيا جي ماڻهن تائين آساني سان رسائي حاصل ڪري سگهي ٿو. منهنجي انهي تجويز