Posts

Showing posts from June, 2021

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

Image
سنڌي ادب جي دنيا هڪ وڏي ۽ وسيع دنيا آهي. جنهن ۾ کوڙ سارا اهڙا نالا آهن جن پنهنجي ڏات سان نه صرف نڀايو آهي پر اُنهن جي شعر و شاعريءَ توڙي نثر ماڻهن ۾ سجاڳي آندي آهي. ها ايترو ضرور آهي ته ڪن ٿورن کي ئي مڃتا جيئري ملي آهي، گهڻن تخليقڪارن  کي ته مرڻ پُڄاڻان وڏي شان ۽ مان سان ياد ڪيو ويو آهي. اِنهي گهڻائي وري عمل جي ڪري ئي اسان اڪثر اهو ٻُڌندا ايندا آهيون ته: ”اسان مرده پرست قوم آهيون“. اسان ڪنهن به ڏات ڌڻي کي سندس حياتي ۾ اُها مڃتا ۽ مان، شان توڙي اهميت نه ٿا ڏيون جيڪو اهو حق لهي ٿو. انهي روايت پسندي کي ٽوڙيندي اسان جي نوجوان ليکڪ، شاعر ۽ ناولنگار اصغر شر، سنڌ جي ڀلوڙ ۽ ناليواري شاعر آسي زميني کي سندس ادبي خدمتن جي عيوض جيئري ئي مڃتا ڏيڻ لاءِ سندس فن، فڪر ۽ شخصيت تي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي. جنهن جو نالو آهي:”نِوڙت سڀ نماز“، هي ڪتاب تازو ئي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ڪيو ويو آهي. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:”شاعري آه، ڊائري شاعر جي، هُو آتم ڪٿا لکي نه لکي“، هن شعر کي جڏهن اسان سامهون رکي ڪري ڪنهن به شاعر جي زندگي جو جائزو وٺون ٿا ته هوند ائين ٿو لڳي ڄڻ واقعي شاعرن جي شاعريءَ ئي اُنهن جي آتم ڪٿا