ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو




سنڌي ادب جي دنيا هڪ وڏي ۽ وسيع دنيا آهي. جنهن ۾ کوڙ سارا اهڙا نالا آهن جن پنهنجي ڏات سان نه صرف نڀايو آهي پر اُنهن جي شعر و شاعريءَ توڙي نثر ماڻهن ۾ سجاڳي آندي آهي. ها ايترو ضرور آهي ته ڪن ٿورن کي ئي مڃتا جيئري ملي آهي، گهڻن تخليقڪارن  کي ته مرڻ پُڄاڻان وڏي شان ۽ مان سان ياد ڪيو ويو آهي. اِنهي گهڻائي وري عمل جي ڪري ئي اسان اڪثر اهو ٻُڌندا ايندا آهيون ته: ”اسان مرده پرست قوم آهيون“. اسان ڪنهن به ڏات ڌڻي کي سندس حياتي ۾ اُها مڃتا ۽ مان، شان توڙي اهميت نه ٿا ڏيون جيڪو اهو حق لهي ٿو. انهي روايت پسندي کي ٽوڙيندي اسان جي نوجوان ليکڪ، شاعر ۽ ناولنگار اصغر شر، سنڌ جي ڀلوڙ ۽ ناليواري شاعر آسي زميني کي سندس ادبي خدمتن جي عيوض جيئري ئي مڃتا ڏيڻ لاءِ سندس فن، فڪر ۽ شخصيت تي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي. جنهن جو نالو آهي:”نِوڙت سڀ نماز“، هي ڪتاب تازو ئي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ڪيو ويو آهي. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:”شاعري آه، ڊائري شاعر جي، هُو آتم ڪٿا لکي نه لکي“، هن شعر کي جڏهن اسان سامهون رکي ڪري ڪنهن به شاعر جي زندگي جو جائزو وٺون ٿا ته هوند ائين ٿو لڳي ڄڻ واقعي شاعرن جي شاعريءَ ئي اُنهن جي آتم ڪٿا آهي. جنهن ۾ اُهي پنهنجي جزبات، تجربات توڙي ڀوڳنائن کي سليس نموني سان بيان ڪن ٿا. سنڌ جي سهڻي شاعر، قومپرست ۽ سنجيده ليکڪ نواز خان زئور، اسان جي نوجوان دوست آزاد شر جي شعري مجموعي جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته:”حضرت موسيٰ عليه السلام لاءِ مشهور آهي ته هُو خدا پاڪ سان ڪلام ڪندو هو. خدا سان ڪلام ڪرڻ جي اها سعادت پيغمبرن کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي انسان جي حصي ۾ اچي ٿي ته اُهي شاعر آهن. شاعر پنهنجي شاعري وسيلي خدائي ڳُجھه جا ڳولائو هوندا آهن. اها ڳولا بذاتِ خود خدا سان ويجھڙائپ آهي. جيڪس انهيءَ جي ڪري ئي چيو ويو آهي ته:

الشُعراءَ تلاميِذُ الرَحمانَ!

”شاعر خدا جا شاگرد آهن“.

اها سعادت صرف خدا جي شاگردن کي ئي نصيب آهي ته اُهي سماج، زمان توڙي مڪان جي اُٿل پُٿل کي پنهنجي عقابي اکين سان ڏسي سگهن ٿا ۽ عام ماڻهن کي مستقبل ۾ درپيش ايندڙ معاملن جي آگاهي شاعري وسيلي ڏيندا رهن ٿا. آئون جڏهن به ڪنهن شاعر تي ٻه اکر لکڻ لاءِ ويهندو آهيان ته منهنجا هٿ ڏڪندا آهن ۽ منهنجي دل جي دڙڪن تيز ٿي ويندي آهي. تڏهن به پنهنجي سمورن حواسن تي ضابطو آڻيندي مڙئي ڪجھ لکي وٺندو آهيان. هي ڪتاب جيڪو اڄ منهنجي مطالعي ۾ آيو آهي. ان ڪتاب نه صرف منهنجي حواسن جا در کڙڪايا آهن پر مون کي لکڻ لاءِ اُتساھ به ڏنو آهي. ڇو ته هي ڪتاب هڪ اهڙي شخصيت جي فن، فڪر ۽ شخصيت تي لکيل آهي جنهن جو نالو سنڌ توڙي هنڌ اندر ادب جي وشال آڪاش تي چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪي رهيو آهي. ڀلا آسي زميني کي ڪير نه سُڃاڻي؟ اوهان جي سماعتن تائين هي لفظ ته ضرور پهتا هوندا:


آءُ گهڙيءَ کن هيٺ لهي آ!

پنهنجو جوڙيل ڏيھ ڏسي وڃ!

هڪڙا ماڻهو ننڍڙا ماڻهو،

هڪڙا ماڻهو وڏڙا ماڻهو،

ڪهڙا ماڻهو تنهنجا ماڻهو؟

پنهنجن تي نيشان هڻي وڃ!


هي مٿيان شاعراڻا ٻول، جنهن به اهل دل جي سماعتن تائين پهتا آهن ته اُنهن جا لنڱ ڪانڊارجي ويندا آهن. هن سماج ۾ رائج طبقاتي نظام، اوچ، نيچ ۽ ننڍ وڏائي واري دقيانوسي توڙي غليظ سسٽم کي هي مٿيان ٻول وائکو ڪن ٿا. انسان جي محڪومي، انسان کي ڪمزور ڪندي آهي، کيس مايوس ڪرڻ سان گڏ احساس ڪمتري ۾ به مبتلا ڪندي آهي. جڏهن اهڙيون ڪيفتون ڪنهن صحتمند ذهن تي حاوي ٿي وڃن ته پوءِ هن قسم جهڙا ٻول پاڻهي ڄاڻ اندر مان جاري ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. مجموعي طور اسان هڪ اهڙي قوم جا فرد آهيون جيڪا قوم صدين کان محڪومي واري عذاب کي ڀوڳي رهي آهي تڏهن به جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسان انفرادي طور به ڪنهن قدر محڪومي جا شڪار آهيون. تنهن ڪري ئي پنهنجي اندر جي آواز کي شاعريءَ جي روپ ۾ آلاپي ڪري پنهنجي پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. هي ڪتاب:”نِوڙت سڀ سماج“ ٽن حصن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ انٽرويو ڏنا ويا آهن. جيڪي مختلف وقت ۾ مختلف ادارن طرفان آسي زميني کان ورتا ويا آهن. انهي کان علاوه ڪتاب جو ٻيو حصو مضمونن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ علي دوست عاجز، تاج جويو، وسيم سومرو، عنايت لغاري، ارباب زادي، اختر رند، ناز سنائي، زبير سومرو، نواز نظاماڻي، يوسف سنڌي، سوز هالائي، غلام حسين رنگريز، واسديو موهي، ريٽا شهاڻي، فرزانه شاهين، علي عاجز شر، يعقوب ڏاهري، نصير سارنگ، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، صوفي شوڪت، موهن مدهوش، حبيب متو، عين سحر، قادر بخش مگسي، ديدار شهباز، اظهر امر، علي رضا لغاري ۽ اصغر شر جا آسي زميني تي لکيل مضمون آهن. ڪتاب جو هي حصو انتهائي خوبصورت ۽ معلومات مهيا ڪندڙ آهي، ڇو ته هي محض مضمون نه آهن پر هي مضمون جي صورت ۾ مڃتا آهي. جيڪا پڙهندڙن، پنهنجي پيارن ۽ قدر دانن طرفان لفظن جي روپ ۾ آسي زميني کي ڏني وئي آهي. اِهو قطعي اهم ڪونه آهي ته اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسو پر اهو اهم آهي ته دنيا وارا اوهان کي ڪيئن ٿا ڏسن؟ هنن مضمونن کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالھ ته بلڪل چٽي، صاف ۽ نروار ٿي ڪري سامهون اچي ٿي ته آسي زميني جي جهولي گلن سان ڀريل ٽوڪري جي مثل آهي. جيڪو به اُن وٽ آيو، ٻه گهڙيون ويٺو ۽ هم ڪلامي ٿيو ته اُن ماڻهو کي هن سنڌ جي سٻاجهڙي شاعر گل ئي آڇيا آهن. ڪنهن جي رستي ۾ ڪنڊا هن نه ڪڏهن رکيا آهن ۽ نه ئي ڪڏهن اهڙو ارادو رکي ٿو. مٿي ذڪر ڪيل مانوارن ساٿين ۾ ارباب زادي (مسز آسي زميني) جو مضمون:”اندر جي اور“ جي عنوان سان، باقاعده پڙهڻ جهڙو مضمون آهن. هي مضمون ٻين مضمونن کان ان لاءِ به وڌيڪ اهم آهي جو هي مضمون هڪ اهڙي شخصيت جو لکيل آهي. جيڪو اسان، توهان، مجموعي طور سڀني کان وڌيڪ آسي زميني کي سُڃاڻي، ساڻس ڏکن، سکن، تڪليفن ۾ گڏ رهي آهي. آئون سمجهان ٿو ته اِها اُن شاعر/ليکڪ جي خوش نصيبي چئجي جو اُن جي شخصيت تي اُن جو هم سفر خيال آرائي ڪري، کيس مڃتا جي صورت ۾ ڀيٽا پيش ڪري. يقينن هي هڪ وڏي خوش نصيبي آهي. ڪتاب جو ٽيون حصو، منظوم ڀيٽا تي آڌاريل آهي. جنهن ۾ عنايت لغاري، درد هوش محمد ابڙو، مٺل جسڪاڻي، اسد الله اُنڙ، اداسي عزيز احمد، ۽ اصغر شر جا شعر شامل آهن. ناز سنائي پنهنجي مضمون:”مڃتا جي رُڃ ۾“ هڪ مطالعو ۾ لکي ٿو:” دوستو! آسي زميني مونکي اڌ آسماني ۽ اڌ زميني لڳندو آهي، ڇو ته شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو حصو ٿا چون ۽ چون ٿا، ته شاعرن تي”نزول“ ٿيندو آهي. الهام ٿيندو آهي. آسيءَ وٽ جيڪا به ڏات آهي، جيڪو به مٿس الهام ٿيو آهي. نزول ٿيو آهي. اهو چڱو ٿيو آهي. ان ڪري مونکي آسماني ماڻهو يعني آسمان سان رابطي ۾ رهندڙ ماڻهو لڳندو آهي. پر اڌ_۽ اڌ زميني ان ڪري ته ايڏي الهام ۽ نزول جي باوجود به هن جو ڌرتيءَ سان ناتو قائم آهي. هُو ان ڏات ۽ ڏانءَ ڪري اڏاڻو ڪونهي، پر ڌرتيءَ تي رهي، هن ڌرتيءَ جي ماڻهن جي ڳالھ ڪئي آهي ۽ انهن سان پنهنجو نيهن نڀايو آهي“. آسي زميني سنڌ جو اُهو ڀاڳوند شاعر آهي جنهن جي شاعري سنڌ جو کوڙ سارن فنڪارن سرمد سنڌي، سڄڻ سنڌي، وقار ملاح، الله ڏنو جوڻيجو، اياز علي، دايال صحرائي، خالد ڀٽي، عدنان زهري، گل حس گل، سرمد اياز، بيدل مسرور، آصف سيال، ڏاڏو هوشو شيدي ۽ ابراهيم خاصخيلي ڳائي آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي ناليواري تخليقڪارن جهڙوڪ عنايت لغاري، فرزانه شاهين، محب ڀيل ۽ اصغر شر پنهنجا ڪتاب کيس ارپيا آهن. ادبي مڃتا طور آسي زميني کي هن وقت تائين ڪافي سارا ايوراڊ به مليا آهن. جن ۾ ڪينجهر ايڊيٽر ايوارڊ 1993ع، شهيد فاضل راهو ايوارڊ 1997ع، اڏيرو لعل ايوارڊ، بزم ٽکڙا ايوارڊ، ايڇ ايل ايف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، قلندر شهباز ايوارڊ ۽ بزم ڪاروان ادب ايوارڊ شامل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ٻه شعري مجموعا:”مڃتا جي رڃ ۾“ ۽ ”ٻه شاعر ٻه ڪهاڻيڪار“ آهن. جيڪي 1992ع ۾ ڇپيا. ان کان علاوه ڏھ کن ڪتاب ترجما به ڪيا اٿس، جيڪي مختلف موضوعن تي آهن. جن ۾ هڪڙو ناول به آهي. ”مٽيءَ جو عاشق مٽيءَ جو ماڻهو“ جي عنوان سان علي عاجز شر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته:” آسي زميني آهي ته سن جي پوڙهي سيد، جي ايم سيد جي فڪر جو پيروڪار، پر هو عام ماڻهن وانگر قطار ۾ بيهي، ووٽ ڏيڻ جي انتظار ۾ خاموش نظر ايندو آهي ته ڪيئي سوچون ذهن ۾ جنم وٺنديون آهن ته ڀلا آسي زميني ته فڪر جي ايم سيد جو پوئلڳ آهي پوءِ ووٽ ڇو ٿو ڏئي؟ ووٽ ڏيندڙن جي ڊگهي قطار ۾ بيٺل آسي زميني اصل ۾ احتجاجي ووٽ ڏيندو آهي، سندس ڏنل ووٽ وارو پرچو ڏسي ووٽ ڳڻيندڙ ضرور حيران ٿيندا هوندا ۽ سوچيندا هوندا ته هھڙا سچا انسان به جڳ ۾ پيا آهن! آسي زميني ووٽ واري پيپر ۾ آخر ڇا ٿو لکي، اڄ اچو ته اسان به اهو راز پروڙيون، سندس هڪ دوهو:


بجليءَ جو بحران ڏسي ۽ گيس سندو فقدان:

ووٽن جي پيپر تي ٺاهيو،  ڀونڊي جو نيشان!


آسي زميني ته ووٽن واري پيپر تي ڀونڊو ٺاهي پنهنجو احتجاج ريڪاڊ ڪرايو، پر ٻهراڙي جي عام ڳوٺاڻي عورتن کان به وقت جي حڪمرانن کي هيئن چوايائين ته:


ڇيڻا ٿڦي ڀت تي، پوڙهي پورهيت نار،

ڀونڊي سان گڏ گار، ڏني هن سماج کي!


ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان 328 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 500 روپيه رکي وئي آهي. ڪتاب جو سهيڙيندڙ اصغر شر آهي ۽ مواد کي ڪمپوز ڪرڻ ۾ ساڻس امرت سنڌي جو ساٿ رهيو آهي. ڪتاب جي ارپنا آسي زميني سميت سندس گهر ڀاتين کي ٿيل آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي مرتب ڪندڙ جي خوبصورت تصوير سان گڏ سندس مختصر تعارف به شامل آهي. هن ڪتاب جي ٽائيٽل کي ٺاهڻ جو شرف مون کي حاصل ٿيو آهي. جيڪا مون لاءِ اعزاز جهڙي ڳالھ آهي. نئين ٽهي جي نوجوان شاعرن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي

Comments

  1. Ada Sain Kindly send your contact number or text me on WhatsApp 03331302876

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو