Posts

Showing posts from May, 2020

وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

Image
حصو ٻارهون - آخري جنهن وقت ورسٽي جون گرمين واريون موڪلون ٿيون تہ منهنجو اڪثر ٽائيم گهر ۾ ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ ۾ گذرندو هو، انهن ڏينهن ۾ ڳوٺ جي هڪ چڱي ڀلي پئسي واري همراه جي دانهن ٻڌم جيڪو پنهنجي پٽ جي بي فرماني جون ڳالهيون ڪري رهيون هو ۽ زارو قطار روئي ڪري کيس پٽون ۽ پاراتا ڏئي رهيو هو، منهنجي قلم سندس ان مذاحمت تي هڪ لفظن جو ڳٽ جوڙيو جيڪو ڪجھ هن ريت هو، ”اسان جي لاشعوري اسان کي ڪيترو نقصان پئي ڏئي پنهنجي معاشري ۾ نظر تہ ڊوڙايو ۽ ڏسو تہ ڪيترن صاحب قوتن جا اولاد صالح آهن ۽ ڪيترن جا نافرمان، صالح اولاد تہ ٿيو صالح انهن جو چيپٽر ڪلوز، باقي بچيا نافرمان، انهن تي غور وفڪر ڪجي تہ اُهي والدين جي نافرماني ڇو ٿا ڪن.  آخر ڪهڙا سبب آھن جو اُهي پنهجي عظيم رشتن جو ڀرم نہ ٿا رکن، هر روز اخبارن ۾ پيءَ توڙي مٺڙي ماءُ کي گهر دربدر ڪرڻ جا کوڙ ساريون خبرون پڙهڻ لاءِ ٿيون ملن، سچ تہ اهڙا خبر پڙهي ڪري دل رت جا ڳوڙا ڳاڙيندي آهي ۽ ذهن ۾ اهو سُوال ڪَر کڻندو آهو تہ اڄ جو اولاد ايڏو ڪٺور ڪئين ٿو ٿي سگهي؟ منهجو اڄ تائين اهو نظريو رهيو آهي تہ اولاد جي نافرمان ٿيڻ دراصل والدين جي اڌوري پرورش جو نتيجو هو

وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

Image
حصو يارهون ها پرين! مون مرڪڻ سکيو هو، مون جئيڻ بہ سکيو هو ۽ ماڻهن سان ملڻ جُلڻ بہ سکيو هو، مون زندگي لفظ جي حقيقي ۽ صحيح معني سمجهي هئي تڏهن جڏهن تون مونسان گڏ هوندين هئين، مون اهو سکيو تہ محبتن جي معراج جي سفر ۾ ڪيڏي نہ مٺاس رکيل آهي، چڪور جي چنڊ لاء چرياپ مونکي پهريان سمجھ ۾ نہ ايندي هئي مگر جڏهن کان پاڻ هڪ منزل جا راهي ٿي گڏ هلڻ لڳاسين تہ مونکي چڪور ۽ چنڊ جي رمز جي پروڙ پئي، چانڊوڪي راتين ۾ جڏهن جيتن جڙن جي رڌم ڀريل آواز من جي سازن کي ڇيڙيندا هئا تہ منهنجي ڪنن جا پردا تنهنجي سريلي ۽ ڪوئلي آواز جي پڙاڏن کي ٻڌڻ جي لا۽ بيقرار ٿيندا هيا ۽ منهنجي من ۾ تون لاء چڪور جي چاهت جهڙي چاهت اُسرجڻ لڳندي هئي ۽ تون مونکان چنڊ جيان ڏور ٿيندي وئين. مون ڪڏهن بہ اهو سوچيو نہ هو تہ منهنجو تونسان ڪڏهن ڪو اهڙو رشتو جڙندو، جنهن ۾ رابطي جي ڪمي کي مان شدت سان محسوس ڪندس، تنهنجي ظاهري طور گڏ نہ هجڻ جي احساس کي مان هميشه پاڻ سان گڏ هجڻ ڀائيندم، تنهنجي کن پل لا۽ مرڪي ملڻ کي مان ورهين جي ملاقات سمجهندس، منهنجي من ۾ انيڪ گل ڦٽي پوندا آهن جڏهن تنهنجو ميسيج ايندو آهي، اُهي گل منهنجي مرجهايل من کي پنهنجي

وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

Image
حصو ڏهون هر سال عيد جي نماز پڙهي ڪري مان اڪثر ننڊ ڪندو آهيان يا وري ننڊ نہ اچڻ جي صورت ۾ ڪنهن ڪتاب جي پڙهڻ کي ترجيع ڏيندو آهيان گذريل سال دوستن جي گهڻي اسرار کان پو۽ عيد جي نماز پڙهي ڪري ڀٽ شاه گهمڻ جو پروگرام ٺاهيوسين، عيد نماز پڙهي ڪري اسان ڀٽ شاه لا۽ روانا ٿياسين، مان اڳ بہ ٻہ دفعا ڀٽ شاه جي درگاه جي حاضري ڀري چڪو هيم ليڪن هيل وڃڻ جو انداز ڪجھ نرالو هو، هڪ تہ سڄي سنگت ساڻ هئي ٻيو وري پورن پنجن سالن جي وٿي کان پو۽ وڃي رهيو هيم ۽ مونکان علاوہ باقي سڀني دوستن جو هي لطيف سرڪار جي درگاه تي پهرين حاضري هئي.  ان ڪري انهن جا چهرا مهڪن پيا ۽ دل بهار بهار پئي ٿئي. منهجي بہ تقريبن ساڳي ڪيفيت هئي، آئون سڄو دڳ پنهجي ذهن ۾ لطيف سرڪار جي درگاه جي اڻ چٽي تصوير کي دهرائي لطف اندوز ٿيندو رهيم، اها تصوير جيڪا پنج سال اڳ منهجي اکين درگاه کي ڏسي ڪري منهجي ذهن ۾ محفوظ ڪئي هئي ۽ سوچيندو رهيم تہ هاڻ درگاه الائي ڪئين نظر ايندي؟ درگاه جي اڏاوتي ڪم ۾ الائ ڪيتري ترقي ٿي هوندي؟ منهجي دل ۾ عقيدت جا گل ڦٽي ڪري وڻ ٿيڻ لڳا ۽ درگاه تي پهچڻ جو انتظار شدت اختيار ڪرڻ لڳو، چئن ڪلاڪن جي سفر کان پو۽ نيٺ اسان د

وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

Image
حصو نائون مون کيس پنهنجي دل جي ڳالھ ڪجھ هن ريت اوري هئي، ” منهجي سنڌ جهڙي معصوم دل جي سر زمين تي تنهجون يادون ڪڏهن ارغونن ۽ وري ڪڏهن تُرخانن وانگر حملا ڪندا رهن ٿا مگر آئون انهن آڏو ائين بيوس بڻيو ويٺو آهيان جهڙي نموني هاڻ اسان جي قوم وڏيرن ۽ ڀوتارن آڏو بيوس بڻيل آهي، پنهنجي بيوسي کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو مثال موجود ناهي، تون جيڪا واچ مونکي منهجي سالگره تي تحفي طور ڏني هئي مزي جي ڳالھ تہ اُها واچ ڪڏوهوڪي خراب ٿي وئي آهي، شايد ان ڪري خراب ٿي آهي جو مان جڏهن توسان گڏ هوندو هيم تہ مونکي وقت گذرڻ جو ذري برابر بہ احساس ڪو نہ ٿيندو هيو ۽ ڏينهن تمام مختصر لڳندا هيا منهجي واچ شايد اُن بي رحم رويي جو هاڻ مونکان بدلو پئي وٺي ۽ ٽائيم ٻڌائڻ کان ٺپ جواب ڏئي وئي آهي جڏهن تہ هاڻ مونکي ٽائيم جي گذرڻ جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو آهي.  تو هڪ دفعي مون کي چيو هو تہ تون مذهب کان باغي آهي ۽ نماز بہ نہ ٿو پڙهين ۽ روزا بہ نہ ٿو رکين، مذهب کان صفا پري آهي ۽ مذاقن مذاقن ۾ چيو هيئي تہ ڪٿي ڪافر آهي ڇا؟ توکي شايد انهن معملات جي خبر ئي نہ رهي جن مون کي مذهب کان باغي بڻايو نہ وري تو مون کان

وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

Image
حصو اٺون آئون اهڙين ڳالهين سان بلڪل بہ سهمت ناهيان، ٽيڪنالاجي تہ اسان جو ٽائيم بچائي ٿي ٽيڪنالاجي تہ ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڏيکاريو آهي پوءِ اسان اُن کي معاشري جي بگاڙ جو ڀاڳي ڀائيوار ڪئين ٿا سڏي سگهون، هر شئي جا ٻہ پهلو ٿيندا آهن ۽ اسان هميشه هر شئي جي منفي پهلو کي ڏسندا آهيون، هي ڪائنات سڄي ڳڄھ سان ڀري پئي آهي توهان هن جي ڪيترن ڳڄهن کي پروڙيون آهي؟ ڇا اوهان وٽ اها سگھ آهي جو هن ڪائنات جي رمزن کي سمجهي سگهو؟، پنهجو پاڻ کي پرکي ڏسو ڇا اوهان هڪ صحتمند ذهن جا مالڪ آهيو؟  هڪ دفعي وري ڪنهن ٻي محفل ۾ ويٺي مون ڪجھ هن طرح سان ڳالهايو هو.” اسان وٽ سٺن، عمدن ۽ بهترين اڳواڻن جي شديد کوٽ آهي، اسان سنڌين جي سٻاجهڙائپ، سادگي ۽ مسڪيني ڏسي ڪري هر شاتر ۽ دوڪيباز دماغ اسان کي ڦريو، لٽيو هليو ٿو وڃي، اسان وٽ اگر ڪو ڪامرو کن پل لا۽ کَلي ملي پوندو تہ اسين پنهنجو پاڻ سڄو ان کي ارپي ڇڏينداسين، ورهيہ اسان کي نڌڪوڻو ڪري ويل اسان جي تڪ جا قومي ۽ صوبائي ميمبر جيڪڏهن اليڪشن مهم دوران اسان جي اوطاق ۾ کن پل لا۽ آيا تہ اسين سندس ڪيل سڀ غلطين ۽ گناهن کي درگذر ڪري، وري سندن نارن لڳائڻ ۾ شروع ٿي وينداسين.

وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

Image
حصو ستون زندگي جي هر هڪ موڙ تي اسان کي انيڪ ماڻهو ملندا آهن. جن جي محبت توڙي خلوص اسان کي سندن شخصيت جو پارکو بڻائي ڇڏيندي آهي، فيڪلٽي ۾ جنهن فرد جي شخصيت مون کي سڀني کان وڌيڪ متاثر ڪيو اُهو هو سيد سرفراز احمد شاه، سندس ڳالهائڻ جو انداز توڙي سندس شخصيت جو هڪ منفرد قسم جو اسٽائيل جنهن ۾ سندس هلڻ چلڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ توڙي انداز گفتگو شامل آهي، ٻين فيڪلٽي ميمبرن کان منفرد ۽ جداگانہ هوندي هئي. سندس اُنسيت اسان سان ڪجھ گهڻي هوندي هئي، هر روز ڪلاس ڏانهن ويندي کيس سلام ڪبو هو توڙي ڪڏهن ڪڏهن ساڻس ملي بہ پئبو هو، پر جڏهن بہ ملبو هو تڏهن ائين محسوس ڪبو هو ڄڻڪ هوشو توڙي سقراط جي ثاني سان ملجي ٿو. سندس گفتار ۾ شامل ٿيندڙ لفظ عمومن اُهي هوندا هئا جيڪي گرو رنجنيش پنهنجن ڪتابن ۾ ڪتب آندا آهن، سندس ٽيبل تي سامهون هر ڏينهن اوشو جو ڪو نئون بڪ ڏسڻ وٽان ملندو هو، اسان سان ڪچهري ڪندي ڪافي دفعا انهن ڪتابن جا حوالا ڏئي ويندو هو ۽ هميشه اسان کي منفرد توڙي ٻين کان الڳ هجڻ جو احساس ڏياريندو هو ۽ اُهو پڻ چوندو هو تہ توهان حضرت انسان آهيون ڪتابن جا ڪيڙا نہ ٿيو، پنهنجي پاڻ کي سڃاڻي پنهنجي هڪ جدا گانہ ش

وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

Image
حصو ڇهون هر دفعي منهنجيون تحريرون منهنجي احساسن جي ترجماني ڪرڻ لڳيون هيون، مون سندس هر هڪ ورتاءُ تي کيس پنهنجا جواب تحريرن جي شڪلن ۾ ڏنا ان سان گڏوگڏ پنهنجي دل جا احوال بہ تحريري صورت ۾ لکي ڪري کيس انهي ذريعي آگاه ڪندو رهيس، ڇو تہ هُن وٽ رسڻ جي ريت هئي ۽ مون وٽ لکڻ جي، ڪڏهن ڪڏهن دوستن جا رايا بہ وڏي اهميت جا حامل هوندا آهن، پر هتي اوهان سان ڳالھ ونڊي رهيو آهيان منهنجي يار ملوڪ جي جيڪو وري منهنجي عشقيہ نظري جي بلڪل اُبتڙ نظريو رکندو  آهي. جئين دنيا جي هر ڌنڌي ڌاڙي جا ڪجهہ پنهنجا مقرر ڪيل اصول هوندا آهن. جن تحت سندن خريد و فروخت ڪئي ويندي آهي تئين ئي منهنجي يار ملوڪ جا عشق ۽ محبت جي معاملي ۾ ڪجهہ عجيب و غريب اصول مقرر ڪيل آهن، سندس چوڻ آهي تہ” جيڪڏهن يونيورسٽي ۾ ڪا ڇوڪري پسند اچي تہ ان کي صرف ڏسڻ جي حد تائين محدود رکجي، ان کي پرپوز نہ ڪجي ڇو تہ اِهو اسان مردن جي شان ۾ ناهي تہ ڪنهن ذائفان کي پرپوز ڪيون“  مان اڪثر کيس مختلف فلمن جا حوالا ڏيندو آهيان ۽ چوندو آهيان تہ” يار ڏس فلاڻي فلم ۾ هيرو کي ڇوڪري پسند آئي تہ هيري پاڻ وڃي کيس پرپوز ڪيو نہ، ڇوڪري تہ صرف کيس گرين سگنل ڏنا ۽ اڪث