Posts

Showing posts from September, 2019

انساني سوچ ڇا مان ڇا ڪري سگهي ٿي

Image
انساني مزاج جو هڪ اهم پهلو هي پڻ آهي ته انسان هر ڪنهن ڪم ڪار توڙي حڪمت عملي بابت ڪاميابي جي توقع پنهنجي ذهن ۾ رکندو آهي. اهو قطعي به ممڪن ڪونه آهي ته انسان کي هر دفعي، هر جڳھ تي ڪاميابي نصيب ٿي. ها البته ڪجھ ڪاميابيون اسان جي ڪوتاهين سبب به ناڪامي جو روپ ڌاري وٺنديون آهن.  مجموعي طور دنياوي ليول تائين جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته هڪ شئي پنهنجي سامهون چٽي نموني اچي پيش پئي ٿي ته ڪامياب ٿيڻ لاءِ ڪي اصول ضرور هجڻ کپن، وري انهن اصولن کي اپنائڻ لاءِ ڪو آدرش هجي، ڪو نظريو هو. ڪو فڪر هجي جنهن تي هلي ڪري ماڻهو پنهنجي هن مختصر زندگي کي ٻين لاءِ لاڀائتو ثابت ڪري سگهي ٿو.  ڪنهن ڏاهي چيو هو ته جهڙي سوچ تهڙي زندگي. بلڪل انهي ڳالھ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته سوچ سان ئي زندگي جون نيون راهون هموار ٿينديون آهن. انهي سوچ جي هڪ ٿيڻ سان ماڻهن جو ميڙ به ٺهندو آهي ته ماڻهو اڪيلو به ٿيندو آهي. سوچ سان ئي نظريا، فلسفا، فڪر ۽ تفڪر جا رستا جڙندا ۽ ٽٽندا آهن.  انساني سوچ پنهنجي معراج جو سفر تڏهن شروع ڪندو آهي جڏهن اِها سوچ انفراندي حد کي ترڪ ڪري اجتماعي ڀلائي وارو رستو اختيار ڪندو آهي. اجتماعيت طرفان

توکي ساري ساھ تي هڪ نظر

Image
ڪنهن به شاعر توڙي سندس شاعري تي ڳالهائڻ جو حق هر هڪ اهل دل ماڻهو کي آهي. شاعري دل جو آواز آهي ۽ جنهن دل ۾ پيار جا گيت جنم وٺندا آهن اُنهي دل کي شاعري جي زبان به سمجھ ۾ ايندي آهي.  مون ڪجھ ڏينهن پهريان شعر و شاعري جي ڪجھ ڪتابن جو مطالعو ڪيو. جن مان ڪجھ ڪتابن کي پڙهڻ دوران بوريت ٿي ته وري اُتي ساڳي جڳھ تي وري ڪجھ ڪتابن من کي تازو به ڪيو. جن مان صنم سنڌو ڀنڀرو جي شاعري جو ڪتاب توکي ساري ساھ به هڪ آهي.  صنم سنڌو سان جهڙوڪ شناسائي پهريان ئي هئي. لطيف ورسٽي ۾ اسان جي ساڃاھ وند دوستن طرفان شاھ لطيف ادبي ۽ ثقافتي فورم جوڙيو ويو هو جيڪو اڃا تائين قائم آهي. انهي ادبي پليٽ فارم تان ادبي گڏجاڻيون ۽ تقريبون ٿينديون رهن ٿيون. انهن ئي تقريبن ۾ کوڙ دفعا محترمه صنم سنڌو ڀنڀرو سان ملاقات جو موقعو مليو ۽ سندس ويچار ٻڌڻ لاءِ مليا. صنم سنڌو وٽ جيتوڻيڪ ادب جي ساڃاھ انتهائي حد تائين آهي. اُنهي سان گڏوگڏ سندس شاعري ۾ به اُهي سڀئي پيغام ملن ٿا جيڪي هڪ شاعر طرفان سماج کي ارپيا ويندا آهن.  سندس فن ۽ فڪر بابت ناليواري ليکڪا محترمه شبانه عالماڻي هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿي:  ”صنم  وٽ شاعري ۽ شاع

نوڪري جي لاءِ انٽرويو ڪئين ڏجي

Image
انساني زندگي جي هن سفر ۾ ڪجھ اِهڙيون شيون به اسان جي سامهون اينديون آهن جن جي پورائي يا تڪميل لاءِ ماڻهو کي پنهنجي پاڻ کي مڪمل طور تي تيار ڪرڻو پوندو آهي. تڏهن ئي وڃي ڪري کيس سندس اُنهي مقصد ۾ ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي. اِهڙن ئي معاملن منجهان هڪ اهم معاملو نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيڻ وارو معاملو به آهي. انٽرويو جيتري قدر سُٺي نموني سان پايا تڪميل تي پهچي ٿو نوڪري ملڻ جا امڪان به اوتري ئي قدر وڌيڪ هجن ٿا.  اِنهي لاءِ ڪنهن به شعبي، ڪمپني يا سرڪاري توڙي نيم سرڪاري اداري ۾ نوڪري جي مقصد سان ويندڙ اميدوار جيڪڏهن ڪامياب انٽرويو ڏيڻ چاهي ٿو ته کيس انٽرويو کان پهريان هنن بنيادي ڳالهين کي ذهن نشين ڪرڻو پوندو جنهن کان پوءِ سندس انٽرويو کي ڪوبه فرد ڪامياب ٿيڻ کان روڪي نه ٿو سگهي. وقت جي پابندي: وقت جي پابندي هر جڳھ تي اهميت رکي ٿي. ڇو ته هر هڪ ڪم ۽ عمل جو واسطو وقت سان هوندو آهي. وقت سان ئي وقت سر شين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي آهي. جنهن جڳھ تي اوهان کي انٽرويو لاءِ پهچڻو آهي ڪوشش ڪريو ته گهربل وقت کان ڪجھ ساعتون پهريان توهان اُنهي جڳھ تي پهچي وڃو. اِنهي سان توهان کي فائدو اِهو پوندو ته