Posts

Showing posts from November, 2019

جديد تعليمي نفسيات

Image
جديد تعليمي نفسيات! علم نفسيات جو جامع ۽ سائنسي مطالعو ليکڪ: ڊاڪٽر عبدالروف سنڌيڪار: يوسف جميل لغاري اسان پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ پنهنجي آس پاس پاڻ سان لاڳاپيل ماڻهن جو گهرائي سان مشاهدو ڪندا آهيون ۽ اُنهن جي ذهني ڪيفيتن، حرڪتن، عملن ۽ اُنهن جي ڪردار تي اسان جي نظر هوندي آهي. اِنهي مشاهدي جي بنياد تي اسان ماڻهن کي سُٺي ۽ خراب هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيندا آهيون. ڪنهن ماڻهو جي سنجيدگي سان ويهڻ کي ڏسي ڪري اسان انهي بابت اِهو رايو جوڙيندا آهيون ته شايد ڪنهن سوچ ويچار ۾ گم آهي.  ڪنهن کي مايوس ڏسي ڪري اِهو اندازو لڳائيندا آهيون ته پڪ سان هن کي ڪا ڳڻتي آهي يا هن سان ڪو فريب وغيره ٿيو آهي. اسين بد مزاج ۽ جهيڙيڪار ماڻهن سان ملڻ کان پاسو ڪندا آهيون. پر جڏهن اسان جي سامهون، اسان جو ڪو دوست اچي ويندو آهي ته انهي جي چهري کي ڏسڻ مهل اندر ۾ سرهائي محسوس ٿيندي آهي ۽ انهي سان ملڻ لاءِ پاڻهي ڄاڻ قدم اڳتي وڌائڻ شروع ڪندا آهيون.  اِهڙي نموني ڪنهن تنظيم يا گروھ جي ڪنهن خاص فرد کان متاثر ٿي ڪري اسان انهي تنظيم يا گروھ جا حصا ٿي ويندا آهيون. دُڪاندار پنهنجي گراهڪ جي اصليت ۽ حيثيت کي ڏسي ڪري اُن

مهاڳ لکڻ جي روايت ڪئين شروع ٿي

Image
يوسف جميل لغاري ڪنهن به ادبي، تحقيقي يا تنقيدي ڪتاب جي شروعات ۾ هڪ نوٽ لکيل هوندو آهي. جنهن کي مهاڳ يا پيش لفظ چوندا آهن. اڪثر طور تي مهاڳ، لاڳاپيل ڪتاب جي صنف جي مطابقت سان اُنهي صنف جي ڄاڻو فرد کان لکرايو ويندو آهي. مهاڳ لکندڙ ليکڪ يا دانشور ڪتاب ۾ موجود مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سندس اهميت تي تفصيلي گفتگو ڪندو آهي. اُنهي گفتگو ۾ ڪتاب جي عنوان کان وٺي ڪري سندس هر هڪ لکڻي تي کيس جامع رايو ڏيڻو هوندو آهي. اِها الڳ ڳالھ آهي ته اڄڪلھ جا مهاڳ اڪثر دوستي، ياري ۽ واقفيت جي بنياد تي لکيا ويندا آهن. جن ۾ ڪتاب تي گهٽ پر ڪتاب جي لکندڙ تي گهڻيون تعريفي لائينون درج ٿيل هونديون آهن. سنڌي ادب ۾ هن وقت اڪثر ڪتابن جا مهاڳ ليکڪ پاڻ لکن ٿا. اِها روايت شيخ اياز به اختيار ڪئي هئي ۽ اُن به پنهنجي کوڙ سارن ڪتابن جا مهاڳ پاڻ لکيا هئا. اِهڙي نموني هلندڙ دور ۾ شايد ئي ڪي اهڙا ڪتاب هجن جن جو مهاڳ نه لکيل هجي. مهاڳ جي لفظي معني آهي منڍ يا شروعات، هڪ اهڙي شروعات جنهن ۾ ڪتاب تي جامع انداز تي گفتگو ٿيل هجي. مهاڳ ڪنهن به صورت ۾ ڪتاب جي بهتر هجڻ يا نه هجڻ جو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي. ڪتاب بابت حتمي فيصلي ڪرڻ جو اخ

سنڌ راڻي مئگزين حيدرآباد جي ڪهاڻي نمبر (نومبر/ڊسمبر 2019) شماري ۾ ڇپيل منهنجا مختصر ترين نثري احساس

Image
سنڌ راڻي مئگزين حيدرآباد جي ڪهاڻي نمبر (نومبر/ڊسمبر 2019) شماري ۾ ڇپيل منهنجا مختصر ترين نثري احساس!

سوچـن تي ضابـطي جـا ست اهـم طريقا

Image
ليکڪ: ميان جمشيد سنڌيڪار: يوسف جميل لغاري سوچڻ انتهائي سٺي ڳالھ آهي اِن سان اسان سُٺا فيصلا ڪري سگهون ٿا. پر حد کان وڌيڪ سوچڻ، سوچن تي ضابطو نه رکڻ جتي اسان ۾ ڪاوڙ پيدا ڪندو آهي اُتي ئي وري ڪنهن اهم موڙ تي فيصلي ڪرڻ جي سگھ کان به محروم ڪري وٺندو آهي. اسان مونجهارن جو شڪار ٿي پوندا آهيون. اِنهي ڪري اسان کان تمام اهم موقعا ضايع ٿي ويندا آهن ۽ بعد ۾ وري پچتائيندا آهيون. بري ۽ ڀلي وقت ۾ سهڻي نموني سان سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻ ئي اسان کي ڪامياب ۽ نا ڪامياب بڻايندو آهي ته جناب جيڪڏهن توهان به سوچن ۾ پنهنجو ڪافي وقت گذاريو ٿا ۽ وقت سر ڪو سٺو ۽ وزنائتو فيصلو نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ هي اڄوڪو مضمون خاص طور تي توهان لاءِ ئي آهي. هن ۾ ٻڌايل سَت اهم ڳالهين تي غور ۽ فڪر ڪريو توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو. مون کي فلاڻي ڏينهن تائين فيصلو ڪرڻو آهي: پنهنجي سوچن کي ڪنهن به ڳالھ يا ڪم تي سوچڻ لاءِ هڪ مقرر وقت ڏئي ڇڏيو. اِهو نه چئو ته ها ڏسون ٿا، سوچون ٿا، ڪري ٿا وٺون يا ڪري وٺنداسين، ائين بلڪل به نه ڪجو، هڪ مقرر وقت سوچڻو آهي ته آيا مون کي فلاڻي ڏينهن تائين هي ڪم يا هي فيصلو ڪرڻو آهي. ٿيندو ائين آهي ت

تقرير ڪرڻ جا چند بنيادي اُصول

Image
تقرير هڪ فن آهي! رب ڪريم هر انسان کي ڪنهن نه ڪنهن تخليقي نعمت سان نوازي ڪري پيدا ڪيو آهي. ڪن ماڻهن ۾ ڳالهائڻ جو ڏانءُ هوندو آهي ته ڪن ۾ لکڻ، پڙهڻ توڙي شين کي ٺاهڻ جو هنر هوندو آهي. ائين ئي پاڻ وري جڏهن ڳالهائڻ جي جزوي شڪل تقرير تي غور ڪنداسين ته پاڻ کي ائين معلوم ٿيندو ته هي به هڪ قسم جو فن آهي. هر ماڻهو کي سُٺو ۽ پُر اثرائتي نموني سان تقرير ڪرڻ ڪونه ايندو آهي. تقرير جو تاريخي پس منظر! تقرير جي تاريخي پس منظر کي پاڻ جڏهن معلوم ڪرڻ لاءِ تاريخ جو جائزو وٺون ٿا ته پاڻ کي ڪٿان به ڪو خاطر خواھ جواب نه ٿو ملي. ها ايترو ضرور معلوم ٿئي ٿو ته رب ڪريم هي فن پنهنجي خاص ٻانهن جهڙوڪ پيغمبرن کي عطا ڪيو هو. پنهنجي وقت جا رسول ۽ پيغمبر هڪ سُٺا مقرر هئا. ڇو ته سندن ڪم ئي تبليغ ڪرڻ هو ۽ تبليغ ۾ تقرير جو استعمال به وڏي پئماني تي ٿيندو هو. گفتگو ۽ تقرير ۾ بُنيادي فرق! تقرير ۽ گفتگو جي وچم هڪ وڏو خاص فرق اِهو آهي ته گفتگو ڪنهن به هڪ يا هڪ کان وڌيڪ مخصوص ماڻهن سان ڪئي وڃي ٿي. البته تقرير جو انداز به بنھ الڳ هوندو آهي ۽ تقرير ڪرڻ لاءِ ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ گهربل هوندو آهي. اُنهي م

پاڻ تان بي يقيني جو خاتمو صرف ڇهن ڪمن سان

Image
ليکڪ: ميان جمشيد سنڌيڪار: يوسف جميل لغاري اڪثر ڪري اسين باصلاحيت هوندي به اڳتي ناهيون وڌي سگهندا، جنهن جو بنيادي ڪارڻ هوندو آهي ” پاڻ تي ڀروسي جو نه هجڻ“. اسان کي پنهنجي صلاحيتن تي مڪمل طرح سان اعتماد ناهي هوندو، اسان کي خبر به نه پوندي آهي ۽ اسان جي حوصلي کي ڪمزور ڪرڻ واريون سوچون اسان جي ذهن ۾ جنم وٺڻ شروع ڪن ٿيون. جيڪو ماڻهو ڪامياب ٿيڻ چاهي ٿو انهي کي پنهنجي پاڻ تي بي يقيني واري سوچ کي ختم ڪرڻو پوندو، ناڪام ٿيڻ کان وڌيڪ هي سوچ اسان جي خوابن کي ختم ڪرڻ جو سبب ثابت ٿيندي آهي. جنهن جي ڪري اسان اڃا وڌيڪ ڳڻتي ۽ ڳاراڻي ۾ اچي ڪري پنهنجي حالت کي خراب ڪري ڇڏيندا آهيون. جيڪڏهن توهان به پنهنجي صلاحيتن جي مالڪ هوندي به انهي بي يقيني واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهيو ته هي مضمون آهي ئي توهان لاءِ، آئون توهان کي صرف ڇھ اهڙا ڪم ٻڌائيندس جن تي عمل پيرا ٿيندي توهان کي پنهنجي صلاحيتن جي بهترين استعمال جو ڏاءُ اچي ويندو. اچو ته انهن ڇهن ڪمن جو جائزو وٺون. گهڻو سوچڻ ڇڏي ڏيو: سوچڻ بهترين عمل آهي پر پنهنجي منفي سوچن جو غلام ٿيڻ قطعي سُٺو عمل ڪونه آهي. پنهنجي پاڻ کي ماڻهو ڇو قيدي بڻائي ڇڏي؟ انهي صورتحال کان

نفسيات: ذهني دٻاءُ کان نجات حاصل ڪرڻ جا طريقا

Image
ليکڪ: تحسين بانو سنڌيڪار: يوسف جميل لغاري هر ڏينهن ڪم ڪارڻ ڪرڻ کان پوءِ انسان ڪنهن نه ڪنهن نموني ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي پوي ٿو. انهي دٻاءُ ۾ اچڻ کان پوءِ تقريبن سوچيل سمجهيل منصوبا رولڙي جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ انساني مزاج معمول کان هٽي وڃي ٿو.  ذهني دٻاءُ کان ڇوٽڪارو بلڪل ممڪن آهي. جيڪڏهن توهان هتي ٻڌايل تجويزن تي عمل ڪندا ته يقينن توهان جو ذهن هر قسم جي دٻاءُ ۽ مونجهاري کان آزاد ٿي ويندو ۽ توهان پنهنجي پاڻ کي تر و تازه محسوس ڪندا. اصل ڪارڻ معمول ڪيو:  ڪجھ شيون يا ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي اسان جي ذهن کي يرغمال ڪيون ويٺيون هونديون آهن. ان لاءِ جنهن وقت توهان کي واندڪائي هجي انهي گهڙي انهن ڳالهين يا سببن جا اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ته آخرڪار اهي شيون توهان کي مونجهاري جو شڪار ڇو ٿيون ڪن. اصل ڪارڻ معلوم ٿيڻ مونجهاري جي حل طرف پهرين پيش قدمي آهي. مثبت انداز فڪر اپنايو:  ٿيندو ائين آهي ته پاڻ وٽ ماڻهن جي اڪثريت هر قسم جي ڪم ڪار، واقعي يا حڪمت عملي کي منفي انداز ۾ ڏسڻ جا قائل آهي. جنهن جي ڪري پڻ ڪافي شيون غلط رخ ۾ هليون وينديون آهن ۽ کوڙ معاملا مونجهارن جي