Posts

Showing posts from November, 2018

عورتن جون درد ڪهاڻيون

Image
قسط ٽيون…! پورو ڏيھ ڏکن، درد ۽ پيڙاهن جي قصن سان ڀريو پيو آهي ليڪن اُن جي باوجود قدرت واري طرفان پيدا ڪيل دنيا جي حسين ترين تخليق، جنهن کي عورت چئجي ٿو، سا تخليق هن مهل انيڪ تڪيلفن کي منهن ڏئي رهي آهي، هي مرداڻو سماج عورت کي اڃا تائين اُهو مقام عطا ڪري نہ سگهيو آهي جيڪو مقام عورت حق لهي ٿي، اسان جي معاشري منجھ جهڙوڪ هر فرد ڪهاڻي آهي ليڪن اُن جي باوجود عورتن جي نصيب ۾ درد وري ڪجھ سوايو آهي، هتي هن تحرير وسيلي آءُ انهن عورتن جي درد ڪهاڻين کي اوهان آڏو پيش ڪندس جن جي دردن کان دنيا ڪن لاٽار ڪري کين احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪيو نازيہ لاهور جي هڪ ڪاليج مان ايم بي اي ڪئي هئي، ايم بي اي ڪرڻ کان پوءَ ستت ئي کيس هڪ بئينڪ ۾ ملازمت ملي، سندس ملازمت ملڻ تي سندس والدين انتهائي خوش هئا ڇو تہ کين نازيہ کان علاوه ٻي ڪا بہ اولاد وغيره ڪونا هئي، هنن جو اباڻو ڳوٺ ملتان جي آس پاس هو ۽ هي بنيادي طور سرائيڪي هئا، جڏهن لاهور لڏي آيا هئا تہ انهي مهل نازيہ جي والدين کي اڪيلي سر نياڻي سميت هجرت ڪرڻ جي عيوض ڳوٺ وارن طرفان انتهائي ڳالهيون ٻڌڻيون پيون هيون، ليڪن نازيہ جي والد بنا ڪنهن جي پرواھ ڪرڻ جي ڌي کي پڙهائي ڪ

عورتن جون درد ڪهاڻيون

Image
قسط ٻيون پورو ڏيھ ڏکن، درد ۽ پيڙاهن جي قصن سان ڀريو پيو آهي ليڪن اُن جي باوجود قدرت واري طرفان پيدا ڪيل دنيا جي حسين ترين تخليق، جنهن کي عورت چئجي ٿو، سا تخليق هن مهل انيڪ تڪيلفن کي منهن ڏئي رهي آهي، هي مرداڻو سماج عورت کي اڃا تائين اُهو مقام عطا ڪري نہ سگهيو آهي جيڪو مقام عورت حق لهي ٿي، اسان جي معاشري منجھ جهڙوڪ هر فرد ڪهاڻي آهي ليڪن اُن جي باوجود عورتن جي نصيب ۾ درد وري ڪجھ سوايو آهي، هتي هن تحرير وسيلي آءُ انهن عورتن جي درد ڪهاڻين کي اوهان آڏو پيش ڪندس جن جي دردن کان دنيا ڪن لاٽار ڪري کين احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪيو حيدرآباد جي هڪ نجي اسڪول ۾ مون نوڪري لاءَ اپلاءَ ڪيو، انٽريو ڪال آئي آءُ تيار ٿي ڪري ٻي صبح جو اُن شاندار اسڪول جي صحن ۾ پهتس، انٽريو ٿيو، جيڪو يقينن منهنجي حساب سان بهترين ٿيو، انٽريو کان پوءَ آءُ اُن اسڪول جي ٻاهران ٺهيل لان ۾ پنهنجي خيالن ۾ گم سم ڪجھ گهڙيون ويهي رهيس تہ اچانڪ اُتي هڪڙي ڇوڪري بي ڌڙڪ منهنجي ڀرسان اچي ڪري ويهي رهي، ڪجھ گهڙين جي خاموشي کان پوءَ مون سان گفتگو جو آغاز ڪندي مون کان منهنجو نالو ۽ منهنجي شهر جو نالو پڇيائين، مون کيس ٻڌايو ۽ پوءَ وري پنهنجو ن

ڪتب خاني سان دل منهنجي

Image
جڏهن ڪنهن بہ محفل ۾ ڳالھ نڪري ٿي ڪتاب پڙهڻ جي تہ يڪدم اسان جو سڄي جو سڄو سارو خيال، سڄو فڪر، سڄي سوچ ان ڳالھ ڪندڙ فرد ڏانهن مرڪوز ٿي وڃي ٿي جيڪو فرد ڪتاب پڙهڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، ڪتابن سان لڳاءَ رکڻ بلڪل ائين آهي جئين ڪنهن شئي جو عادي ٿي وڃڻ، قدرت واري انسان ۾ بنيادي طور سکڻ ۽ سيکارڻ جو ٻئي مهارتون ترتيب ڏنيون آهن، هر هڪ انسان ۾ هر وقت ڪجھ نہ ڪجھ سکڻ جو جذبو موجود هوندو آهي وري ان سکيل ڪم کي ٻي کي سيکارڻ واري صلاحيت بہ موجود هوندي آهي اوهان پوري دنيا جي اندر رهندڙ ماڻهن جو مشاهدو ڪري ڏسو، ڀلي پوءَ اُهي مرد هجن، چاهي عورت، ٻاهرين ملڪن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي هوندي سوندي بہ اُتان جا ماڻهو ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ جا بي حد شوقين آهن، تقريبن هر هڪ فرد جي گهر ۾ ننڍڙي لائبريري قائم ٿيل هوندي آهي، جنهن ۾ اهو فرد واندڪائي واري وقت ۾ ڪجھ پڙهي وٺندو آهي، اهڙي طرح دنيا جي جديد ٿيڻ سان سندن ڪتابن پڙهڻ واري عادت ۾ گهٽتائي اچڻ بدران، واڌ ٿي آهي، جيتوڻيڪ ٽيڪنالاجي تمام ٿوري عرصي ۾ دنيا کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي چڪو آهي پر ان جي باوجود ڪتابن سان سينو سهائي نہ سگهيو آهي ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ ڏاهپ ۾ واڌارو هميش

گهوري جان جتن تان

Image
سنڌ جي مستقبل جي بابت سوچيندي ڪڏهن اِهو فڪر ورائي ويندو اٿم تہ اسان جو آئيندو الاءَ ڇا ٿيندو، اسان توهان مان اڪثر ماڻهو اڄ ڏينهن تائين سوشل ميڊيا جو صحي استعمال ڪرڻ ڪونہ سکي سگهيا آهن اِهي ماڻهو جديد دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڪئين ملائي سگهندا هڪڙا آهن معاشري جا نالي ماتر شاعر حضرات، جيڪي پنهنجي هر هڪ ڦڪي، مٺي توڙي ڪچي تخليق تي بہ پنهنجو فوٽو اپلوڊ ڪري مڙئي پيا ماڻهن کان واھ واھ جو داد حاصل ڪندا آهن، هاڻ اِهڙن شاعرن کان ڪهڙن انقلابن جي اميد ڪجي، سندن تخليق مان ڪهڙا گل ڦٽندا، هنن ويچارن کي تہ پنهنجي شاعري کان وڌيڪ پنهنجي پاڻ سان پيار آهي، تڏهن ئي تہ پنهنجن فوٽن جي هڻا مار لاهيو ويٺا هوندا آهن، ٿيڻ ائين کپي ها تہ شاعر حضرات پنهنجي تخليق سان گڏ اُن عنوان سان ڪو ملندڙ جلندڙ تصوير گوگل کان کڻي ڪري اپلوڊ ڪن تہ جئين اُها تصوير سندن لفظن جي عڪاسي ڪري ۽ ٻين کي سندن شاعري منجھ سمايل رمز سمجھ ۾ اچي سگهن پر ائين ڪندا ڇو ويچارن کي پاڻ بہ تہ ڏيکارڻو آهي پاڻ بہ تہ وڻائڻو آهي آخرڪار معاشري جا نالي ماتر مهان شاعر جو آهن، افسوس ٿيندو اٿم اهڙن شاعرن جي شاعري فيس بڪ تي ڏسي ڪري جن جا ٻوٿ ٻن لفظن

پيار پائينده باد رهي

Image
پيار جا پيچرا ايترا آسان ناهن هوندا جيترا سمجهيا ويندا آهن، سرد راتين ۾ انتظاري جو عالم انتهائي ازيتناڪ هوندو آهي، هر هڪ گهڙي ۽ هر هڪ ساعت جي گذرڻ جو احساس شدت سان ٿيندو آهي، هنن راتين ۾ محبتون اهل دل ماڻهن کي ڏاڍو ستائينديون آهن توهان سان هم ڪلام ٿيڻ جو جذبو ۽ پيار جا ٻہ ٻول ڳالهائڻ لاءَ ڏاڍو آتو ٿيو ويٺو هيس، توهان چيو تہ رات جي اڌ پهر کان پوءَ توسان ڳالهائينديس، مون کي اِهو اڌ پهر وارو انتظار ڄڻڪ اڌ صدي جو انتظار محسوس ٿيڻ لڳو منهنجي اندر جي بي قراري معمول کان وڌڻ لڳي آءُ بار بار گهڙي کي ڏسندو رهيس ۽ ان اطمنان کي ورجائيندو رهيس تہ ڄاڻ رات جو اڌ پهر ٿيو ۽ اوهان سان ڳالهائڻ جي منهنجي حسرت پوري ٿيندي آءُ محبت جي معاملي ۾ انتهائي سنجيده ۽ بي صبرو ماڻهو آهيان ڇو تہ زندگي ۾ خوشين جو تعلق آهي ئي ميٺ ۽ محبت سان، محبتن کان علاوه زندگي ائين آهي جئين تصوير بنا رنگن جي، بي رنگ زندگي انسان کي بار محسوس ٿيڻ لڳندو آهي محبت انسان جي زندگي ۾ اهڙا تہ اُجرا ۽ نرالا رنگ ڀري ڇڏيندي آهي جو انساني زندگي انتهائي درجي جي خوبصورت ۽ نمايا ٿي پوندي آهي، اِهڙي ئي ريت توهان جي محبت منهنجي زندگي کي حُسن

سنڌ اندر ميرٽ سان ٿيندڙ هٿ چراند

Image
تعليم جو شرع جيتوڻيڪ سنڌ اندر تمام گهٽ آهي، ليڪن اُن جي باوجود ڪافي سارا شاگرد وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪري ڊگريون حاصل ڪن ٿا، اُن جي باوجود وري جڏهن سنڌ حڪومت نوڪريون ڏيڻ جي ڪري ٿي تہ اُن مهل سندس اميدن تي پاڻي ڦيريو وڃي ٿو ۽ ميرٽ جا جنازا ڪڍيا وڃن ٿا، ڪجھ وقت پهريان وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ صاحب ٽيسٽ ۾ فيل ٿيندڙ اميدوارن کي بہ نوڪرين جا آڊر ڏنا ۽ اُهي آساني سان معاشري اندر ڊاڪٽر بڻجي ويا، ان کان علاوه وري هاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ورتل امتحانن ۾ بد عنوانين ۽ پنهنجا نوازي جا بہ چرچا عام ٿيڻ لڳا آهن جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ اندر ميرٽ جو ڪو بہ خاڪو موجود نہ آهي. سنڌ جا ماڻهو مجموعي طور تہ شديد تڪليفن، سورن ۽ صدمن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ سندس ضروريات زندگي جا مڙني وسيلا غاضبن وٽ يرغمال بڻيا پيا آهن ليڪن اُن جي باوجود بہ سنڌ اندر حڪومت طرفان ڪو بہ اهڙو ئي منصوبو يا حڪمت عملي موجود نہ آهي جنهن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي تہ سنڌ حڪومت جو هي قدم ساراھ جوڳو آهي يا سندس گڻ ڳايا وڃن، سنڌ جا ماڻهو هميشه جيان پنهنجي ووٽ جي عيوض تڪيلفون ۽ در بدريون موٽ ۾ موصول ڪن ٿا ۽ خدا جي رضا ۾ راضي رهڻ ج

عورتن جون درد ڪهاڻيون

Image
قسط پهريون  پورو ڏيھ ڏکن، درد ۽ پيڙاهن جي قصن سان ڀريو پيو آهي ليڪن اُن جي باوجود قدرت واري طرفان پيدا ڪيل دنيا جي حسين ترين تخليق، جنهن کي عورت چئجي ٿو، سا تخليق هن مهل انيڪ تڪيلفن کي منهن ڏئي رهي آهي، هي مرداڻو سماج عورت کي اڃا تائين اُهو مقام عطا ڪري نہ سگهيو آهي جيڪو مقام عورت حق لهي ٿي، اسان جي معاشري منجھ جهڙوڪ هر فرد ڪهاڻي آهي ليڪن اُن جي باوجود عورتن جي نصيب ۾ درد وري ڪجھ سوايو آهي، هتي هن تحرير وسيلي آءُ انهن عورتن جي درد ڪهاڻين کي اوهان آڏو پيش ڪندس جن جي دردن کان دنيا ڪن لاٽار ڪري کين احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪيو  ----------------------------------------------------------------------  ڪراچي جي هڪ نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ هڪ عورت سان منهنجي فيس بڪ وسيلي عليڪ سليڪ مطلب دعا سلام ٿي، ڪجھ ڏينهن هڪ ٻي سان خير و عافيت پڇڻ کان پوءَ اُن عورت هڪ ڏينهن مون کي پنهنجي درد ڪهاڻي ٻڌائي، ۽ اِهو پڻ چيو تہ آءُ اوهان جو لکيل تحريرون فيس بڪ تي پڙهندي آهيان، اوهان منهنجي درد جو احساس بخوبي ڪري سگهو ٿا اُن عورت ٻڌايو تہ اسين ڀٽائي آباد جا رهواسي آهيون ۽ آءُ هن مهل هڪ نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندي آهيان جنهن وس

موت ۽ منهنجي اندر جو وهم

Image
موت هڪ اهڙو تہ ڳوڙهو عنوان آهي جنهن بابت سوچيندي دماغ جا سڀئي در بند ٿيو وڃن، جڏهن موت بابت ڪِن ڪتابن جو اڀياس ڪجي ٿو تہ دماغ خشڪ ٿيو وڃي، ڇو تہ پڙهيو ويندڙ مواد هميشه ذهن تي پنهنجا اثر ڇڏيندو آهي، اِهڙي ريت هن عنوان کي پڙهندي ائين محسوس ٿيندو آهي تہ ڄڻڪ ڏاهپ، عقل ۽ فهم وقت کان اڳئي ختم ٿيندا هجن موت بابت هر هڪ فرد، ڏاهي، فلاسافر ۽ دانشور جا پنهنجا پنهنجا الڳ رايا ۽ نقطا نظر آهن، ليڪن اُن جي باوجود اِهي سڀ فرد هِن ڪيفيت/حالت کان انروني طور خوفزده ٿيندا آهن ڀلا ڪير چاهيندو تہ اهو عيش عشرت واري زندگي کان محروم ٿي ڪير چاهيندو تہ هُو پنهنجي خوبصورت زال کي اڪيلو هن دنيا ۾ ڇڏي ڪري پاڻ وڃي قبر ۾ قابو ٿي ڀلا ڪير چاهيندو تہ هن دنيا جون سڀ رونڪون سندس اکين کان اوجهل رهن يقينن ڪير بہ نہ ليڪن موت هڪ حقيقت آهي جنهن کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي، ڪنهن بہ وقت آدم کي سڏ ٿي سگهي ٿو ۽ تنهن ئي گهڙي دم ٻاهر، همراھ پورو روزاني سوين، هزارين موت ٿين ٿا، ڪجھ حادثاتي طور، ڪجھ غفلتن جي عيوض، ڪجھ درد ۽ پيڙاهن کان پنهنجي جند آزاد ڪرائڻ لاءَ خودڪشي جي صورت ۾، ڪجھ وري ٻين هٿان قتل ٿيڻ جي روپ ۾ مطلب تہ هن در

جديد محبت

Image
هُن کي جڏهن مون سان پهريون دفعو پيار ٿيو هو تنهن وقت دنيا اڃا ايتري گهڻي ترقي ڪونہ ڪئي هئي جيتري هاڻ ترقي ڪري چڪي آهي اسين هر روز منجهند جو هڪ ٻي سان ڳوٺ جي گهٽين ۾ ملاقاتون ڪري هڪ ٻي سان دل جون ڳالهيون اوريندا هئاسين دنيا ترقي ڪئي پوءَ آهستي آهستي وقت جي رفتار سان گڏ اسان جي محبت بہ جديد ٿيندي وئي، پهريان خط، وري موبائلن منجھ سڪ ڀريا سنهيا ۽ لبي بات آفر تي ڊگهيون ڪچهريون، هلندي هلندي فيس بڪ ۽ واٽس اپ تي فوٽو ۽ وائيس پيغامن سان قرب ڀريون ڪچهريون ۽ ائين دنيا سان گڏ اسان بہ جديد ٿيندا وياسين ۽ هاڻ هُو مون سان اي ميل (E Mail) تي ڪچهريون ڪندي آهي، سڀ ڳالهيون، ڏوراپا ۽ خط اي ميل وسيلي لکندي آهي، آءُ ان ڳالھ کي بخوبي سمجهي سگهان ٿو تہ واقعي اڄڪلھ جي محبت، جديد محبت آهي   

عطائي ڊاڪٽر

Image
ڪجھ عنصر سماجي سڌار جي بجاءَ سماجي بگاڙ جو سبب بڻجندا آهن تهڙي ئي ريت اڄڪلھ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار اسان جي شهر جي اوس پاس جي علائقن ۾ وڌي ويو آهي، هي آزار اِهڙو تہ ناسور بڻجي چڪو آهي جو هاڻ هِن مان جان آجي ڪرائڻ هر ماڻهو تي ڄڻڪ فرض علت بڻجي چڪو آهي عطائي ڊاڪٽر جيتوڻيڪ اُنهن کي چئجي ٿو جيڪي بنا ڪنهن سَند/سرٽيفڪيٽ جي پاڻ کي ڊاڪٽر سڏرائن، ليڪن هاڻ ڪجھ اِهڙا بہ عطائي ڊاڪٽر نمودار ٿيا آهن جيڪي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج يا ميڊيڪل اسڪول کان هيلٿ ٽيڪنيشن، ڊسپينسري يا وري نرسنگ جو ڪو هلڪو ڦلڪو ڪورس وغيره ڪري پاڻ کي اچي ڊاڪٽر سڏائي انساني جانن سان کيڏن ٿا، نتيجتن طور انيڪ جانيون سندن هٿن سان ضايع ٿين ٿيون ۽ ڪافي ماڻهو موت جي منهن ۾ وقت کان پهريان هليا وڃن ٿا ڪجھ ڏينهن پهريان تعلقا نارا جي ڪجھ عطائي ڊاڪٽرن خلاف اُتان جي ڪورٽ ايڪشن کنيو ۽ ڪافي سارن عطائي ڊاڪٽرن کي اِن ڪورٽ جي ترت ايڪشن اُتان ڀڄڻ ڀيڙو ڪيو، هاڻ سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا انهن خلاف ترت قدم کڻجن يا انهن کي انساني جانن سان کيڏڻ ڏنو وڃي انسان پنهنجي وس آهر ڪافي ڪمزور ترين ۽ اڄڪلھ جي دنيا جي تقاضائن مطابق سهپ جو انتهائي ڪچو آهي، انهن عطائي

وزير تعليم ڏانهن کليل خط

Image
جناب سيد سردار علي شاھ صاحب اسلام عليڪيم - جئي سنڌ جناب اعلي اميد اٿم تہ اوهان خيرت سان هوندا، اڄ اوهان سان مخاطب ٿيڻ جو منهنجو مقصد وقت جي حساب سان انتهائي سنجيده ۽ اهم آهي جناب اعليٰ جئين تہ ڪجھ مهينا پهريان جناب وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ صاحب ڪجھ ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا هئا، جنهن ۾ ڊاڪٽرن جي اڪثريت ٽيسٽ ۾ فيل ٿي هئي، ليڪن اِها سندن خوش قسمتي هئي يا وزير اعليٰ سنڌ جو معجزو هو جو سائين جن اِهو حڪم نامو جاري ڪيو تہ ٿر ۾ ڊاڪٽرن جي شديد کوٽ آهي جنهن سبب ٽيسٽ ۾ فيل ٿيل ڊاڪٽرن کي بہ نوڪريون ڏنيون وڃن سائين منهنجا ائين توهان بذات خود ميرٽ جا جنازا تہ نہ کڻو، فيل ٿيلن کي بہ ڪڏهن تاريخ ۾ ڪنهن ملڪ يا حڪومت نوڪريون ڏنيون آهن جو اوهان جي حڪومت ڏي پئي ان کان علاوه وري ساڳي ئي وزير اعليٰ صاحب جي حڪم نامي تحت هاڻ وري ويجهڙائي ۾ نون ڊاڪٽرن کي ڀرتي ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، جنهن منجھ اِهو پراڻو خدشو پڻ موجود آهي تہ وري بہ ساڳيو طريقو اختيار ڪري فيل ۽ پاس ٿيندڙن کي هڪ ئي صف ۾ بيهاري ڪري آڊر ڏنا ويندا، اگر اِهو ساڳيو ئي طريقو ۽ تماشو رهيو تہ پوءَ يقين مڃون تہ سنڌ مان لفظ تعليم باقي وڃي ڊڪشنرين ۾

عجيب اتفاق…!

Image
ڪيڏو نہ عجيب اتفاق آهي جڏهن ڪو فرد قوميت جي مفهوم کي وساريندي پنهنجي برادري کي قوم سڏڻ شروع ڪري، اِهو لمحو انتهائي درجي جو اذيت ڏيندڙ هوندو آهي، آءُ دوستن سان هڪ هوٽل تي ويٺو هيس تہ اُتي ٻہ همراھ اچي ڀرسان ويٺا، ڪنهن سنجيده عنوان تي بحث ڪري رهيا هئا، سندن گفتگو مان ائين معلوم ٿي رهيو هو تہ شايد انهن جي برادري جي ڪجھ ماڻهن جو ٻي ڪنهن برادري جي ڪجھ ماڻهن سان ڪو تنازو هلي رهيو هو، هِي ٻئي صاحب انهي تنازي تي ٽيڪا ٽپڙي ڪري رهيا هئا سندس گفتگو مان هڪ لفظ مون کي بار بار اندر منجھ ڇيهو رسائي پيو، ۽ آءُ انهن جي ناداني تي اندر ئي اندر ڳوڙها ڳاڙي رهيو هيس، هي ٻئي صاحب ڏسڻ وائيسڻ ۾ نج سنڌي لڳي رهيا هئا ۽ سندس گفتار توڙي ٻاهري ڏيک مان اِهو چٽو صاف نظر اچي رهيو هو تہ هُو ڪنهن بہ صورت ۾ پٺاڻ، پنجابي يا بنگالي توڙي برمي ڪونہ هئا، ليڪن اُن جي باوجود هي ٻئي صاحب پنهنجي گفتگو ۾ پنهنجي برادري جي ڳالھ ڪرڻ مهل اِهو جملو ورجائي رهيا هئا تہ” اسان جي قوم هي ڪم ناهي ڪيو، اسان جي قوم ۾ اهڙا فرد ڪونہ آهن، اسان جي قوم جا ماڻهو انتهائي شريف آهن هتي هنن جي گفتگو ۾ لفظ قوم کي ذات ۽ برداري جي جڳھ تي قطب آندو پي و

سُنسان راهون

Image
پيار جا پيچرا ڏسڻ ۾ تہ وسيع نظر ايندا آهن ليڪن اِنهن پيچرن جي پنڌن کي اهو ئي سيلاني سمجهي سگهي ٿو جيڪو اِنهن پيچرن تي هليو هجي، جنهن پنهنجيون جُتيون پيار ۾ پنڌ ڪري گَسايون هجن  ٻالڪپڻ ۾ جڏهن نئون نئون عشق لڳو هو تڏهن پرين جي هر هڪ مرڪ، نهار ۽ نظر من کي موهي ڇڏيندي هئي، دل جو گلشن باغ و بهار ٿي ويندو هو، پوري ڪائنات کان بي خبر ٿي ڪري سموريون سوچون بس هڪ ئي ماڻهو ڏانهن مرڪوز ٿي وينديون هيون  وقت سان گڏوگڏ پيار کي ماپڻ جا پئيمانا بہ تبديل ٿي ويا، جن محبوبن جي تانگ هڪ پل بہ ويهڻ نہ ڏيندي هئي هاڻ انهن محبوبن کي ورهين تائين بہ نہ ڏسڻ جو اُلڪو نٿو ٿي، چاهتون جَهڪِيون ٿيڻ لڳيون آهن  ڳوٺ جي رستن تي هلندي هاڻ جڏهن انهن تي نظر پوي ٿي تہ الاءَ ڇو نيڻ پاڻهي ڄاڻ شرم وچان جُهڪي ٿا پون ۽ اندر مان اِهو آواز اچڻ شروع ٿي ٿو تہ” بس هاڻ فاصلن ۾ ئي محبت جي بقا رکيل آهي اڪثر ويجهڙايون محبتن جو قاتل ثابت ٿيون آهن