عطائي ڊاڪٽر

ڪجھ عنصر سماجي سڌار جي بجاءَ سماجي بگاڙ جو سبب بڻجندا آهن تهڙي ئي ريت اڄڪلھ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار اسان جي شهر جي اوس پاس جي علائقن ۾ وڌي ويو آهي، هي آزار اِهڙو تہ ناسور بڻجي چڪو آهي جو هاڻ هِن مان جان آجي ڪرائڻ هر ماڻهو تي ڄڻڪ فرض علت بڻجي چڪو آهي

عطائي ڊاڪٽر جيتوڻيڪ اُنهن کي چئجي ٿو جيڪي بنا ڪنهن سَند/سرٽيفڪيٽ جي پاڻ کي ڊاڪٽر سڏرائن، ليڪن هاڻ ڪجھ اِهڙا بہ عطائي ڊاڪٽر نمودار ٿيا آهن جيڪي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج يا ميڊيڪل اسڪول کان هيلٿ ٽيڪنيشن، ڊسپينسري يا وري نرسنگ جو ڪو هلڪو ڦلڪو ڪورس وغيره ڪري پاڻ کي اچي ڊاڪٽر سڏائي انساني جانن سان کيڏن ٿا، نتيجتن طور انيڪ جانيون سندن هٿن سان ضايع ٿين ٿيون ۽ ڪافي ماڻهو موت جي منهن ۾ وقت کان پهريان هليا وڃن ٿا

ڪجھ ڏينهن پهريان تعلقا نارا جي ڪجھ عطائي ڊاڪٽرن خلاف اُتان جي ڪورٽ ايڪشن کنيو ۽ ڪافي سارن عطائي ڊاڪٽرن کي اِن ڪورٽ جي ترت ايڪشن اُتان ڀڄڻ ڀيڙو ڪيو، هاڻ سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا انهن خلاف ترت قدم کڻجن يا انهن کي انساني جانن سان کيڏڻ ڏنو وڃي

انسان پنهنجي وس آهر ڪافي ڪمزور ترين ۽ اڄڪلھ جي دنيا جي تقاضائن مطابق سهپ جو انتهائي ڪچو آهي، انهن عطائي ڊاڪٽرن طرفان مهيا ڪيل غلط اعلاج سندن سر جو سانگو سندس سر تان لاهي ٿي، کين موت طرف ڌڪي ٿي

ڇا چند ڏوڪڙن عيوض سستو علاج غريب ماڻهو کي مهانگو پلئي نہ ٿو پئي

ڇا انهن ڪينسر نما عنصرن خلاف وقت جي آڌر تي تحريڪ نٿي هلائي سگهجي

ڇا اِنهن سيکڙاٽ ڪمپائوڊرن کي ڊاڪٽرن سمجهي ڪري اسان پنهنجي توڙي پنهنجي ٻچن جي زندگين سان ڪونہ ٿا کيڏيون

جيڪڏهن عطائي ڊاڪٽرن کي ائين ئي خود مختياري ۽ آزادي ڏئي ڪري اسان پنهنجي مٿي تي چاڙهي ڇڏيو تہ يقينن اِهي اڳتي هلي ڪري اسان جي سماج لاءَ ناسور ثابت ٿيندا ۽ اِن لاءَ اچو تہ انهن جي نشاندهي ڪري کين اهو احساس ڏياريو تہ توهان جن ٻن ڏوڪڙن جي لالچ ۾ انساني زندگين سان کيڏ کيڏيو پيا اِهو عمل سماجي ڏوھ آهي ۽ سماجي ڏوھ پوري سماج کي نقصان ڏيندو آهي

اِن لاءَ اچو تہ اُنهن عنصرن کي وقت سر سڃاڻي ڪري سندن خلاف ڪا حڪمت عملي جوڙيو تہ جئين اسان جو سماج وڌيڪ غلاضتن ۽ گندگين کان پاڪ رهي سگهي ۽ اسان جو هي چمن ڪنهن گلشن وانگر نکري ۽ چمڪي توڙي جو کيس هن مهل
انيڪ مشڪلاتون درپيش آهن




Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو