ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

ڪالھ ڪجھ دوست گڏيا. ڏاڍي دلچسپ ڪچهري ٿي. علم، ادب، فلسفو، تاريخ، مذهب مطلب ته جنهن کي جتان آيو اُن اُتان کان ڪچهري کي پي موڙ ڏنو. 

وڏيون ڳالهيون ٿيون. 

ڪن جي ساراھ ڪئي سين ته وري ڪن ڪامورن، سياستدانن، اديبن ۽ دانشورن جي گلا پڻ ڪئي سين.

فطرت کان ويندي قدرت تائين انيڪ موضوئن سان هٿ چراند ڪئي سين. ڪچهري کي اوج تي پهچندي ڏسي هڪڙي دوست سوال ڪيو ته:

” آءُ جڏهن به ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻندو آهيان
ته مون کي اوٻاسيون اينديون آهن“

اڃا سوال ختم ئي ڪو نه ٿيو هو 
ته ٻي سوال ڪيو:

” يار آءُ ڪنهن به ڪتاب کي مڪمل پڙهي ناهيان سگهندو. پوءِ ڀلي ڇو نه ناول هجي، ڪهاڻين جو هجي يا وري شعر و شاعري جو هجي. سگهو ئي بوريت محسوس ٿيندي آهي ! 

ڇا ڪجي؟

آءُ خاموش ٿي ويس. هڪ ئي وقت سڀني سوالن جا مفيد ۽ ڪارائتا جواب ڏيڻ يقينن مون لاءِ ڏکيو عمل هو. مون کين پنهنجي تجربي جي آڌار تي چيو:

” ڪتاب کي پڙهڻ جو هڪ ڪارڳر طريقو هي پڻ آهي ته جنهن مهل اوهان ڪو ڪتاب پڙهو ۽ اوهان کي انهي مان بوريت محسوس ٿيڻ لڳي يا وري اوهان اُن کي مڪمل پڙهڻ کان بيزار ٿي پئو ته هڪڙو ڪم ڪريو اُنهي مهل: 

هڪڙو ننڍڙو پنو کڻو ۽ اُن تي انگريزي ۾ لکو: Readers are Leaders 

۽ جنهن مهل توهان ڪتاب کي ٺپي بند ڪري رکو ته انهي مهل هنن لکيل لفظن تي غور ڪريو ۽ اندر ۾ پنهنجي پاڻ سان اهو طئه ڪريو ته مون کي ليڊر ٿيڻو آهي.

هن ڪتاب کي مڪمل پڙهڻو آهي. هن مان علم جا سُرڪ ڀرڻا آهن. ليکڪ جي لکيل لفظن مان فيض ياب ٿيڻو آهي. هڪ دفعو هي مشق ڪري ڏسو. 

يقينن تمام سٺا ۽ ڪارائتا نتيجا توهان کي ملندا ۽ توهان جو ڪتابن طرف لاڙو وڌڻ شروع ٿيندو.“

منهنجي هن تجويز کي ٻڌڻ کان پوءِ هڪڙي دوست مون کان سوال ڪيو ته ڇا توهان به ائين ڪندا آهيو؟

مون کيس مُرڪي چيو ” شروعاتي دور ۾ ائين ڪندو هيس جنهن دور ۾ ڪتاب هٿ ۾ کڻڻ شرط ئي مون کي ننڊ اچڻ شروع ٿي ويندي هئي ۽ آءُ ڪتابن کي ننڊ جون گوريون سڏيندو هيس. جنهن رات ننڊ نه ايندي هئي تنهن رات ڪو ڪتاب پڙهي وٺندو هيس.“

ليڪن هاڻ جنهن رات ڪتاب نه پڙهون سان رات اسان جي سڪرات برابر هوندي آهي.“

منهنجي تجويز کان پوءِ دوست مون کي چيو:

” هاڻ ڀلا هڪڙو قرب ڪر، ٻه ٽه ڪي سُٺا ڪتاب ڏي ته اسين به پڙهون ۽ پاڻ منجھ پڙهڻ جي عادت وجهون.“

دوست جي التجاءَ کان پوءِ مون کي شيخ اياز جا هي لفظ ياد اچي ويا.

هي  جو  ساگر  سونهن جو،  تنهن کان انڪار،
سامي پنهنجي سوچ تي، تون ئي پنهنجو ڄار،
سچو    آ     سنسار،   جُوٺِ    سندءِِ  جيءَ  ۾
(شيخ اياز)

مون کين هيٺان ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا.

منهنجو نينهن نارين سان (خشنوت سنگھ)
يارنھ منٽ (پائلو ڪولهو)
روپوش نگر (سليم جمالي)
اگهاڙو سچ (آغا قيوم)
طوائف (سليم جمالي)

مون کي اُميد آهي ته هاڻ جڏهن ٻي دفعي مون سان ملندا ته اصلي ٿڌا ساھ ڀريندا ۽ ڪتابن جا ٺاهوڪا متوالا ٿي موٽندا.

ادب جيڪو اڪيلائي کي ختم ڪندڙ ۽ ڏات سان هم ڪلام ڪرڻ جو سبب ثابت ٿيندي آهي. اچو ته ادب جي سمنڊ ۾ غوطا هڻون ۽ مزو وٺون.

ٻَڌو مان عشق سندو احرام
رهان ٿو ڌن ۾، مست مدام
(استاد زيب)


Comments

  1. سائين ڪتاب اگهاڙو سچ پي ڊي ايف ۾ آهي ته واٽس ايپ ڪندا 03078498935

    ReplyDelete
  2. سائين ڪتاب نارين سان نينهن پي ڊي ايف ۾ آهي تہ واٽس ايپ ڪجو.
    03023069407

    ReplyDelete
  3. Sir I u have ugharo Sach book in pdf then send it me on whatsapp..03322736484

    ReplyDelete
  4. ھنن پنج ڪتابن مان ٽي پڙھيل آھن
    طوائف
    روپوش نگر
    اگھاڙو سچ

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

عورتن جون درد ڪهاڻيون