Posts

Showing posts from April, 2020

وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

Image
حصو پنجون اَن تمنا کي پاليندي ڪجھ ڏينهن گهڻي غور و فڪر کان پو۽ ڪجھ جونئير ڇوڪرين جا نالا شارٽ لسٽ ڪيم، ڇو تہ مون واري ڪلاس ۾ ڪُل ڇوڪريون هيون ئي ٻہ، جيڪي مون کي دل سان ڀاءُ ڀائينديون هيون، انهن ويچارين ڏي تہ سوچڻ بہ مون لاءِ ڄڻڪ ڪبراه گناه هو، هاڻ جن ڇوڪرين جا نالا شارٽ لسٽ ڪيا هيم تن جي موبائل نمبر ملڻ جي ڪا اميد ڪٿي نہ سوجهي ۽ انهن سان سامهون ڳالهائڻ جي مون ۾ همت ڪا نہ هئي سو انهن سان رابطي ڪرڻ جو هڪ ٽيون اهم وسيلو ڳولي لڌم، اِها ڄاڻ تہ اڳم هيم تہ لازمن سڀئي ڇوڪريون هن جديد دور جي تقاضائن مطابق فيس بڪ هلائينديون هونديون سو بسم الله ڪري سڀني کي فيس بڪ تي ڳولڻ شروع ڪيم. مختلف طور طريقن سان ٻن ڇوڪرين جون فيس بڪ آئڊيون ڳولي لڌم، هڪڙي ڏي سنئون سڌو فرينڊ ريڪويسٽ موڪليم ۽ ٻي ڏي ميسيج لکيم، جنهن ڏي فريڊ ريڪوسيٽ موڪليم ان فريڊ ريڪويسٽ کي ڊليٽ ڪري وري ٿورائتن مون کي فيس بڪ تي ئي بلاڪ ڪري ڇڏيو، مون بہ سندس ان بي رحمانہ رويي تي هڪ ڪهاڻي لکي ڇڏي جنهن کي عنوان ڏنم ” فريڊ ريڪويسٽ “. منهنجي فريڊ ريڪويسٽ واري ڪهاڻي پڙهي ڪري مڙئي کيس ڪجھ ڪل پيو ۽ مون تي رحم کائيندي هڪ ڏينهن مون سان گفتگو ڪ

وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

Image
حصو ڇوٿون يونيورسٽي ۾ بيچلر جي ڊگري ڪرڻ عمومن اُهي ئي شاگرد ايندا آهن جن ڪاليج کان نئي نئي انٽر ڪئي هجي پوءِ وري ڪجھ شاگرد يونيورسٽي جي اندرين ماحول مان چڱي ريت واقف هوندا آهن يا وري اڳم اُتي پڙهندڙ دوستن کان حال احوال پڇي وٺندا آهن تہ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺجي تہ ڇا ڇا ڪجي؟ ڇا ڇا نہ ڪجي؟ ڪئين پڙهجي؟ اُتي پڙهائي جو جهان ڪئين آهي؟ سختي آهي يا نہ؟ سڪون سان گهمي ڦري سگهجي ٿو يا نہ؟ هلندي ڪلاس مان ڀڄي سگهجي ٿو يا نہ؟ هرو ڀرو هڪ مهيني تائين ڪلاس اٽيڊ نہ ڪجن تہ ڇا ٿيندو؟ مطلب جن کي پڙهڻ جو شوق ۽ ذوق مڙئي سوايو هوندو آهي اُهي دوستن کان اهڙا اُبتا سبتا سوال ڪري پنهنجي معلومات ۾ اڳواٺ ئي ڪافي اضافو ڪري ايندا آهن. جن جو کين هڪ مثبت فائدو اِهو به ٿيندو آهي تہ کين ورسٽي جي ماحول کي سمجهڻ ۾ گهڻو وقت ڪو نہ لڳندو آهي، باقي جيڪي يار اسان وانگر سڀ ڪجھ وقت ۽ نصيب تي ڀاڙيندي ورسٽي جي صحن ۾ اچي ڪري ٺڪاءُ ڪندا آهن مطلب تہ پنهنجا پير کوڙيندا آهن تن دوستن کي مڙئي ڪجھ سوايو وقت لڳندو آهي هتان جي ماحول کي سمجهڻ لاءِ، ڏکيو سکيو نڀائي تہ هر ڪو ويندو آهي پر پوءِ بہ جت بہ وڃجي اُتان جي اندرين ماحول بابت اڳواٺ

وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

Image
حصو ٽيون اُن جي برعڪس هتي ڪاليج ۾ دوستن جي مهرباني سان وري اُتري فرحت ۽ سُڪون محسوس ڪندو هيس، منهنجي لاءِ تہ هتان واري پڙهائي آرام ده هئي باقي جي جيڪڏهن منهنجي دوستن کي ڪٿي ڪا ڌڪت محسوس ٿيندي هئي تہ اُهو وري منهنجي سمجهائڻ سان آسان ۽ سولي ٿي پوندي هئي، واقعي سٺا دوست دولت هوندا آهن، دوستن سان کلندي گذاريندي ڪاليج جا ٻہ سال پورا ٿي ويا خبر ئي نہ پئي، ڪاليج مان اي ڊي ئي ڪري وري سڀني دوستن سوچيو تہ جيڪر هاڻ شاه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ داخلا وٺجي ۽ ٻن سالن جي بي ايڊ ڪري هن ڊگري کي بي ايڊ آنرس ۾ ذم ڪرائي ڪم صفا پلستر ڪري ڇڏجي، اَن بهاني يونيورسٽي ۾ پڙهي بہ پونداسين، ڊگري بہ مڪمل ٿي ويندي ۽ علم توڙي ڄاڻ ۾ اضافو بہ ٿيندو، اهڙي ريت سڀني يونيورسٽي کي جوائن ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيوسين، يونيورسٽي جئين نئين داخلا جو اعلان ڪيو تہ اسان سڀني دوستن داخلا فارم وٺي ڪري جمع ڪرايا، ڪجھ ڏينهن بعد اسان جي ٽيسٽ ورتي وئي، تقريبن هر هڪ دوست جي ٽيسٽ بهترين ٿي هر ڪنهن کي نتيجي اچڻ جو شدت سان انتظار هو، نيٺ هڪ ڏينهن نتيجو پڌرو ڪيو ويو، پهرين نمبر تي امجد علي رند، ٻي نمبر تي رضوان علي ٽانوري ۽ ٽي نمبر تي منهنجو ن

وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

Image
حصو ٻيو مون کي سندن اهڙا احوال ٻڌي ڪري هڪ چوڻي ياد ايندي هئي تہ ڪٿي چور سُڃا ته وري ڪٿي ڍور سُڃا. مٽن مائٽن گهڻيون ئي دعائو ڪيون تہ جئين آئون اُتان سول انجنئير ٿي ڪري نڪران، پر قسمت کي اِهو سڄو ڪٿي منظور هيو، گهڻي ئي محنت توڙي اٽڪل بازين ڪرڻ جي باوجود بہ پورو سيمسٽر پاس ڪو نہ ٿي سگهندو هو، ڪڏهن ڪنهن سيمسٽر جي پنجن پيپرن مان ٽي پيپر فيل ٿيندا هيا تہ وري ڪڏهن پنجن مان ٻہ پيپر فيل ٿي پوندا هئا، ادا پيپر فيل بہ ڪئين نہ ٿين ها مئٽرڪ کان پو۽ انٽر تائين پڙهيو هڪ لفظ بہ ڪو نہ هيو، اڄ تائين يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي هڪ بہ سبجيڪٽ جو نالو نہ ٿو اچي.  پوءِ فيل ڪئين نہ ٿيا ها، برحال اُتي منهنجا پير گهڻو وقت ٽِڪي ڪو نہ سگهيا ڇو تہ بلڊنگ پيڙھ جي آڌار تي وڌنڌي آهي، پورا ٻہ سال پيڙاھ مان ريگهندي ريگهندي نيٺ هڪ ڏينهن اچي ڪري گهر ڀيڙو ٿيس، گهر واپس اچڻ شرط هڪ نئي راھ ۽ منزل جي متلاشي رهيس، نصيبن نيٺ پنهنجي شهر خيرپور ڏي واپس رُخ ڪرايو. ڪجھ مهينا گهر ڀيڙو ٿيس، مٽ مائٽن توڙي لاڳاپيل هر شخص مون کي پنهنجي تجربي آڌار منهنجي مستقبل جي اونداه هجڻ جون اڳڪٿيون ٻڌايون، پر مون کي هڪ تہ پاڻ تي ڪنهن حد تائي

وري يادگيرين ورايو اسان کي

Image
حصو پهريون جڏهن ماڻهو اڪيلو ٿيندو آهي ته اُنهي وقت پنهنجي ماضي جي ورقن کي اٿلائڻ پٿلائڻ شروع ڪندو آهي ۽ ماضي جي شاهاڪار گهڙين کي ياد ڪندي، پنهنجي پاڻ کي اطمنان ڏيندو آهي. مون سوچيو آهي ته آئون به اوهان سان پنهنجي پڙهائي جي دور جا ڪجھ اولڙا ونڊ ڪريان ته جئين مون کي به سُرهائي ٿي. ٻه هزار ڏھ عيسوي ۾ مون سکر جي پيراميڊيڪل ايڊ هيلٿ ٽيڪنيشن اسڪول ۾ داخلا ورتي هئي، هيلٿ ٽيڪنيشن جي ڊپلومه ڪرڻ لاءِ، تڏهن مسلسل هر هفتي منهنجو گذر خيرپور کان سکر ويندي يونيورسٽي جي مين گيٽ وٽان ٿيندو هو، منهنجون نگاهون حسين آباد اسٽاپ ڪراس ڪندي ئي يونيورسٽي جي جهلڪ پسڻ لاءِ بي چين ٿي وينديون هيون، يونيورسٽي ڀرسان پهچندي ئي اکيون ساڄي پاسي پاڻهي ڄاڻ مُڙي پونديون هيون، منهنجا نيڻ تيستائين پنهنجو رخ تبديل نہ ڪندا هئا.  جيستائين يونيورسٽي جي ٻاهرين ڀت ختم نه ٿيندي ٿئي، يونيورسٽي جي ٻاهرين ڀت ختم ٿيندي ئي نگاهون واپس پنهنجي معمول تي اچي وينديون هيون ۽ ويگن ۾ ويٺي آس پاس نهارڻ شروع ڪنديون هيون. تن ڏينهن ۾ مون کي نہ يونيورسٽي جي مڪمل ڄاڻ هئي، نہ ئي مان يونيورسٽي گهميل ڦريل هيس، نہ ئي يونيورسٽي جي مڪمل شعبن ج

مهاڳ، مقدمو، ديپاچو، ٻه اکر ۽ پيش لفظ

Image
ڪتاب ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪڙا نصابي ڪتاب هوندا آهن ۽ ٻيا غير نصابي ڪتاب هوندا آهن. نصابي ڪتاب جهڙوڪ سرڪار جي نصاب جوڙيندڙ اداري جي سرپرستي ۾ ترتيب ڏئي ڪري ڇاپيا ويندا آهن ۽ غير نصابي ڪتاب جهڙوڪ ادب جي دنيا جا ڪتاب جنهن ۾ ڪهاڻيون، ناول، افسانه، جيل ڊائريون ۽ شعر و شاعري سان لاڳاپيل ڪتاب اچي وڃن ٿا. هتي هڪ ڳالھ جي وضاحت ڪندو هلان ته ادب ۾ تحقيق ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب پڻ نصابي ڪتابن جي فهرست ۾ شامل ڪيا ويندا آهن. ڳالھ جي اصلي مقصد ڏانهن ايندي اِهو ته انهن ٻنهي قسمن جي ڪتابن جي شروع ۾ ڪتاب جي اهميت بابت ڪجھ لفظ لکيل هوندا آهن. جن کي ادبي لغت مطابق مهاڳ، مقدمو، پيش لفظ، ٻه اکر يا ديپاچو چيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ هنن لفظن جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي ۽ معنيٰ جي نوعيت سان هنن لفظن لکڻ جون گهرجون به الڳ آهن پر انهي جي باوجود اسان مان کوڙ سارا علم ادب سان وابسطه فرد هنن لفظن کي ساڳي ڳالھ سمجهي ڪري نظر انداز ڪندا آهن. ان لاءِ هنن لفظن جي وچم بنيادي فرق کي هيٺ واضع ڪجي ٿو. تصنيف (Writing): تصنيف عربي زبان جو لفظ آهي. جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ٺاهيل (جوڙيل). اصلاحي زبان ۽ علمي ڪارنامو يا ل

ادبي دنيا ۾ هٿ سان پيدا ڪيل لاھ، چاڙها ۽ مونجهارا

Image
ادب هڪ اهڙي پناه گاھ آهي، جتي خوابن ۽ خيالن جو هڪ ٻي سان ملڻ ٿيندو آهي. جتي لفظ خوشبو وکيريندا آهن ۽ اهل دل اُنهي خوشبو مان سيراب ٿيندا آهن. اکين جي اُڃ صفحن کي ڏسڻ سان ختم ٿيندي آهي. ماڻهو ته مڙئي ماڻهو آهي ڪڏهن ڪئين آهي ته ڪڏهن ڪئين آهي. ڪڏهن پورو ڪتاب هڪ ئي ساهي ۾ پڙهيو ڇڏي ته وري ڪڏهن هڪ ئي صفحي يا هڪ ئي نقطي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اٽڪيو خاموش ويٺو هجي. تنهن هوندي به من جي مونجھ يا اندر جي آند مانڌ کي ماٺار بخشڻ لاءَ ماڻهو کي ادب جو ئي پاسو وٺڻو پوندو آهي. اِنهي اُڻ تُڻ ۾ دل کي تسڪين ڏيڻ لاءَ مجموعي طور هر ڪو شاعري کي ٻُڌڻ يا شاعري کي پڙهڻ ئي پسند ڪندو آهي. ڇو ته شاعري ماضي جو عڪس ڏيکاريندي، مستقبل لاءَ سُجاڳي جو سنهيو کڻي ايندي آهي. هي جملا مون پنهنجي نوجوان دوست ۽ شاعر سانوڻ ڦل جي شخصيت تي لکيل نوٽ ۾ لکيا هيا. آئون ادب کي هڪ پناهگاھ طور سمجهندو آهيان جتي لفظن جا ننڍڙا پتڪڙا گهر ٺهيل هوندا آهن ۽ ماڻهو انهن گهرن ۾ سڪونيت اختيار ڪرڻ لاءِ هن پاسي ڏانهن پنهنجو رخ ڪندا آهن. هي جهان بنھ الڳ ۽ نرالو جهان آهي. هن جي حُسناڪي جو عالم اِهو آهي جو هتي ٽٽل دليون پاڻ ۾ جڙي ڪري هڪ ٿي ويندي

منهن پوش

Image
هُو هر روز فيس بڪ تي شاعري لکي ڪري رکندي آهي.  کيس سوشل ميڊيا تي آئي ڪجھ ئي مهينا ٿيا آهن تڏهن به سندس پڙهندڙن جو تعداد عام رواجي تعداد کان بنھ گهڻو آهي.  سندس هر هڪ نثر توڙي نظم تي ڪمنٽن جي بارش هوندي آهي. سندس نظمن تي ماڻهو ڪمنٽ ۾ لکندا آهن: ”انتهائي شاندار نظم…واھ واھ“. وري ڪو ٻيو لکندو آهي: ”زبردست…ائين ئي لکندا رهو“. وري ڪو ٽيون لکندو آهي: ”اوهان جا نظم اڄ ڪلھ دل ۾ لهي ويندڙ نظم آهن“. مٿان وري ڪو چوٿون منهن پوش پهريل اديب کيس ڪمنٽ ۾ لکندو آهي: ”اهڙي شاعري جنهن لاءِ اوهين لکو ٿا. يقينن اهو وڏو خوش نصيب انسان هوندو“. سندس شاعري تي تعريفي جملن جي وٺ وٺان هوندي آهي ۽ هيڏانهن وري ميسيجر ۾ پيغامن جا به انبار هوندا اٿس ۽ سندس پوسٽن تي لائيڪ ته بنھ جام ئي هوندا آهن.  هڪ دفعي ”سچي پيار جي ڳولها“ جي عنوان سان ڪهاڻي لکي ڪري فيس بڪ تي رکي هيس…اصلي ڄڻڪ نئي ڪهاڻيڪار جو جنم ٿيو هجي. کيس ڪمنٽ ڪجھ هن طرح جا آيا ته: ”اوهان سچي پيار جي تلاش ۾ آهيو، تمام جلد توهان کي، توهان جو سچو پيار ملي ويندو، مايوس نه ٿيو“. اسان وٽ ماڻهو ڪيڏا نه ڀلا آهن جو ڪنهن کي به سو

مُختصر گفتگو

Image
پُڇيائين: ”ڇا پيو سوچين؟“ چيم: ”سوچيان پيو ته اڳي ماڻهو هڪ ٻي کي وڏي ڄمار ماڻڻ جي دعا ڪندا هئا. هاڻ هن وبا ماڻهن کان اِها دعا به کسي ورتي آهي!“ منهنجي ڳالھ کي اڌ ۾ ڪٽيندي وراڻي: ”شايد اُهي دعائون ماڻهو هڪ ٻي کي دل سان نه ڪندا هئا. تڏهن ئي ته اهڙي وبا وڪوڙيو آهي سڀني کي“. مرڪندي کيس وراڻيم: ”ها شايد ائين ٿي سگهي ٿو…

فلسفي مطابق هي دنيا، چرين ۽ سياڻن جي دنيا آهي

Image
ڪالھ فلسفي جو هڪڙو ڪتاب پڙهي رهيو هيس. فلسفو اهڙو ته ٺاهوڪو موضوع آهي جو هن کي جيترو پڙهجي گهٽ آهي. ڇو ته هي واحد موضوع آهي جنهن جي مطالعي سان من جلدي ۾ ڪونه ٿو ڍاپجي. قصا، ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهڻ کان پهريان ماڻهو هڪ عدد فلسفي جو ڪتاب پڙهي ڪري پوءِ هن قسم جي ڪتابن ۾ هٿ وجهي ته آئون سمجهان ٿو تنهن وقت سندس مطالعي ۽ مشاهدي جو رنگ ئي ٻيو هوندو.  فلسفو شروعاتي ڏينهن ۾ مون کي ٺپ سمجھ ۾ ڪونه ايندو هو. مون هن موضوع کي پنهنجي ويجهو پنهنجي مدد پاڻ آندو آهي. بهرطور ڳالهيون ته گهڻيون آهن پر پاڻ کي هتي مختصرن فلسفي انداز ۾ اِها ڳالھ ڪرڻي هئي ته ”هي دنيا، چرين ۽ سياڻن جي دنيا“ آهي. اوهان سوچيندا هوندا ته ڪو مون هي نئون فلسفو هٿ سان گهڙيو آهي. ائين قطعي ڪونه آهي محترم، مون جيڪڏهن هي ڳالھ پنهنجي نقطه نگاھ سان ڪئي آهي ته يقينن هن ڳالھ کي دليلن سان ثابت به ڪرڻ به منهنجي ذميواري آهي.  اچو ته هن تي بحث ڪريون. چوندا آهن ته هن دنيا اندر هر هڪ شئي جا جوڙا ٺاهيا ويا آهن. جوڙا ڇا آهن؟ اِها اڳم ئي توهان کي خبر آهي. پاڻ کي هتي فلسفي انداز ۾ مٿين نقطي نگاھ تي ڳالهائڻو آهي. اَن لاءِ براءِ ڪرم ڪو اجايو س

منهنجي ڪتاب تي لکيل رايا

Image
اداري پاران: تعليم جي ترقي دنيا جي هر ملڪ جي هر فرد جو خواب آهي، جنهن کي ساڀيان ڏيڻ چاهي ٿو. ڇاڪاڻ ته تعليم سان ئي سندس، سندس اولاد، معاشري، ملڪ ۽ دنيا جو مستقبل واڳيل آهي. سڌريل دنيا ان ڪري ئي سڌري وئي آهي جو هنن نه رڳو تعليم جي اهميت کي سمجهيو، پر هنن علم جي واٽ وٺندي اهو حاصل به ڪيو. تعليم جي اهميت ته هر شخص سمجهي ٿو، پر جن قومن ۽ ملڪن ان کي جديد گهرجن مطابق بڻائي پنهنجن سمورن فردن کي ان جي حاصلات جي اجازت ڏني، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين سان گڏ نصاب کي به جديد بڻايو اڄ اهي سڄي دنيا فتح ڪري رهيا آهن. پر جن تعليم کي اهميت نه ڏني، اهي هن جديد دور ۾ به پَستين ۾ پيل آهن. بدقسمتي سان اسان جو شمار ٻئي نمبر وارين قومن ۾ ٿئي ٿو. ان ڪري ئي اسين نه رڳو معاشي پر معاشرتي ۽ علمي ادبي طور تي به پوئتي پيل آهيون. سنڌ جي تعليم تباھ آهي، اها ته سڀني کي خبر آهي، اسان ان جي سببن کان به آگاھ آهيون پر ان جو حل ڇا آهي؟ ان ڳالھ تي اسان ۾ ڪو اتفاق نه آهي. نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاري پنهنجي هن ڪتاب ” تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت“ ۾ سنڌ جي تعليم جي تباهي جا حل ٻڌايا آهن. هن ڪتاب ۾ توهان کي تعليم جو نو