فلسفي مطابق هي دنيا، چرين ۽ سياڻن جي دنيا آهي



ڪالھ فلسفي جو هڪڙو ڪتاب پڙهي رهيو هيس. فلسفو اهڙو ته ٺاهوڪو موضوع آهي جو هن کي جيترو پڙهجي گهٽ آهي. ڇو ته هي واحد موضوع آهي جنهن جي مطالعي سان من جلدي ۾ ڪونه ٿو ڍاپجي. قصا، ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهڻ کان پهريان ماڻهو هڪ عدد فلسفي جو ڪتاب پڙهي ڪري پوءِ هن قسم جي ڪتابن ۾ هٿ وجهي ته آئون سمجهان ٿو تنهن وقت سندس مطالعي ۽ مشاهدي جو رنگ ئي ٻيو هوندو. 

فلسفو شروعاتي ڏينهن ۾ مون کي ٺپ سمجھ ۾ ڪونه ايندو هو. مون هن موضوع کي پنهنجي ويجهو پنهنجي مدد پاڻ آندو آهي. بهرطور ڳالهيون ته گهڻيون آهن پر پاڻ کي هتي مختصرن فلسفي انداز ۾ اِها ڳالھ ڪرڻي هئي ته ”هي دنيا، چرين ۽ سياڻن جي دنيا“ آهي. اوهان سوچيندا هوندا ته ڪو مون هي نئون فلسفو هٿ سان گهڙيو آهي. ائين قطعي ڪونه آهي محترم، مون جيڪڏهن هي ڳالھ پنهنجي نقطه نگاھ سان ڪئي آهي ته يقينن هن ڳالھ کي دليلن سان ثابت به ڪرڻ به منهنجي ذميواري آهي. 

اچو ته هن تي بحث ڪريون. چوندا آهن ته هن دنيا اندر هر هڪ شئي جا جوڙا ٺاهيا ويا آهن. جوڙا ڇا آهن؟ اِها اڳم ئي توهان کي خبر آهي. پاڻ کي هتي فلسفي انداز ۾ مٿين نقطي نگاھ تي ڳالهائڻو آهي. اَن لاءِ براءِ ڪرم ڪو اجايو سجايو سوال ڪري ڪچهري جي تسلسل ٽوڙڻ جي ڪوشش نه ڪجو. پاڻ ۾ آهيون. سڀئي اصول ۽ ضابطہ واضع هوندا ته ڳالھ به چٽي ٿي ڪري سامهون ايندي، نه ته هن مهل تائين پاڻ فلسفي جي پهرين نقطي تي ئي اٽڪيل آهيون. 

سياڻا ماڻهو هڪ نقطي تي ڪڏهن به اٽڪي ڪونه بيهندا آهن ڇو ته کين اها سُڌ هوندي آهي ته واچ جو ننڍي ۾ ننڍو ڪانٽو جيڪڏهن بيهي وڃي ته ان واچ کي جلد از جلد واچ ٺاهيندڙ ڪنهن مستري کي ڏيکارجي. پر پاڻ وٽ ائين ڪونه آهي. پاڻ وٽ جيڪڏهن ڪنهن جو واچ خراب ٿي پوندو آهي ته اُهو صاحب خراب ٿيل واچ کي پاڻ ئي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سندس اِها ڪوشش ويچاري واچ جو ستيا ناس ڪري ڇڏيندي آهي. ان لاءِ ئي فلسفو اسان کي اجاين ڪمن کان ۽ اجايو فضول غور ويچار ڪرڻ کان روڪي ٿو. 

فلسفي جو اهم نقطو ئي اِهو آهي ته هر شئي کي سامهون کان نه پر سائيڊ کان ڏسجي ته جئين سندس اصلي قد ڪاٺ جو پتو پئجي سگهي. آئون جڏهن به ڪتاب پڙهندو آهيان ته ڪو نه ڪو فرد مون کي اِهو طعنو ڏيندو آهي ته” ابا ڪتاب گهٽ پڙھ، چريو نه ٿي وڃي“. هاڻ ماڻهو وڃي ته آخر وڃي ڪيڏانهن؟ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪن سببن جي ڪري يا ايمرجنسي ڪري گاڏي جي رفتار وڌائي ڪري گهربل جاءِ تي جلدي پهچڻ چاهي ٿو ته کيس ٻيا ڏسي ائين چوندا آهن ته” لڳي ٿو همراھ چريو آهي“. حاصل مطلب اهو ٿيو ته ماڻهو جيڪڏهن ڪو ڪم ٻين جي مرضي ۽ منشا جي برعڪس ڪري ٿو ته ٻيا سگهو ئي کيس چريو چوڻ شروع ڪندا آهن. 

مون سان ڪجھ ڏينهن پهريان هڪڙو چريو مليو. مون کي ڏسي ڪري کليو ۽ اچي ڪري ڀاڪر پائي مون سان مليو. مون کي چيائين” يار تون لکندو ڪر، آئون تنهنجي لکڻين کي پڙهندو آهيان“. مون سندس ڳالھ ٻڌي ته مون کي تعجب ٿيو ته هن وٽ نه ئي موبائل، نه ئي ڪا سم وغيره. نه ئي کيس ڪا هلڪي ڦلڪي موبائل هلائڻ ڏانءُ اچي! تڏهن به هي ايڏو وڏو ڦٽاڪو منهنجي سامهون مون سان ئي هڻي رهيو آهي. منهنجي دماغ جا سڀ تاڪ بند ٿي ويا. ڳالھ ايڏي ته ڳَري هئي جو منهنجو دماغ ان ڳالھ جو وزن برداشت نه ڪري پي سگهيو ۽ آئون گهر موٽي اچي ڪري فلسفو پڙهڻ ۾ مصروف ٿي ويس. 

ڇو ته مون کي خبر آهي جهڙي ريت لوھ کي لوھ ڪٽيندو آهي تهڙي ئي ريت اَن همراھ واري ڳالھ جو اثر جيڪو منهنجي دماغ تي ٿيو آهي اُن جو اثر فلسفو ئي گهٽائي سگهي ٿو. ڇو ته فلسفي جو ڪتاب پڙهڻ کان پهريان مان سياڻو ۽ اهو همراھ چريو هو ۽ هاڻ هَن ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ توهان سمجهي سگهو ٿا ته ماحول ڇا هوندو.

جڏهن ملڪيتن کي ورهائڻ ۽ پاڻ ۾ ونڊي ڪري کائڻ جو جديد طرز جو طريقو آيو آهي تڏهن کان هن دنيا جا دعويدار به وڌي ويا آهن. سياڻا چون ٿا ته هي دنيا اسان جي مورثي ملڪيت آهي ڇو ته اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي عقل، فهم ۽ دانش سان هن کي هڪ نئي بناوٽ ڏئي ڪري خوبصورت کان خوبصورت تر بڻايو ۽ هن دنيا کي جنت جهڙو ٺاهڻ ۾ انهن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان لاءِ پهرين دعويداري اسان جي هلندي پوءِ ٻيا. انهي کان علاوه اسان وٽ کوڙ سارا ٺوس ثبوت به آهن ته هي ڪُل ڪائنات اصل ۾ سياڻن جي ئي ميراث آهي. 

چرين جو هن تي ذرو به حق ڪونه آهي. ٻي پاسي چريا حضرات اِهو اعتراض واريون ويٺا آهن ته ”جن وڏن کي سياڻا پنهنجا ابا ڏاڏا ڪوٺي رهيا آهن ۽ انهن جي سياڻپ جا قصيدا بيان ڪري رهيا آهن. سي ابا ڏاڏا دراصل اسان جا ابا ڏاڏا هيا. ڇو ته اُنهن پنهنجي چريائپ جي حد کي ڪراس ڪندي ڪا نه ڪا نئين تخليق ڪئي ۽ انهن جي انهي چريائپ سبب جهاز، دوربين، ٽيليفون ۽ انهن سان لاڳاپيل کوڙ ايجادون ٿيون. توهان ڀلي تاريخ جا ورق ورائي ڏسو. 

هن سماج جا ماڻهو انهن مهان تخليقڪارن کي پهريان چريو چوندا هئا ۽ انهن جي ڪنهن به ڳالھ يا عمل کي درست ڪونه سمجهندا هئا. جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ اسان سڀئي چريا پنهنجي هن دعويداري تان هٿ کڻئون ٿا“. هاڻ جيڪڏهن اعتدالي نموني سان فيصلو ڪجي ته هي دنيا واقعي حقيقتن چرين جي دنيا آهي. سياڻن ماڻهن هن دنيا کي ڪڏهن به سنجيده ڪونه ورتو ۽ اُهي هن دنيا کي مانجهادي جو ماڳ سمجهي هتي پنهنجو وقت پورو ڪري هليا ويا ۽ پويان هي گيت هلندو رهيو ته” پکي پرواز ٿي ويندا، حويلي ۾ نه ھُل رهندو“.

(روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 11 اپريل 2020)
https://awamiawaz.pk/539850/


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو