منهن پوش




هُو هر روز فيس بڪ تي شاعري لکي ڪري رکندي آهي.  کيس سوشل ميڊيا تي آئي ڪجھ ئي مهينا ٿيا آهن تڏهن به سندس پڙهندڙن جو تعداد عام رواجي تعداد کان بنھ گهڻو آهي. 

سندس هر هڪ نثر توڙي نظم تي ڪمنٽن جي بارش هوندي آهي. سندس نظمن تي ماڻهو ڪمنٽ ۾ لکندا آهن:
”انتهائي شاندار نظم…واھ واھ“.
وري ڪو ٻيو لکندو آهي:
”زبردست…ائين ئي لکندا رهو“.
وري ڪو ٽيون لکندو آهي:
”اوهان جا نظم اڄ ڪلھ دل ۾ لهي ويندڙ نظم آهن“.
مٿان وري ڪو چوٿون منهن پوش پهريل اديب کيس ڪمنٽ ۾ لکندو آهي:
”اهڙي شاعري جنهن لاءِ اوهين لکو ٿا. يقينن اهو وڏو خوش نصيب انسان هوندو“.

سندس شاعري تي تعريفي جملن جي وٺ وٺان هوندي آهي ۽ هيڏانهن وري ميسيجر ۾ پيغامن جا به انبار هوندا اٿس ۽ سندس پوسٽن تي لائيڪ ته بنھ جام ئي هوندا آهن. 

هڪ دفعي ”سچي پيار جي ڳولها“ جي عنوان سان ڪهاڻي لکي ڪري فيس بڪ تي رکي هيس…اصلي ڄڻڪ نئي ڪهاڻيڪار جو جنم ٿيو هجي.

کيس ڪمنٽ ڪجھ هن طرح جا آيا ته:
”اوهان سچي پيار جي تلاش ۾ آهيو، تمام جلد توهان کي، توهان جو سچو پيار ملي ويندو، مايوس نه ٿيو“.

اسان وٽ ماڻهو ڪيڏا نه ڀلا آهن جو ڪنهن کي به سوشل ميڊيا تي نه ئي ڏکائين ٿا ۽ نه ئي ڪنهن کي ڏکندي ڏسي سگهن ٿا. اِها ئي اصل انسانيت آهي.

سندس ڪهاڻي جي فيس بڪ تي اپلوڊ ٿيڻ کان پوءِ کيس سچي پيار جا 129 آفر ميسيجر ۾ پيغامن جي صورت ۾ موصول ٿيا. جيڪي هڪ ئي ڌڪ ۾ قبول ڪرڻ سندس وس کان ٻاهر هئا.

سندس مزاج جو هڪڙو خراب پهلو اِهو هو ته ھُو ڪنهن کي به ميسيجر ۾ ريپلاءِ ڪونه ڏيندي هئي ۽ نه ئي ڪنهن جي ڪيل ڪمنٽ ۾ کيس ڪو جواب ڏيندي هئي. بس سڀني جي ڪمنٽن تي دل جو نشان جنهن تي انگريزي ۾ (Love) لکيل هوندو آهي. اُهو هڻي ڇڏيندي هئي.

آئي ڏينهن کيس کوڙ سارا نوان فرينڊ ريڪويسٽ به ايندا هيا ۽ اُنهن ۾ وري گهڻائي انهن اديبن جي هوندي هئي جيڪي زماني جي نظر ۾ وڏا ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ شاعر آهن. سندس فيس بڪ تي ڪيل پوسٽن تي ڪمنٽن ۾ گهڻائي به اُنهن جي ئي هوندي هئي.

هڪ ڏينهن کيس خيال ٿيو ته ڇو نه آئون پنهنجي هن فيس بڪ اڪائونٽ کي ئي ختم ڪري ڇڏيان. هاڻ وڌيڪ عرصو عورت ٿي ڪري هنن ڏڏ اديبڙن کي بي وقوف نه ٿو ڪري سگهان…ڇو ته هتي اڪثريت اهڙن جي آهي جيڪي عورتن جي پوسٽن تي پنهنجي گِگَ ڳاڙيندا آهن.

انهي سوچ سان پنهنجي فيڪ فيس بڪ اڪائونٽ کي ڊي ايڪٽو ڪري پنهنجي اصل اڪائونٽ سان فيس بڪ تي لاگ اِن ٿي ڪري لکيائين: ” دوستو گهڻي وقت کان پوءِ وري فيس بڪ تي واپسي ٿي آهي - ڀليڪار ته ڪيو“.


Comments

  1. تلخ حقيقت نڱاري ـ دوکيبازيء جي جديد شڪل ۽ عورت جي حوالي سان اسان مردن جي ھلڪڙائپ جو سربستو احوال

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو