عورتن جون درد ڪهاڻيون
قسط پهريون پورو ڏيھ ڏکن، درد ۽ پيڙاهن جي قصن سان ڀريو پيو آهي ليڪن اُن جي باوجود قدرت واري طرفان پيدا ڪيل دنيا جي حسين ترين تخليق، جنهن کي عورت چئجي ٿو، سا تخليق هن مهل انيڪ تڪيلفن کي منهن ڏئي رهي آهي، هي مرداڻو سماج عورت کي اڃا تائين اُهو مقام عطا ڪري نہ سگهيو آهي جيڪو مقام عورت حق لهي ٿي، اسان جي معاشري منجھ جهڙوڪ هر فرد ڪهاڻي آهي ليڪن اُن جي باوجود عورتن جي نصيب ۾ درد وري ڪجھ سوايو آهي، هتي هن تحرير وسيلي آءُ انهن عورتن جي درد ڪهاڻين کي اوهان آڏو پيش ڪندس جن جي دردن کان دنيا ڪن لاٽار ڪري کين احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪيو ---------------------------------------------------------------------- ڪراچي جي هڪ نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ هڪ عورت سان منهنجي فيس بڪ وسيلي عليڪ سليڪ مطلب دعا سلام ٿي، ڪجھ ڏينهن هڪ ٻي سان خير و عافيت پڇڻ کان پوءَ اُن عورت هڪ ڏينهن مون کي پنهنجي درد ڪهاڻي ٻڌائي، ۽ اِهو پڻ چيو تہ آءُ اوهان جو لکيل تحريرون فيس بڪ تي پڙهندي آهيان، اوهان منهنجي درد جو احساس بخوبي ڪري سگهو ٿا اُن عورت ٻڌايو تہ اسين ڀٽائي آباد جا رهواسي آهيون ۽ آءُ هن مهل هڪ نجي ڪمپني ۾ ڪم...
Comments
Post a Comment