ٺري ميرواھ کي لائبريري ڏيو




علم، انسان جو ابدي ورثو آهي. علم سان ئي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي آهي انهن جي ورڇ ٿيندي آهي توڙي انهن جي وچ ۾ فرق کي نمايا ڪيو ويندو آهي. علم سان شعور ايندو آهي. شعور سان ذهن سُجاڳ ٿيندا آهن ۽ پنهنجي بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندا آهن.

جتي علم ناهي اُتي ڪا به حڪمت عملي، ڪا به چڱ ڀلائي توڙي بهتري جي برپا ٿيڻ جا امڪانات بنھ گهٽ هوندا آهن. علم جي وسيلي ئي ترقي جون راهون هموار ٿينديون آهن. اِن لاءِ علم حاصل ڪرڻ اڄ جي جديد دور ۾ انتهائي اهم ۽ ضروري آهي.

تعلقو ٺري ميرواھ ضلع خيرپور ميرس جو هڪ انتهائي اهم تعلقو تصور ڪيو ويندو آهي. هن تعلقي ۾ پڙهيل لکيل طبقو ۽ پيش ورانه ماڻهن جو تعداد به گهڻو آهي. اِن جي باوجود به هن تعلقي کي عوامي لائبريري جي سهولت کان محروم رکيو ٿو وڃي. 

سرڪاري سطع تي لائبريري جي حصول لاءِ ڪجھ عرصو پهريان هتان جي ڪجھ باشعور نوجوانن هڪڙي تحريڪ به هلائي هئي ۽ اُنهي تحريڪ وسيلي هتان جي چونڊيل نمائيدن ۽ اعليٰ اختيارن کان اهو مطالبو پڻ ڪيو هو ته هن تعلقي کي سرڪاري سطع تي هڪ لائبريري مهيا ڪئي وڃي. 

پر افسوس ته نوجوانن جي انهي جائز مطالبي کي هتان جي چونڊيل نمائدن ته رد ڪيو پر هن شهر جي واڳ ڌڻين پڻ انهي مطالبي تي ڪوبه خاطر خواه ڌيان ڪونه ڏنو.

نوجوان پرنٽ ميڊيا جي مدد سان، سوشل ميڊيا جي مدد سان توڙي احتجاج ڪرڻ ۽ ريلي ڪڍڻ سان پنهنجي انهي مطالبي جي کي اعليٰ اختيارن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ليڪن ڪٿان به کين ڪو خاطر خواھ جواب يا موٽ ملي نه سگهيو. 

هن شهر جا والي وارث ۽ خير خواھ سڏائيندڙ سڀ صاحب به نوجوانن جي ڪنهن اخلاقي مدد ڪرڻ کان پري رهيا. جنهن سبب نوجوانن جي هلايل تحريڪ ڪوبه لاڀ نه ڏئي سگهي ۽ نيٺ نوجوان نا اميد ٿي ڪري چُپ ڪري ويهي رهيا. 

هتان جي چونڊيل نمائدن کي نوجوانن طرفان گهڻا دفعا اپيلون به ڪيون ويون ۽ کين گذارشون به ڪيون ويون پر انهن به پنهنجي لبن تي اهڙي ماٺار کي مسلط ڪري ڇڏيو جهڙوڪ کين ڳالهائڻ جو روزو هجي. 

اِهڙي مايوسي ۽ نراسائي جي پلئه پوڻ کان پوءِ به نوجوان وقتن بوقتن پنهنجي انهي مطالبي جي حاصلات لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا. 

ٺري ميرواھ ۾ قائم ٿيل ڪمپويٽر سينٽر جي افتتاح ڪرڻ سکر آي بي اِي جو ڊاريڪٽر نثار احمد صديقي آيل هو. انهي موقعي جي مناسبت سان نوجوانن سندس آڏو پنهنجي هن مطالبي جي ڳالھ رکي ۽ کين حقيقتن کان به آگاھ ڪيو. 

صديقي صاحب پنهنجي اداري جي مدد سان لائبريري قائم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ اهو پڻ چيو ته آءُ توهان جي شهر کي ڊجيٽل لائبريري مهيا ڪندس. توهان نوجوانن جو پڙهڻ طرف رهجان ڏسي مون کي دلي خوشي ٿي آهي. 

صديقي صاحب جي انهي اعلان جي باوجود اڄ ڏينهن تائين نه ئي سندس طرفان ڪو جوابي پيغام يا ڪم عمل ۾ آيو آهي ۽ نه ئي کيس اِهو ياد رهيو ته مون ٺري ميرواھ ۾ نوجوانن سان ڪهڙو واعدو ڪيو هو جنهن کي وفا ڪرڻو آهي. 

صديقي صاحب جي انهي خاطري تي هتان جي نوجوانن ڪنهن قدر سرهائي محسوس ڪئي ۽ کين اِها پڪ هئي ته چونڊيل نمائدن جي طرفان نظر انداز ڪرڻ جي باوجود اسان جي شهر ۾ علم جي لاٽ ٻرندي ۽ هتان جو نئون نسل لاڀ حاصل ڪري سگهندو.

هن تحريڪ، هن ڪوششن ۽ محنتن کي ٻه سال گذري چُڪا آهن ليڪن اڃ ڏينهن تائين هي شهر پنهنجي هن جائز سهولت کان جهڙو جو تهڙو محروم لڳو پيو آهي ۽ هتان جو نئون نسل علم جي حاصلات لاءِ هيڏانهن هوڏانهن واجهائي رهيو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي ٻين شهرن جو رُخ به ڪري ٿو. 

جنهن جي ڪري کيس انيڪ مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون. کيس معاشي طور به تنگ دستي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ سندس تعليمي مقصد به ڪنهن قدر پورا نه ٿين ٿا. ڇو ته اڄڪلھ جي هن ڏکي درو ۾ تعليم حاصل ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ڪونه آهي. ڪافي والدين پنهنجي ٻچن جي تعليم جو خرچ برداشت ڪرڻ کان لاچار آهن.

انهي حساب سان جڏهن هن تعلقي جي آبادي جو جائزو وٺجي ٿو ته اِن ڳالھ جي شدت سان ڪمي محسوس ٿئي ته هن شهر کي لائبريري ملڻ گهرجي. جيڪو هن شهر جو بنيادي حق آهي. لائبريري جي قيام عمل ۾ اچڻ کان پوءِ هتان جي اڪثريت لاءِ شعور جون راهون هموار ٿينديون ۽ انهن لاءِ علم حاصل ڪرڻ جي معاملي ۾ آسانيون پيدا ٿينديون. 

هن شهر جي تاريخ ۾ لائبريري جو نه هجڻ هڪ اهڙي محرومي اختيار ڪري چڪي آهي جيڪو هتان جي نوجوانن کي ذهني طور احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪري، سندس سوچن کي منتشر ڪري کين بدگمانين جي گهيراءُ ۾ قابو ڪري ٿي جنهن سبب سندن تخليقي صلاحيتون متاثر ٿيڻ لڳن ٿيون.




Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو