نئون تعليمي سال ۽ حڪومت جي سُسُت رفتاري - يوسف جميل لغاري



ڪجھ ڏينهن پهريان سيڪريٽري تعليم جو هڪ ويڊيو بيان نظرن مان گذريو جنهن ۾ ڪجھ هن طرح جون ڳالهيون هيون ته اسان نئي تعليمي سال مطلب ته جولاءِ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ ڪافي سُٺا ۽ ڪارڳر پلان جوڙيا آهن. 

جن مطابق ڪجھ نوان اُستاد ڀرتي ڪري رهيا آهيون ۽ ممُڪن آهي ضرورت جي پيش پوڻ تي ٻين نون استادن جي ڀرتي پڻ ڪئي ويندي. جنهن جو فيصلو جولاءِ تائين استادن جي کوٽ بابت مليل اکن اکرن بعد ڪيو ويندو.

هاڻ انهي ڳالھ کي مد نظر رکندي اهو سمجھ ۾ اچي ٿو ته نئون تعليمي سال اڳ جي بهتر ۾ تعليم جي شعبي ۾ نواڻ ڀريو ثابت ٿيندو. ڇو ته گذريل سال جي نومبر مهيني ۾ سکر آي بي اِي طرفان استاد جي ڀرتين لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ به سُٺا، هوشيار ۽ قابل اميدوار پاس ٿي ڪري سامهون آيا آهن. 

جن جي ڀرتي جو عمل گذريل ڇهن مهينن کان هلي ٿو پيو. ممڪن آهي ته اهو سلسلو جولاءِ تائين مڪمل ٿي وڃي.

جيڪڏهن جولاءِ تائين تعليم کاتي ۾ نوان اُستاد ڀرتي ٿي ڪري اسڪولن ۾ پهڇن ٿا ۽ سنڌ جي مجموعي طور سڀني اسڪولن ۾ استادن جي گهربل مقدار ۾ ڪنهن قدر واڌارو ٿي ٿو ته پوءِ ضرور نواڻ ايندي ۽ تعليم کاتي ۾ نتيجا اڳي کان بهتر ايندا. 

پر اتي وري اهو امڪان پڻ ٿئي ٿو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت سست روي جو شڪار ٿي ڪري انهي عمل کي ايگهائيندي رهي ته پوءِ شايد تعليم جي بهتري جون ڳالهيون صرف وڃي ڳالهيون ئي بچنديون.

تعليم کاتي ۾ بايوميٽرڪ سسٽم جي متعارف ٿيڻ کان پوءِ ڪافي گوسڙو ماستر ريٽائيرمنٽ وٺي چڪا هئا. جنهن جي ڪري هر هڪ تعلقي ۾ اُستادن جي کوٽ شدد اختيار ڪري چُڪي هئي. انهي شدت کي مد نظر رکندي حڪومت سنڌ گذريل سان نون استادن جي ڀرتي ڪرڻ جو اشتهيار ڏنو هو. 

انهي ڀرتين جي اشتهيار اچڻ کان پوءِ وٺي ڪري اڄ تائين مڪمل ڇھ مهينا ٿي چڪا آهن پر نوان استاد اڃا تائين ڀرتي ٿيڻ واري مرحلن مان گذري رهيا آهن. حالانڪ اهو عمل حڪومت سنڌ کي جلد از جلد مڪمل ڪرڻ گهربو هو ته جئين نئي تعليمي سال جي شروع ٿيڻ کان پهريان ئي نوان استاد ڀرتي ٿي چڪا هجن ها ۽ اسڪولن جي کلڻ شرط انهن کي اسڪولن ۾ موڪليو وڃي ها.

سنڌ حڪومت هڪ طرف ته تعليم جي بهتري لاءِ وڏيون ڳالهيون ڪري ٿي ۽ انهي لاءِ بجيٽ ۾ پڻ ڪنهن قدر اضافو ڪري اهو تاثر ڏي ٿي ته حڪومت تعليم کاتي سان سنجيده آهي ليڪن اُنهي جي باوجود اسڪولن ۾ اُستادن جي موجوده ڪمي کي پورو ڪرڻ لاءِ سست رفتاري جو ڪم وٺندي اهو واضع ڪري ٿي ته حڪومت سنڌ جو تعيلم کاتي طرف توجع بنھ گهٽ آهي. هي سڀ اعلان محظ سياسي اعلان ئي هجن ٿا.

تعليم کاتي مان اُستادن جي سڄي ساري ڊيٽا غائب ٿيڻ ۽ بايو ميٽرڪ سسٽم کي ختم ڪرڻ جهڙا عمل پڻ سنڌ جي ساڃاھ وندن جي ذهنن ۾ انيڪ سوال اُڀارين ٿا ۽ اِهو گمنان پڻ ٿيڻ لڳي ٿو ته هي سڀ ڪجھ ڪٿي نيب جي انڪوارين کان بچڻ لاءِ ته سوچيل سمجهيل حربا ته ڪونه آهن. 

تعليم جي وزير سيد سردار علي شاھ ڪجھ عرصو پهريان امتحانن جي موسم جي جيڪا اچانڪ وٺ پڪڙ شروع ڪئي هئي انهي جا نتيجا ڪهڙا نڪتا. سنڌ جي سڀني بورڊن ۾ مارڪون اڄ به وڪامجن پيون ۽ تعليم جي وزير جي انهي عمل جو نقصان صرف انهي شاگرد کي ٿيو آهي. 

جيڪو ڪنهن سببن جي ڪري پنهنجي پڙهائي طرف ڌيان نه ڏئي سگهيو آهي ۽ سندس پهچ بورڊ وارن تائين ناهي. باقي اثر رسوخ وارا اڄ به ڏوڪڙن تي گريڊ وٺي ويا هوندا.

جيتوڻيڪ سال جو اڌ عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ تائين نئي تعليمي پاليسي واضع نه ٿي سگهي آهي. حالانڪ حڪومت سنڌ کي فيبروري ۾ نئي تعليمي سال جي حوالي سان پنهنجي پاليسي واضع ڪرڻي هئي. ڪجھ عرصو پهريان تعلقه ايجوڪيشن آفيسر جو خالي پيل پوسٽون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مدد سان ڀرڻ جو اشتهيار به ڏنو ويو هو.

ليڪن ڪجھ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ انهن ڀرتين کي ملتوي ڪيو ويو. هاڻ هن اميدوارن انهن خالي پيل جاين لاءِ چالان ڀريا ۽ تياري ڪئي انهن جي سڄي ساري ڪمائي الاءِ ته ڪهڙي خاتي ۾ هلي وئي. انهن جون اميدون خاڪ بڻجي ويون ۽ اُهي اڄ به انهي اميد ۾ آهن ته انهن کان ٽيسٽ ورتي ويندي پر حڪومت انهي حوالي سان به ڪا پيش رفت هن مهل تائين ڪونه ڪئي آهي.

اِهڙا انيڪ سوال ۽ مونجهارا هر اُنهي ماڻهو جي ذهن ۾ گهر ڪري ويهي رهيا آهن جيڪو ماڻهو تعليم سان توڙي پنهنجي ايندڙ نسلن جي بهتر مستقل سان سنجيدگي وارو رويو رکي ٿو. حڪومت سنڌ خالي اعلانن ۽ بيانن کان هٽي ڪري تعليم جي کاتي سان حقيقتن جي بنياد تي ويچارڻ گهرجي.

۽ سنڌ جي ايندڙ نسلن لاءِ ڪا ڪارڳر حڪمت عملي جوڙڻ کپي جنهن سان تعليم کاتي ۾ واقعي ئي ڪا نواڻ يا بهتري اچي ڇو ته تعليم کان سواءِ ترقي قطعي ممڪن ڪونه آهي. تعيلم ئي هڪ اهڙو سگهارو هٿيار آهي جنهن سان پنهنجو توڙي پنهنجي قوم جي قسمت تبديل ڪري سگهجي ٿي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو