معاشري کي آئينو ڏيکاريندڙ ڪتاب



ادب ۾ جڏهن به ڪهاڻي جي حوالي سان ڪا ڳالھ ٿيندي آهي ته مون کي اُنهي وقت سنڌ جي ڪهاڻيڪار لاءِ دل ۾ عقيدت پيدا ٿيڻ لڳندي آهي ڇو ته ڪهاڻيون آءُ پڙهندو آهيان. ڪهاڻيون ٻڌندو آهيان ۽ وري ڪڏهن ڀُل چُڪ ۾ ڪهاڻيون لکندو به آهيان.

هوش محمد ڀٽي ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ آڻي ڪري ائين سمجهو ته نه صرف پنهنجو بلڪ پڙهندڙن جي دل جو به بار هلڪو ڪري ورتو آهي. سندس ڪهاڻين جي هن ڪتاب ۾ سماج جي هر هڪ پهلو تي ڪهاڻيون درج ٿيل آهن. هر ڪا ڪهاڻي ڄڻڪ پنهنجي ڪهاڻي لڳي ٿي.

مون جنهن وقت سندس ڪهاڻي ”ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ“ پڙهيو ته ائين سمجهو ڄڻڪ صدين کان منهنجي اندر ۾ جيڪو سوال ڪر کنيو بيٺو هو، هن ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ اُنهي سوال جو جواب ملي ويو. هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ سنڌ جي هر هڪ قومي ڪارڪن جي اندر جي ڳالھ، بلڪ ائين چئجي ته دل جي ڳالھ ڪئي آهي.

اِهڙي ئي ريت سندس ڪهاڻي مائوٿ آرگن به فن جو شاهڪار نمونو آهي. هِن ڪهاڻي کي پڙهڻ دوران جيڪي منهنجا توقعات ڪهاڻي سان جڙندا ويا ۽ مون مَنَ ئي مَنَ ۾ جيڪي سوچيو ته هاڻي شايد ڪجھ هئين ٿيندو، ڪجھ هونئن ٿيندو. پر ائين ڪجھ ڪونه ٿيو. ڪهاڻي مون کي مطلب پڙهندڙ کي چمڪو ڏئي وئي.

هَن ڪهاڻي جي هڪ ٻي اهم ڳالھ ته ڪهاڻي پڙهڻ دوران ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڪهاڻي جو مکيه ڪردار مرد آهي ۽ سندس پاران بيان ٿيل وارتا ڪنهن عورت جي آهي. پر اڳتي هلي ڪهاڻي جي آخر ۾ اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڪهاڻي جو مکيه ڪردار عورت آهي ۽ اُن طرفان جيڪا وارتا بيان ٿيل آهي سا مرد جي آهي.

اِهو ڪمال به هِن ڪتاب جي ڪهاڻيڪار جو آهي. جنهن پنهنجي وسيع مطالعي، مشاهدي توڙي فن ۽ فنڪر وسيلي عظيم ۽ شاهڪار ڪهاڻيون ترتيب ڏنيون آهن. سندس هر هڪ ڪهاڻي مان معاشري جا اولڙا نظر اچن ٿا. هر هڪ ڪهاڻي سنڌي سماج جو آئينو محسوس ٿئي ٿو.

هن ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻي ” امن جو خواب“ هر انهي ماڻهو جي دل جي ترجماني ڪري ٿو جيڪو هن ڌرتي تي سک ۽ شانتي ڏسڻ جو قائل آهي. سندس خواب به امن جا متلاشي هجن. هن ڪهاڻي جون هي هيٺيون سٽون مون کي ڏاڍيون وڻيون بلڪ ائين چئجي ته ڄڻڪ منهنجي اندر مان ڦٽي نڪتيون هجن.

” انسانيت جا هي سڀ لتاڙيل ليڪا…هيترا آدرش، اصول، قانون باقي آهن. مذهب، فڪر سڀ ڇا لاءِ آهن انسانن جي بچاءُ لاءِ آهن يا ان کي ڪُهڻ لاءِ. اقوام متحده جا ٺاهيل قانون، توڙي جو خود خدا به” هڪ انسان جي قتل تي سڄي انسانيت جو قتل عام چوي ٿو… پوءِ به هن ڌرتي تي ائين ڇو ٿو ٿئي…“

(ڪهاڻي. امن جو خواب، ڏسو صفحو 38)

انسان فطري طور امن پسند آهي. کيس ويڙهاڪ حالتن ۽ وري ڪٿي ڪٿي معاشرتي روين بڻايو آهي. انهي لاءِ مجموعي طور تقريبن اڪثريت امن پسند خيال جا قائل آهن. هر ڪو چاهي ٿو ته امن امان جي صورتحال بهتر رهي ۽ هڪڙو انسان ٻي انسان جو ڀرجهلو ٿي. انهي ئي حوالي سان مٿي بيان ڪيل جملا ڪهاڻي امن جو خواب ۾ لکيل آهن.

انهي حوالي سان ڪتاب ۾ موجود تقريبن سڀئي ڪهاڻيون پنهنجي جڳھ تي گهڻي قدر نون عنوانن تي مشتمل ۽ فڪري ڪهاڻيون آهن. جن کي پڙهي ڪري ڪو به باشعور توڙي اهل علم ماڻهو پنهنجي ڌرتي، پنهنجي آئيندي توڙي پنهنجي ماروئڙن بابت لوچ ۽ سوچ ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو.

هوش محمد ڀٽي کي هن شاهڪار ڪهاڻين جي سرجڻهار طور آئون تھ دل سان مبارڪ باد ڏيان ٿو ۽ سندس ڏات مان اِها توقع رکان ٿو ته سندس فن ۽ فڪر مستقبل ۾ انهي ئي ريت سنڌي ادب کي معياري ڪتاب فراهم ڪندو رهندو. ڌڻي سندس ڏات ۾ واڌارو ڪري.


Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو