بي زبان اکيون



اکيون ته بس پرين جون اکيون. باقي مڙئي سڀ خير، پرين جي اکين ۾ پوري ڪائنات وسي ٿي، هي اُهي اکيون آهن جن ۾ صبح ۽ شام جا پاڇا وسن ٿا، آسمان جي نيراڻ نظر اچي ٿي، سمنڊ جي گهرائي پنهنجو عڪس نمايا ڪري ٿي. 

بارشن جا آثار نظر اچن ٿا، صحرا جا پنڌ پسي سگهجن ٿا، پوري ڪائنات کي هڪ هنڌ گڏ ڏسي سگهجي ٿو، واقعي اکيون هجن به ته اهڙيون ئي جن ۾ درد کانسواء،ِ ڪي آٿٿ جا ڪجھ ٻول به هجن، جن ۾ مايوسي جي بجاءِ اميد جا ڪي ڪرڻا نظر اچن.

اِهي اکيون، جن کي آءُ بي زبان اکيون چوندو آهيان، بي زبانن جي به هڪڙي زبان هوندي آهي، انهن جا به ڪي آدرش ۽ اصول هوندا آهن، اُهي به هڪ ٻي سان هم ڪلام ٿيندا آهن. 

پر ڪٿي ٿا اهو سڀ ڪجھ سمجهي سگهن اُهي موڳا مغز، جيڪي زبان جي هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. جن کي اِهو گُمان آهي ته هُنن وٽ سڄو علم، فهم ۽ ڏاهپ آهي، زبان ته سڀ ڪجھ ڪونه هوندو آهي.

وڻ به گفتگو ڪندا آهن، پکي نه گيت ڳائيندا آهن، ڪک ۽ پن به جهومندا آهن پر اِهو سڄو ڪجھ ڏسي ڪير؟ اِهو سڄو ڪجھ سمجهي ڪير، اِهو سڄو ڪجھ اُهي ته قطعي به ڪونه ٿا سمجهي سگهن جيڪي سمجهن ٿا ته انهن جون اکيون بي زبان نه آهن. 

هي سڄو لقاءُ، هي سڄو سُرور ۽ فرحت ته صرف اُهي ئي محسوس ڪري سگهن ٿا جن جون اکيون بي زبان اکيون هجڻ جي دعويٰ ڪن. ڇو ته خاموشي ئي خاموش گهڙين جو هم راز هوندو آهي. پڙاڏو ڪڏهن به خاموشين جو ڀرجهلو نه ٿو ٿي سگهي.

درياءُ ۾ وهندڙ پاڻي جون به اکيون به بي زبان زبان اکيون هونديون آهن، ڪڏهن ڪڏهن گهڻو دٻاءُ پوڻ تي درياءُ جو پاڻي به رڙيون ڪندو آهي ۽ ماڻهن کي اِهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته آءُ اچان پيو، پاڻ سنڀالجو، پاڻ بچائجو. 

ڪتابن جي به هڪ الڳ داستان آهي، ڪتابن جو بي زبان اکيون اِنهي انتظار ۾ هونديون آهن ته ڪو اچي ۽ اسان کي زبان ڏي، اسان سان ڪچهري ڪري، اسان کان ڪجھ ويجهڙائي ڪري ۽ اسان کان ڪجھ سوال ڪري، ته جئين اسان انهي کي ٻڌائي سگهون ته اسان جون بي زبان اکيون توهان جي واٽ نهاري رهيون آهن.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو