هي درد ڪٿائون



فطرت جي مجموعي صورتحال ۽ خوبصورتي جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته انهي ۾ عورت جو وجود سڀني کان نمايا نظر اچي ٿو. عورت ڪائنات ۽ هن فطرت جي لقاءُ ۾ قدرت جو هڪڙو وڏو راز آهي. 

هڪ اِهڙو راز جنهن ۾ وري انيڪ ٻيا راز سمايل آهن. ڇو ته عورت بذات خود پنهنجي اندر ۾ ڪائنات جيتري وسعت رکي ٿي. انهي عورت کي هن جديد دور، جنهن کي ترقي يافته دور پڻ چيو وڃي ٿو. اُنهي ۾ کيس ڪهڙيون تڪليفون، مسئلا، رڪاوٽون درپيش آهن.

اُنهن مسئلن، تڪيلفين ۽ رڪاوٽن کي ڪهاڻي جو روپ ڏئي توهان اسان آڏو محترمه فرزانه چانڊيو پيش ڪيو آهي. سندس هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ عورت جي مظلوميت جي سُڌ پوي ٿي ۽ هن سماج طرفان ساڻس ڪيل بي واجبين، ستم ظرفين توڙي ناروا سلوڪن جا داستان پڙهڻ لاءِ ملن ٿا.

هي ڪتاب جديد دور ۾ مظلوميت جو اهڃاڻ آهي. هي ڪتاب صرف ڪتاب ڪونه آهي بلڪ عورتن جي درد ڪٿائن جي هڪ دستاويز آهي. جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ اندر ڪڙهڻ لڳي ٿو ۽ اِهو افسوس ٿي ٿو ته دنيا اندر خاص ڪري مردن جي سوچ روشن خيال نه ٿي سگهي آهي. جنهن سبب سڀئي ڀوڳنائون عورت کي پلئه پون ٿيون.

هن ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته انهي ڳالھ جي پڪ پوي ٿي ته واقعيٰ دنيا اندر اڄ به عورت تي فوقيت حاصل ڪرڻ، سندس مٿان حاڪماڻا حڪم صادر ڪرڻ ۽ کيس پنهنجو ٻِيلي تصور ڪرڻ مرد جو پسنديده مشغلو آهي. هنن ڪهاڻين مان التجائي صدائون بلند ٿيل نظر اچن ٿيون.

پُٺتي پيل سماجن ۾ عورت پنهنجي حساب سان نه سوچي سگهي ٿي، نه ئي ڪو فيصلو ڪري سگهي ٿي، نه ئي ڪڏهن ڪنهن غلط فيصلي جي مسلط ٿيڻ مهل ڪا مزاحمت ڪري سگهي ٿي. کيس هر پهلوئن کا، هر پاسن کان جڪڙي ڪري رکيو ويو آهي. هن جديد دور ۾ به عورت مرد جي اڳيان باندي بڻيل نظر اچي ٿي.

ڪڏهن کيس تبسم بڻجي ڪري پنهنجي موالي ۽ ڇڙواڳ ور (مڙس) جي سار سنڀال لهڻي پوي ٿي ته وري ڪڏهن کيس حوا بڻجي ڪري پنهنجي اولاد لاءِ در بدريون ۽ ٺوڪر سهڻا پون ٿا. ڪڏهن وري هن سماج جي بي واجيبن جو شڪار ٿيندي بنا ڪنهن شناخت، بنا ڪنهن نالي جي مردن اڳيان نچڻو پوي ٿو جنهن ڪري کيس دنيا وارا ناچڻي جو نالي سان ياد رکن ٿا.

عورتن جو درد ڪٿائون ته هر ڏينهن گهٽجڻ جي بجاءِ وڌي رهيون آهن. دنيا ۾ چند مرد هوندا جن کي قدرت جي هن انمول تخليق جو قدر ڪرڻ جو ڏاءُ هوندو. باقي ته مجموعي طور عورت کي ڪنهن رانديڪي مثل سمجهي انهي سان کيڏندي سندس جذبن کي قتل ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. جنهن سبب معاشري جو توازن بگاڙ ۾ اچي ٿو.

هِن مجموعي ۾ موجود سڀئي ڪهاڻيون انهي معاشري مان اخذ ڪيون ويون آهن جنهن معاشري جا توهان ۽ اسان به حصا آهيون. هڪ عورت ئي ٻي عورت جو درد سمجهي سگهي ٿي ۽ انهي درد کي محسوس ڪندي هن ڪتاب جي ليکڪا انهن محرومين کي لفظن جو ويس ڍڪائي ڪري توهان اسان آڏو پيش ڪيو آهي.

هي ڪهاڻيون ڪو خيالي ڪهاڻيون يا قصا ڪونه آهن بلڪ هنن ڪهاڻين جي وجود ۾ اچڻ جي پويان تحقيق ۽ مشاهدي جو وڏو عمل دخل آهي. هنن ڪهاڻين کي سماج مان ائين چونڊي ڪري کنيو ويو آهي جئين سمنڊ مان موتين کي چونڊي ڪري کنيو ويندو آهي. انهي ڳالھ جو اعتراف هن ڪتاب جي ليکڪا هن ڪتاب ۾ ڪري چُڪي آهي.

هن ڪتاب جي ليکڪا اسان کي سماج جي انهي پهلو کان واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن پهلو تي ڪڏهن اسان ويچارڻ مناسب نه سمجهيو هجي يا وري ويچارڻ ئي نه چاهيو هجي. حقيقتون ته ڪڏهن به لڪي نه ٿيون سگهن. ڀلي انهن تي هزارين پردا ڇو نه چاڙهيا وڃن. انهن کي لڪائڻ لاءِ ڀلي ڇو نه هزارين هيلا هلايا ويا هجن.

اقبال به پنهنجي شاعري ۾ عورت جي وجود بابت چئي ٿو:

وجود زن سے ہے کائنات میں رنگ 

مطلب ته عورت جي وجود سان ئي هن ڪائنات جون سڀئي حُسناڪيون سلهاڙيل آهن. جيڪڏهن انهي وجود کي ڏاڍ، جبر ۽ تشدد سان همڪنار ڪيو ويندو ته يقينن هڪ ڪائنات جا سڀ رنگ ۽ روپ پنهنجي اصل شناخت وڃائي ويهي رهندا. جنهن سان وري به سڄو سارو نقصان فطرت جي ئي حصي ۾ ايندو.

هن ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ آئون انهي ڳالھ جو اعتراف قطعيٰ ڪونه ٿو ڪريان ته ڪو آئون اُنهن عورتن جي درد کي مڪمل طرح سان سمجهي سگهيو هوندس جن ڀوڳنائن کي منهن ڏنو. 

پر اِهو يقين سان چئي سگهان ٿو ته هر حساس دل ماڻهو جي اک ضرور آلي ٿيندي جڏهن هن ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻيون کيس اِهو ڏوراپو ڏينديون ته اسان جي هنن درد ڪهاڻين جو سبب توهان جهڙا ئي مهذب فرد هيا جن کي معاشرو عزت دار سمجهندو هو.

عورت ڪهڙي به خطي ۾ هجي، ڪهڙي به رنگ ۽ نسل سان واسطو رکندي هجي. سندس سور هر جڳھ تي ساڳيا آهن. سندس مزاج سان هر هنڌ ڪَلور ٿيندا رهندا آهن. انهي لاءِ هي ڪتاب جئين ته انگريزي ٻولي ۾ لکيل آهن اِن لاءِ پوري دنيا جون عورتون هن ڪتاب مان مستفيد ٿي سگهن ٿيون.

هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران چپائي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. 80 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيه رکي وئي آهي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو