رسول ميمڻ جي ڪتاب ” عشق جو آسيب “ تي هڪ نظر



آءُ ڪهاڻين جي ڪتابن کي ڏاڍي شوق ۽ دلچسپي سان پڙهندو آهيان ۽ پوءِ وري جڏهن انهي ڪتاب بابت جيڪو محسوس ڪندو آهيان يا جيتري سمجھ ايندي اٿم اُهي خيال هتي اوهان آڏو پيش ڪندو آهيان. 

ڪجھ ڏينهن پهريان مون نثري نظم لکڻ شروع ڪيا جيڪي ڪجھ دوستن کي پسند به آيا ۽ مون کي سُٺي موٽ به ملي پر منهنجو ڪم نثري نظم پڙهڻ يا لکڻ قطعي ڪونه آهي.

آءُ ته ڪهاڻيون وڏي شوق سان پڙهندو آهيان ۽ ڪهاڻي لکڻ کي ئي وڌيڪ ترجيع ڏيندو آهيان. شاعري سان مڙئي دل وندرائيندو آهيان. ڪجھ مهربان دوستن جو خيال هو ته آءُ رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون پڙهان. رسول ميمڻ جديد ڪهاڻيڪار آهي. 

مون سندس ڪجھ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تان ڊائونلوڊ ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪيا ۽ اِهو ارادو ڪيم ته سندس هي سڀ ڪتاب واري واري سان پڙهندس. سندس ڪتاب جا تفصيل ڪجھ هن ريت آهن.

عشق جو آسيب (ڪهاڻيون)
حليمان (ڪهاڻيون)
سونو ڏند (ڪهاڻيون)
امن جي نالي (ڪهاڻيون)
چچريل زندگين جا قافلا (ڪهاڻيون)
ڪافر ديوتا (ڪهاڻيون)
فونو (ڪهاڻيون)

مون اهو سوچيو ته سندس ڪتاب عشق جو آسيب کي سڀ کان پهريان پڙهي پورو ڪريان ۽ باقي ٻين کي پوءِ آهستي آهستي واري واري سان پڙهي پورو ڪندس. رسول ميمڻ جي هن ڪهاڻين جي ڪتاب ۾ جيڪو نثر لکيل آهي سو مون کي پڙهڻ مهل ائين لڳو ڄڻ نثري نظمن جو نثر لکيل هجي. 

سندس ڪتاب جي کوڙ سارن ڪهاڻين ۾ مون کي اهڙا جملا پڙهڻ لاءِ مليا جن کي جيڪڏهن الڳ سان لکيو وڃي ته انهن مان ڪمال جا نثري نظم ٺهي پون. جئين سندس ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي ” روشنيون ۽ پاڇا “ جي شروعات ۾ هڪڙو جملو لکيل هو جنهن کي پاڻ هتي نثري نظم واري لکت ۾ پڙهنداسين.

منهنجي حياتي به
سيور جيان مختصر
ٿي چڪي آهي!
پر اِها ڪڏهن
ٽيوب لائيٽ جيان
ڊگهي هئي.

اِهڙي ريت سندس ڪهاڻين منجھ ڪافي اهڙا جملا استعمال ٿيل آهن. جن کي پڙهي ڪري ڪو به نثري نظمن جو شاعر سندس ڪهاڻين مان نثري نظمن جو لطف وٺي سگهي ٿو. انهي ساڳي ڪهاڻي ۾ هڪ هنڌ ڪجھ هن ريت جو خيال قلم بند ٿيل آهي.

انسان خلا ۾ گردش 
ڪندڙ گرھ آهي.
ھُو لڪير جيان
نڪري
چوڏينهن جيان چمڪي
۽ اوڻٽيھ اونداھ ۾
گم ٿئي ٿو.

سندس ڪهاڻين جي ڪافي جڳهن تي مون کي نثري نظم جئيرا جاڳندا نظر آيا. مون انهن جملن کي نثري نظمن جي ادائيگي طور پڙهي ڪري سندس ڪهاڻين مان مزو پي ورتو. سندس هِن ئي ڪهاڻي منجھ هِن خيال مون کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

سينما اڳيا 
حليم وڪندڙ مهاجر 
جي گاڏي تي 
رکيل ديڳ مٿان 
هيڊو بلب ٻري ٿو
ماڻهو پليٽ ۾ 
هيڊي روشني کائن ٿا.

رسول ميمڻ جي هنن ڪهاڻين کي آءُ پڙهندي پاڻ کي ڏاڍو پرسڪون محسوس ڪري رهيو هيس. ڇو ته هڪ ئي وقت مون کي ٻه شيون پڙهڻ لاءِ ملي رهيون هيون. آءُ انهي ڳالھ جي ثابت ڪرڻ ۾ مصروف ڪونه آهيان ته ڪو رسول ميمڻ سٺو ڪهاڻيڪار ڪونه آهي. 

پر آءُ سندس ڪهاڻين جي انهي پهلو تي ڳالهائي رهيو آهيان جن ۾ نثري نظمن جا انيڪ جٿا مون کي نظر آيا. آءُ ته سوچيان پوءِ جيڪڏهن رسول ميمڻ انهن خيالن کي نثري نظمن طور به لکي وٺي ها ته سندس نثري نظمن جو هڪ جامع ڪتاب تيار ٿي پوي ها.

ڏيئي جي وٽ
زندگي جيان آهي
۽ تيل حياتي!

رسول ميمڻ جي هن ڪتاب منهنجي اندر ۾ نثري احساس جاڳائي ڇڏيا. سندس ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ مون الاءَ ته ڪيترا نثري نظم لکي ڇڏيا. سندس نثر جي انهي ڪمال مون کي نثري نظمن جي ڪافي عنوان ڏنا. سندس ڪهاڻي روشنيون ۽ پاڇا ۾ هڪ جڳھ تي هڪ نثراڻو خيال ڪجھ هن طرح لکيل ملي ٿو.

ڪائنات جي
منهن ۾ ستارا
ڪنهن عيب جيان 
چمڪي
رهيا آهن!

مون سندس ڪتاب ۾ موجود سڀني ڪهاڻين کي هڪ دفعو نه بلڪ ورائي ورائي ڪري پڙهيا اٿم. ڇو ته سندس ڪهاڻين پڙهڻ ۾ هڪ ته خيالن جي وسعت تمام ڀلي آهي ۽ ٻيو ته سندس اهڙا خيال جن کي نثري نظم ڪري لکجي سگهجي ٿو اُهي به ڪمال جا آهن. جيڪي مَن کي متاثر ڪندڙ آهن.

ماڻهو سج جي
خوف کان سياري ۾
ڪن ڍڪيندا آهن ۽
اُنهاري ۾ مٿو!

مان هاڻ سمجهي چڪو هيس ته ماڻهو آخرڪار رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جي پڙهڻ کي ڇو اوليت ڏيندا آهن. اهو شايد اِن جي ڪري ته سندس جملن ۾ نثراڻو چس مڙئي ڪجھ جهجي مقدار ۾ آهي. هڪ ڪهاڻيڪار، هڪ شاعر يا هڪ عام ماڻهو، سڀئي سندس ڪهاڻين مان لطف اندوز ٿي سگهن ٿا. سندس هن خيال جو جائزو وٺو.

ڪڏهن آسمان
خوش هوندو آهي
ڪڏهن ڌرتي
خوش هوندي آهي
ٻئي هڪ وقت
خوش نه هوندا آهن
جڏهن هڪ وقت
خوش ٿيندا آهن ته
مصيبت نازل ٿيندي آهي.

مون رسول ميمڻ جي جن به خيالن کي نثري نظمن جو روپ ڏئي ڪري مٿي لکيو آهي. جيڪڏهن توهان انهن جو انهي ئي نموني جائزو وٺندئو ته توهان کي به اُهو ئي چس ملندو. جيڪو هڪ شاعر کي نثري نظمن مان ملندو آهي.



Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو