وائيٽ ڪالر اديب



هُن کي ادب جي دنيا ۾ تمام ٿورا ڏينهن ٿيا هئا. بلڪ ائين کڻي چئجي ته جمعو جمعو ڪُل اٺ ڏينهن مس ٿيا هيس. 
پر کيس مڃتا ڏاڍي ملڻ لڳي جنهن تي هو پاڻ پريشان هئي. 

هُو گهڻو تڻو شاعري ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو نثري نوٽ يا وري ڪا ٻي تحرير به لکي وٺندي هئي.

هڪ دفعو مون کي چيائين:
ساگر تو ادب ۾ پنهنجا پير گسايا آهن. هر هڪ گڏجاڻي توڙي ميڙاڪن ۾ ويو آهي. مطلب ته ڪنهن ڪتاب جي مهورت هجي يا وري ڪنهن اديب سان شام. تون اڪثر ويندو آهي. 

ادب جي دنيا ۾ ڀلا ڪڏهن ڪا ڇوڪري ٺهي اٿئي؟

مون کيس چيو:
چري! 
جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ٺهي ها ته پوءِ آءُ تون سان چاھت ڀريون ڳالهيون ڪئين ڪيا ها. در اصل مون ڪڏهن ڪنهن ۾ اهڙي نهار وجهي ڪري نهاريو ئي ڪونهي. آءُ هر هڪ عورت کي عزت جي نگاھ سان ڏسندو آهيان.

منهنجو جواب ٻڌي. مون کي چوڻ لڳي:
اڇا، انهي تو واري ساڳي سوچ جهڙا هن مهل ادب ۾ ڪيترا اديب آهن؟

مون بي ساخته کيس چيو:
اسان سڀ اديب طبعيتن ۽ مزاجن ۾ هڪ جهڙا هوندا آهيون. تقريبن سڀئي اديب عورتن جي عزت ڪندا آهيون، سواءِ پنهنجي زال جي!

منهنجي جواب جي ٻڌڻ کان پوءِ مون کي چوڻ لڳي:
تون واقعي اڃا تائين ٻهراڙي جو ئي ٻار آهين. هيترا سال ڪراچي ۾ رهيو آهين پر عقل ڪونه وڌيو اٿئي، اڙي او سٻاجهڙا سنڌي! هي ڏس منهنجي موبائل جو انباڪس تون وارن سڀني اديبن جا پيغام پيا اٿئي.

ڪو نمبر موڪلڻ لاءِ چوي پيو ته وري ڪو ڏس پتو پيو پچي. ڪو ڪوڙي تعريف پيو ڪري ته وري ڪو ادي چئي ڪري وات مان گگهون پيو ڳاڙي. هي سڀ ادب جي دنيا ۾ معتبر ۽ وائيٽ ڪالر اديب اٿئي!

آءُ ھُن جي موبائل ۾ انهن سڀني وائيٽ ڪالر اديبن جا پيغام ڏسي ڪري وائڙو ٿي ويس. جن کي آءُ مان وارو ۽ معتبر اديب سمجهندو هيس. منهنجي دماغ مان ٺڪاءَ نڪرڻ لڳا.

مون کيس چيو:
پوء،ِ تون انهن اديبن سان ڪئين منهن ڏيندي آهين؟

مرڪندي وراڻي:
ڪنهن کي به رپلاءِ نه ڏيندي آهيان. جي هڪ دفعو ڀُلجي به رپلاءِ ڏنم ته هي سڀ وائيٽ ڪالر اديب ائين سمجهندا ته آءُ انهن سان سيٽ ٿيڻ لڳي آهيان!

سندس جواب ٻڌي مون کان هڪ هلڪو ٺهڪ نڪري ويو مون کي ڏسندي هُو به مرڪي ۽ چيائين:
آهيان نه سياڻي؟

مون کيس چيو:
ها. تون ڏاڍي سياڻي آهين. هن مهل به ته هڪ اديب سان ئي ويٺي آهين نه!


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو