زندگي مسڪرائيندي


زندگي جي معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهڻ لاءِ زندگي جي هر هڪ گهڙي کي محسوس ڪرڻو پوندو. زندگي جا انيڪ رنگ ۽ روپ آهن. زندگي جي هر هڪ رنگ ۽ روپ ۾ انيڪ راز سمايل آهن ڇو ته زندگي پنهنجي اندر هڪ وڏو فلسفو رکي ٿي.

اسين زندگي کي خوبصورت، پرسڪون ۽ سڀني رنگن سان رنڱيل ڏسڻ جا خواهشمند آهيون. زندگي سان اسان جي اِنهي نسبت اسان کي زندگي کي ويجهو کان ڏسڻ ۽ سمجهڻ توڙي جئيڻ جو موقعو مليو آهي. هِن موقعو کي وڃائڻ جي بجاءِ هن تي فڪر ڪرڻ گهرجي.

هڪڙا ماڻهو بنا ڪنهن مقصد، آدرش يا نظرئي جي زندگي گهارڻ لڳندا آهن. جنهن سبب اڳتي هلي تاريخ جي ورقن ۾ کين هڪ سِٽَ جيتري به جاءِ نه ملي سگهندي آهي. اُهي ڪنهن مسافر طور وساريا وڃن ٿا. انهن جي ڀيٽ ۾ وري ٻيا جاکوڙي، تحرڪ ۾ رهندڙ ۽ پاڻ مڃائڻ وارن فردن کي تاريخ پنهنجي جيءَ ۾ جڳھ ڏيندي آهي.

اِن لاءِ جيڪڏهن اسين پنهنجي پاڻ کي سُڃاڻڻ واري اصلاح تي غور ڪرڻ شروع ڪيون ۽ اُنهن سبب کي تلاش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون جن جي ڪري اسان پريشاني ۾ مبتلا آهيون ته يقينن اسان جي زندگي مسڪرائيڻ لڳندي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو