عورت



عورت سُر ۽ سنگيت جو سنگم آهي، سندس وجود مان اِهڙا ته املھ گيت جنم وٺن ٿا جيڪي عاشقن جي روح کي تڙپائي وجهن ٿا.

سونهن کي جلا بخشيندڙ وجود عورت جو ئي وجود آهي. عورت کي ڇڏي ڪري جيڪڏهن سونهن ۽ سڀيتا جي ڳالھ ڪبي ته اُها ڳالھ بي وزنائتي محسوس ٿيندي.

زندگي خود ڪڏهن ڪڏهن عورت جي وجود جي اڳيان ڳوڏا کوڙي ويهي رهي ٿي. عاشقن جو زندگيون ائين ئي قربان ٿينديون آهن.

عورت بذات خود وفا جو هڪ مجسمو آهي. وقت ۽ حالات ڪڏهن ڪڏهن کيس پنهنجي انهي مزاج مان هٽائي ڪري سندس مٿان بي وفائي جو الزام لڳرائن ٿيون.

عورت کي سمجهڻ لاءِ اُن سان محبت ڪرڻ بنھ ضروري آهي، ڇو ته محبت کانپوءِ هُو مڪمل طرح سان پاڻ کي پنهنجي چاهيندڙ ڏانهن ارپي ڇڏي ٿي.

ڪائنات جو ابدي سچ عورت جو وجود آهي. عورت جي اندر منجھ هڪ ڪائنات الڳ سان آهي. جنهن ۾ ھُو پنهنجا سڀئي سور سانڍي رکي ٿي.

عورت هر روپ ۾ املھ آهي. پوءِ ڀلي ماءُ هجي، ڀيڻ هجي، ڌيءَ هجي يا وري هم سفر هجي. سندس سڀئي روپ اتم ۽ اعليٰ درجي جا حامل آهن.

جيڪا دل عورت جي اُنسيت کان انڪاري آهي. انهي دل کي سيني ۾ رهڻ جو ڪوبه حق ڪونه آهي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو