شاعر جي اداس نيڻن مان



سنڌي ادب هن وقت شاعرن سان ٽمٽار آهي. سوشل ميڊيا توڙي ٻين اشاعتي مرحلن ۾ هن وقت شاعري جهجي تعداد ۾ ڇپجي پئي. ماڻهو شاعري پڙهن به ٿا ۽ شاعري لکن به ٿا. اڄ به شاعري سان ماڻهن جو لڳاءُ اُن ئي ريت ساڳيو آهي جهڙوڪ پهريان هو.

شاعري ۾ جيتوڻيڪ شاعري جي سڀني صنفن کي اهميت حاصل آهي پر اِن جي باوجود وائي جي صنف کي انهي لاءِ احترام واري نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي جو هن صنف کي پذيرائي ڀٽائي صاحب طرفان وائي لکڻ کان پوءِ ملي. هن وقت سنڌ اندر ڪافي شاعر وائي جي صنف تي طب آزمائي ڪري رهيا آهن ۽ سھڻي نموني سان وائي لکي رهيا آهن.

وائي لکڻ واري انهي ريت کي، انهي تسلسل کي، انهي روايت کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ اسان جي دوست مبين اڄڻ ” وايون مهڪيون واٽ تي“ مرتب ڪري انتهائي مفيد ڪم سرانجام ڏنو آهي. سندس مرتب ڪيل هن ڪتاب ۾ ڪُل پنجاھ شاعر پنهنجي نڪور تخليقن سان شامل ڪيل آهن.

هن وقت انهي ڳالھ جي اشهد ضرورت پڻ هئي ته ڪتاب جي پڙهندڙن کي اهڙو ڪتاب مهيا ڪجي جنهن ۾ کيس پنهنجي پسند جي تخليقڪارن جون تخليقون هڪ ئي جڳھ تي جهجي انداز ۾ پڙهڻ لاءِ ملن. انهي ضرورت جو خيال ڪندي اسان جي هن دوست هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي جنهن ۾ شاعري جي هڪ ئي صنف تي سڄو سارو مواد پڙهندڙ کي مهيا ڪيو ويو آهي.

هن ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ وائي جي صنف جي اهميت، افاديت جي خبر پوي ٿي ۽ اُن سان گڏوگڏ اِهو احساس پڻ ٿي ٿو ته وائي جهڙي صنف ۾ تخليقڪار پنهنجي ڏات ۽ فن وسيلي ڪيڏي نه دريا دلي سان پنهنجي جذبن جو اظهار ڪن ٿا. ڪتاب جي شروعات ۾ راڻا جي اسنگي جي هن وائي جو خيال ڪيڏو نه ڪشادو ۽ وڻندڙ آهي:

پٽهاري سان پاڻ،
                                  ٻھڪي پيو آ ٻيلڙو.

ٻالاپڻ مان ٻورجي،
ڇوري ڇوڙ نه ٻاڻ،

                                ٻھڪي پيو آ ٻيلڙو.

(ڏسو صفحو 44)

هن مجموعي ۾ هر هڪ تخليقڪار پنهنجي تخليق سان سُٺي نموني نڀاءُ ڪيو آهي. هر هڪ وائي اندر هڪ نئو رنگ توڙي چس پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. انساني جذبات کان وٺي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي وطن توڙي پنهنجي ماروئڙن سان محبت جو اظهار پڻ پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. ڪٿي وري ڌرتي جي درد کي سنڀالڻ جا تذڪرا پڻ ملن ٿا. جهڙوڪ تنها سخاوت شيخ طرفان لکيل وائي:

سنڌ جا سور دل،
                              روز سانڍي پئي.

بک جي صحن تي،
لوڪ مجبور دل،
                              روز سانڍي پئي.

(ڏسو صفحو 63)

انسان ڪيفتن، حالاتن ۽ معاشرتي اصولن جي اڳيان ڪڏهن ڪڏهن مجبور ٿي پوندو آهي. جنهن سبب سندس خواهشون، اميدون ۽ خواب توڙي خيال پنهنجي تڪميل تائين پهچڻ ۾ ڪنهن قدر رنڊڪ جو شڪار ٿي پونديون آهن. انهن ئي ساڳين ڪيفيتن کي وري جڏهن جو شاعر يا نثر نگار پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪندو آهي ته سچ پڇو اُهي لفظ هزارين ٻين ماڻهن جي دل جي ڳالھ جي ترجماني ڪنديون آهن. اهڙو ئي هڪڙو خيال سائين پارس حميد جو وائي ۾ بيان ٿيل آهي:

سڃا او تارا،
                                توبن منهنجي مَنَ جا.

نيڻن ناهي ننڊ مون،
ساکي ستارا،
                               توبن منهنجي مَنَ جا.

(ڏسو صفحو 179)

هر انسان جي اِها خواهش هوندي آهي ته سندس حالات حاضره جي سامهون واري شخص کي سُڌ هجي. اُنهي دل جي پڪار کي تخليقڪار پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪري انهي سامهون واري شخص کي اهو احساس ڏيارڻ چاهي ٿو ته توبن منهنجي مَنَ جا سڀئي رنگ بي رنگ آهن. نيڻن ۾ ننڊ ڪونه آهي. سڄو سارو سنسار بي چسو لڳو پيو آهي.

پارس حميد ادب سان گهڻي عرصي سان سلهاڙيل آهي ۽ ادب توڙي ادبي ڪمن ڪارن کي پنهنجي زندگي جو ڳچ عرصو ڏنو اٿس. انهي حوالي سان سندس تخليق ۾ پختگي هجڻ سان گڏوگڏ هڪ رواني به پڙهندڙ کي ملي ٿو. سندس تخليق جي اصلي معراج کي سمجهڻ لاءِ سندس ڪتاب ” هٿ ترين تي روشن ڏک“ جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو.

اُها شاعري ديرپا تائين حيات رهندي آهي جنهن ۾ پنهنجن جي، توڙي پنهنجي ڌرتي ۽ سرتي جو برجستو حال احوال يا تذڪرو ڪيو ويو هجي. باقي مخالف جنس جي تعريف ۾ يا وري رومانوي شاعري گهڻو عرصو جٽاءُ نه ٿو ڪري سگهي. ڌرتي جي محبت ۽ اُن جي بقا جي حوالي سان حسن پنهيار جو لکيل هي وائي پڙهڻ کان پوءِ هڪ نئو اتساھ ملي ٿو:

سنڌ لٽجي وڃي،
سنڌ کسجي وڃي، 
                                          هاڻ  ممڪن نه آ.

ڪو ڪري ڪيسين ڀل،
پير هٽجي وڃي،
                                          هاڻ ممڪن نه آ.
(ڏسو صفحو 68)

حسن پنهيار جي هن وائي ۾ پنهنجي ڌرتي کي بچائڻ واري جذبي جي ترجماني انتهائي خوبصورت نموني سان ڪئي وئي آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي ڌرتي جي بقا جي حوالي سان مونجهارن جو شڪار آهن انهن کي اهو يقين ڏياريو ٿو وڃي ته هاڻ سنڌ کي لٽڻ ايترو سولو يا ممڪن ڪونه آهي جيترو پهريان هوندو هو.

جتي ڏک، سور ۽ سوز جا تذڪرا هوندا آهن اتي ئي وري پيار، محبت، سڪ ۽ سار جا به هوڪا هوندا آهن. دليون هڪ ٻي کي سڏ ڪنديون آهن. روح تڙپندا آهن. اکيون آس ۽ نراس واري ڪيفيت ۾ پنهنجي سڄڻ کي ڳولهڻ لاءِ نينهن جا نياپا هوائن جي وسيلي پرين جي پار اماڻينديون آهن. انهن ئي ڪيفيتن جي ترجماني نوجوان شاعر اصغر شر ڪجھ هن ريت ڪري ٿو:

مونکان گذري ڪونه ٿي،
هيڪل ڪاري رات،
                                         هاڻي موٽي آءُ تون.
مون کان تون آهين جدا،
ساهن ۾ سڪرات،
                                        هاڻي موٽي آءُ تون.

(ڏسو صفحو 184)

آئون اِن ڳالھ جو قائل هوندو آهيان ته ادب ۾ ننڍ وڏائي جو ڪوبه فرق نه هجڻ گهرجي. ڇو ته جنهن جي جيڪا تخليق آهي انهي کي مڃتا انهي حساب سان ملڻ گهرجي. ادب ته فرق کي ختم ڪندڙ هڪ عمل آهي. 

ها باقي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ادب کي پنهنجي زندگي جو ڳچ عرصو ارپي ٿو ۽ پنهنجي مستقل مزاجي سان ادب سان توڙي پنهنجي لکيل صنف سان نڀاءُ ڪندو اچي ٿو ته اُهو فرد مان لهڻو آهي.

وايون مهڪيون واٽ تي پڙهندي هڪ شئي جي ڪمي محسوس ٿي. ڪمي اِن شئي جي ته ڪتاب ۾ شاعرن جو جيڪو سٽاءُ آهي انهي مطابق پراڻن ۽ پختن شاعرن کي بي ترتيب نموني سان رکيو ويو آهي. ٿيڻ ائين گهرجي ها ته پراڻن ۽ گهڻي عرصي کان مسلسل لکندڙ شاعرن کي پهريان جڳھ ڏني وڃي ها ته جئين اُنهن جي پختي تخليقن مان پڙهندڙ پهريان مستفيد ٿين ها.

يا وري جيڪڏهن سڀني کي گڏائي ڪري رکڻو هو ته پهريان ۽ پراڻو شاعر جو پروفائل ۽ تخليقون ۽ اُن جي پويان وري هڪ نئي ٽهي جو نوجوان. مطلب ته انهي تربيت سان پڙهندڙ ڪن به ٻن تخليقڪارن جي تخليق جي وچم فرق کي آساني سان سمجهي سگهي ها. کيس شاعر جي فڪر، فلسفي ۽ ڏاهپ جو اندازو به ٿي پوي ها.

اڃا هڪڙو طريقو ائين به آهي ته شاعرن جي نالن کي سندن نالي جي پهرين اکرن جي ترتيب سان رکيو وڃي ها. جئين الف وارو پهريان. ب وارو پوءِ. انهي ترتيب سان سٽاءُ کي جوڙڻ جو فائدو اهو ته ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت ۾ اضافو ٿي ها ۽ پڙهندڙ کي اهو تاثر ملي ها ته هي ڪم واقعي هڪ وڏي تحقيق ۽ مشاهدي جو نتيجو آهي.

مجموعي طور هي ڪتاب قابل تعريف ۽ سندس مرتب ڪندڙ قابل داد آهي. ڇو ته هي ڪتاب وائي جي صنف کي سگهارو ڪرڻ ۾ اڳتي هلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندي. سنڌي ادب جي حصي ۾ هن ڪتاب جو اچڻ خاص ڪري وائي جي شاعرن لاءِ سٺو سنوڻ آهي.

هن ڪتاب جي مڙني خاصيتن منجهان هڪ خاصيت اِها پڻ آهي ته ڪتاب کي مرتب ڪندڙ اسان جي دوست مبين اڄڻ پنهنجو ذاتي تعارف ۽ تخليقون ڪتاب جي آخر ۾ رکيون آهن. هي عمل سندس لاءِ احترام پيدا ڪندڙ عمل آهي.

هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڇاپيو ويو آهي. 240 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيه رکي وئي آهي. هي ڪتاب وائي لکندڙ هر هڪ شاعر کي پڙهڻ گهرجي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو