تعليمي نصاب ڪئين هجڻ گهرجي




قسط 01
يوسف جميل لغاري

تعليم جي سرشتي کي اڳتي وڌائڻ توڙي اُنهي کي هلائڻ ۾ نصاب جو اهم ڪردار هوندو آهي. جيڪڏهن تعليمي نصاب فرسوده ۽ وقت جي مناسبت سان جديد نه هوندو ته يقينن اهو نصاب لاڀائتو نه ٿي سگهندو ۽ اُن مان مطمئن ڪندڙ نتيجا به اخذ ڪونه ڪري سگهبا. 

سنڌ جي تعليمي نصاب جي حوالي سان حالانڪ کوڙ ساريون ڳالهيون ڌيان طلب آهن جنهن ۾ سڀني کان اهم ڳالھ اِها آهي ته تعليمي نصاب ڪئين هجڻ گهرجي. تعليمي نصاب ۾ ڪهڙيون شيون ڪهڙي درجي ۾ شامل هجن ۽ ڪهڙن شين کي مستقل بنيادن تي نصاب جو حصو بڻائجي ۽ ڪهڙن شين کي نصاب ۾ عارضي بنيادن تي جڳھ فراهم ڪجي. 

پاڻ وٽ الميو اِهو آهي ته نصاب جي بهتري لاءِ تعليم کاتي وٽ نه ئي ڪي ڪنهن ماهرن جي ڪا ٽيم تشڪيل ڏنل آهي ۽ نه ئي وري تعليمي نصاب جي حوالي سان سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان ڪنهن قابل توڙي هوشيار اُستادن کان ڪي تجويزون ورتيون وڃن ٿيون. 

هر سال نصاب جي ترتيب ڏيڻ مهل تعليم کاتو حڪومت سنڌ پنهنجي مرضي سان نصاب جوڙي ڪري سنڌ اندر تعليمي ادارن کي ڪتاب فراهم ڪري ٿي ۽ اڪثر دفعا ائين به ٿيو آهي ته انهي پنهنجي مرضي واري روايت سبب تعليمي نصاب ۾ ڪافي غلطين جي نشاندهيون به ٿيون آهن ۽ اُنهن جي درستگي بابت سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان انهن سبجيڪٽن سان لاڳاپيل اُستادن پنهنجون تجويزون سوشل ميڊيا توڙي اخبارن وسيلي سرڪار تائين پهچايون به آهن

 ليڪن تعليم کاتي حڪومت سنڌ پاران انهن معاملن تي نه ڪڏهن ڪا سنجيدگي اختيار ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن انهن معاملن کي غور طلب آندو آهي جنهن سبب نصاب ۾ ڪوتاهيون جئين جو تئين ئي برقرار رهنديون اچن ٿيون.

تعليمي نصاب جي حوالي سان پاڻ جڏهن پرائمري ڪلاس جي نصاب جو جائزو وٺون ٿا ته پاڻ کي اِهو احساس ٿي ٿو ته پرائمري جي ٻار جي لاءِ جيڪو نصاب ترتيب ڏنو ويو آهي اُهو سڄو سارو نصاب ٻار جي عمر ۽ ذهن کان ڪنهن قدر مٿي ليول جو آهي. 

پرائمري جي ٻار لاءِ بنيادي سکيا واري مرحلي ۾ پهريان کيس پنهنجي ٻولي جا بڻ بنياد يعني الفابيٺ ۽ انهي الفابيٺ جي لفظن جي مختلف شڪل و صورت سمجهائڻ خاطر سبق ترتيب ڏنا وڃن. انهي کان پوءِ ٻين ٻولين جهڙوڪ اڙدو ٻولي ۽ انگريزي ٻولي جا الفاظ سمجهائڻ ۽ انهن جي درست استعمال جا طور طريقا سمجهايا وڃن ته جئين ٻار ٻولي واري معاملي ۾ ڪنهن قدر ڪٿي به مونجهاري جو شڪار نه ٿي. 

ڇو ته سنڌي الفابيٽ ۾ ڪجھ اهڙا اکر به آهن جن جو آواز هڪ جهڙو آهي. انهي آواز جي هڪ جهڙائي جي ڪري اسان جا ڪافي شاگرد اصل لفظ جي بجاءِ ٻيو لفظ لکي ٿا ڇڏين ۽ لفظن جو اِهو مونجهارو سندن ذهن مان ختم ئي نه ٿو. اڳتي هلي ڪري لکڻ واري معاملي ۾ کين کوڙ سارين غلطين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جنهن سبب سندن پڙهائي به متاثر ٿئي ۽ هو شين کي پنهنجي اصلي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ سمجهڻ کان به قاصر رهن ٿا.

اِنهي کان پوءِ سيڪنڊري درجي جي نصاب ۾ ٻولي سان گڏوگڏ سائنس ۽ حسابن واري سبجيڪٽ يعني مئٿ ميٽڪس کي شامل ڪيو وڃي. ڇو ته سيڪنڊري درجي جو ٻار هن عمر ۾ سائنس کي سمجهڻ جيترو عقل رکي ٿو ۽ کيس حساب ڪتاب به سمجھ ۾ اچڻ شروع ٿيندا. 

جڏهن ٻار ذهني طور بالغ ٿيڻ شروع ٿيندو ۽ کيس لفظن توڙي انگن اکرن جي سُڃاڻپ پرائمري جي درجي ۾ ئي سکڻ لاءِ ملي ويندي ته هُو سيڪنڊري ڪلاس ۾ پهچڻ شرط علم جي حاصل ڪرڻ کي بهترين مشغلو سمجهندي اُنهي مان لطف اندوز ٿيندو ۽ سندس دلچسپي پڙهڻ طرف به وڌڻ شروع ٿيندي. 

پاڻ وٽ تعليمي نصاب ڪجھ انهي طرح جو جُڙيل آهي جو ٻار کي شروعاتي ڪلاسن ۾ ئي سوشل سائنس، اسلاميات ۽ جنرل ناليج جهڙا سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا. ظاهري ڳالھ آهي هڪ ڪچو دماغ عمر جي انهي حد ۾ مڪمل طرح سان نه سماجي اڀياس کي سمجهي سگهندو. نه اسلاميات جي اهميت کي سمجهي سگهندو ۽ نه ئي کيس جنرل ناليج جهڙو خُشڪ سبجيڪٽ سمجھ ۾ ايندو. هي سبجيڪٽ کيس فائدو ڏيڻ بجاءِ سندس ذهني مونجهارن ۾ اضافو ڪندا ۽ سندس دلچسپي تعليم طرف وڌڻ بجاءِ گهٽجڻ لڳندي.



Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو