جديد دور جون تعليمي تقاضائون



هن وقت سنڌ اندر تعليم جي تباھ ڪارين تي هر روز کوڙ سارا ڪالم ۽ مضمون لکجن ٿا. هن موضوع کي وڏي پيماني تي بحث هيٺ آندو وڃي ٿو. هر مصنف، ڪالم نگار ۽ تبصرو ڪندڙ پنهنجي علم توڙي عقل ۽ فهم جي آڌار تي تعليم جي بهتري لاءِ ڪجھ تجويزون پيش ڪري ٿو. 

هِاڻ ڏسڻو اِهو آهي ته اسان جي تعليمي نظام کي جديد دور جي تقاضائن مطابق ڪهڙيون گهرجون آهن. جن گُهرجن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ اسان جو تعليمي نظام بهتر نتيجا فراهم ڪندو.

دنيا جي مجموعي مُلڪن ۾ تعليم جي شعبي کي جديد کان جديد تر بڻائي ڪري هر هڪ تفصيل، هر هڪ تخليق توڙي هر هڪ نواڻ کان سکندڙن کي روشناس ڪرايو وڃي ٿو. 

اِنهي جي اُبتڙ وري اسان جي سنڌ ۾ اُستادن جي کوٽ، اسڪولن جي کوٽ، سهولتن جي کوٽ توڙي هر هڪ گهربل خيال توڙي عمل جي به تعليم کاتي ۾ کوٽ آهي. جنهن جي ڪري تعليم کاتي ۾ ڪا به نواڻ نه ٿي اچي. ڪا به بهتري برپا نه ٿي ٿئي.

هر روز تعليم کاتي ۾ مخلتف تجربا ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن تجربن مان بهتري جي توقع پڻ ڪئي وڃي ٿي ليڪن اِنهن نت نون تجربن مان ڪڏهن به ڪو فائدي جو امڪان نظر نه ٿو اچي. 

جديد دنيا جي تقاضائن کي مد نظر رکندي جڏهن سنڌ جي تعليمي نظام جو جائزو وٺجي ٿو ته ڪجھ شين جي ڪمي شدت سان محسوس ٿئي ٿي. دنيا جي سُڌريل ملڪن جي تعليمي نظام جو جائزو وٺجي ٿو ته پوءِ تڏهن ئي وڃي اسان کي پنهنجي حال جي خبر پوي ٿي.

آمريڪا ۾ ابتدائي تعليم اُتان جي آئين مطابق هر هڪ تي لازمي آهي. جنهن سبب اُتي پرائمري جي تعليم کي اهميت به حاصل آهي. آمريڪا ۾ پرائمري تعليم جي حصول  لاءِ مجموعي طور عمر جي ڪا به حد مقرر ڪونه آهي. 

جيڪڏهن ڪجھ رياستن ۾ عمر جي حد مقرر ٿيل به آهي ته اُها ٻارنھ سال تائين آهي. اصولي طور ٻار جي مطالعاتي عرصو نو سال آهي. ان دوران ڇھ ابتدائي گريڊ، ٽي جونئير ۽ هائي اسڪول جا گريڊ کيس پاس ڪرڻا پوندا آهن. جنهن کان پوءِ سندس تعليم مڪمل تصور ڪئي وڃي ٿي. 

اسان وٽ وري بنيادي تعليم جو اِهڙو هشر ٿيل آهي جو اسان جي ڳوٺن يا پُٺتي پيل علائقي واسين کي پرائمري تعليم حاصل ٿي ئي نه سگهندي آهي. ڇو ته انهي بنيادي تعليم جي حصول لاءِ حڪومت طرفان به ڪي خاطر خواھ انتظام نه ڪيا ويا آهن.

اسان جي ٻهراڙي جو شاگرد اڄ به دنيا جي جديد آلاتن جهڙوڪ ڪمپيوٽر، ليپ لاٽپ، اينڊرائيڊ موبائل اپليڪيشن توڙي سماجي وييب سائيٽن جي درست استعمال کان گهڻي قدر اڻ واقف آهن. 

اسان جي هاءِ اسڪول جو ٻار پراجيڪٽر تي ملندڙ سلائيڊن تي آڌاريل معلومات کان اڻ واقف آهي. کيس اِها به خبر ڪونه آهي ته پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافي لاءِ ڪٿان ڪٿان کان معلومات اخذ ڪري سگهجي ٿي يا پنهنجي ڄاڻ کي ٻين تائين پهچائڻ جو مفيد ۽ موثر توڙي سولو توڙي جديد طريقو ڪهڙو آهي. 

اسان جي اسڪولن ۾ اڄ به شاگرد ڪاٺ جي پٽي تي الف ب لکي ٿو کيس اِها خبر قطعي ڪونه آهي ته هن ايڪويھن صدي جا ٻار ٽيبليٽ وسيلي بنيادي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

ٻيون ڳالهيون ته پنهنجي جاءِ تي پر اسان جي صوبي جو ٻار ٻين صوبن جي ٻار جي ڀيٽ ۾ گهڻن سهولتن کان محروم آهي. پنجاب، بلوچستان توڙي خيبر پختونخواھ جو شاگرد به هن مهل سُٺي، اعليٰ ۽ معياري تعليم سان آراسته آهي. 

جنهن جو اندازو انهي ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته انهن صوبن جا ٻار اعليٰ تعليمي رهجانن توڙي اسڪالرشپ تي بيروني ملڪن ۾ وڃن ٿا ۽ اُتان تعليم مڪمل ڪري اچن ٿا. اسان جي صوبي مان ڪڏهن قسمت سان ڪنهن شاگرد کي ٻاهر وڃڻ جو موقعو مس ملي ٿو جنهن جو مکيه سبب اسان وٽ تعليمي رهجان جو گهٽ هجڻ ۽ معياري تعليم جي کوٽ هجڻ آهي.

اسان وٽ به اسڪولن ۾ هوشيار، فني صلاحيتن سان ٽمٽار ۽ تخليقي ذهن کوڙ آهن ليڪن الميو اِهو آهي ته انهن جي لاءِ سرڪاري توڙي نيم سرڪاري سطع تي ڪوبه اِهڙو بندوبست ڪونه ٿيل آهي جنهن جي مدد سان هُو پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي نروار ڪندي انهن مان پاڻ کي توڙي پنهنجي قوم کي ڪو فائدو فراهم ڪري سگهن. 

اسان وٽ جيڪڏهن نجي تعليمي نظام به آهي پر اُهو سڄو سارو نظام به صرف ذاتي فائدي جي ڍُڪ ڍوڙ ۾ نوجوانن جي مستقبل کي تباھ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسان وٽ جيڪڏهن ڪو ٻار غير معمولي ذهانت جو مالڪ هجي ٿو ته انهي کي پنهنجي اوسر لاءِ گهربل ماحول ۽ تربيت نه ٿي ملي جنهن سبب سندس سموري ذهانت ۽ تخليقي صلاحيتون تباھ ٿي وڃن ٿيون.

سُنڌ حڪومت ڪجھ عرصو پهريان تعليمي ايمرجنسي پڻ نافذ ڪئي هئي پر افسوس ته اِنهي تعليمي ايمرجنسي جو فائدو نه والدين کي ٿيو، نه ٻار کي ٿيو ۽ نه ئي وري معاشري کي ٿيو. اِها ايمرجنسي صرف جو صرف ڳالهين تائين ئي محدود رهي.

انهي جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ به تعليم کاتي ۾ ڪا به بهتري نه آئي. سڀ ڪجھ پنهنجي معمول مطابق ساڳي جاءِ تي رهيو. نه ڪاپي بند ٿي سگهي. نه اسڪولن جي حالت بهتر ٿي سگهي. نه اُستادن جي کوٽ پوري ٿي سگهي. 

پر ايترو ضرور ٿيو ته اِها ايمرجنسي لڳائي ڪري اهو گمان ڪرايو ويو ته اسان وٽ تعليم کاتي جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو