Regularize IBA HMs

سنڌ اندر جيتوڻيڪ سڀني شعبن ۽ کاتن ۾ سهولتن جو ڏيوالپوڻو آهي پر انهي جي باوجود به سنڌ جو هر عام توڙي پڙهيل لکيل فرد اِهو چاهي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ تعليم جو شعبو، صحت جو شعبو ۽ قانون جو شعبو ٻين شعبن کان وڌيڪ بهتر ۽ ڪار آمد هجن. 

ڇو ته هنن ٽنهي شعبن جو واسطو انساني زندگي، معاشرتي ڀلائي ۽ پر امن سماج سان واسطو رکن ٿا. تعليم بهتر هوندي ته ماڻهو صحت جي اصولن جي پابندي ڪندا جنهن سان بيماريون گهٽ ٿينديون ۽ عام ماڻهو صحت مند زندگي گذاري سگهندو. 

انهي حساب سان جتي تعليم ۽ صحت جون سهولتون هجڻ سان گڏوگڏ قانون جا سڄو نظام به فعال ۽ ڪار آمد هوندو ته اُتان جا ماڻهو شعوري فرد هجڻ سان گڏوگڏ سماج جي بهترين اڏاوت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا ۽ انهي نموني هڪ مثالي سماج قائم ٿيڻ شروع ٿيندو ۽ انساني زندگي سولائي سان پنهنجو سفر مڪمل ڪري سگهندي.

پاڻ وٽ سنڌ اندر هنن ٽنهي شعبن ۾ بهتري جي ڪافي گنجائش موجود آهي. سڀني کان وڌيڪ بهتري جي ضرورت وري تعليم کاتي ۾ آهي. ڇو ته هي بنيادي شعبو آهي جيڪو باقي شعبن کي ترتيب ڏئي ٿو ۽ انهن کي اڳتي وڌڻ لاءِ گس فراهم ڪري ٿو. 

گذريل ڪجھ سالن کان وٺي تعليم جي کاتي کي بهتر بنائڻ لاءِ مختلف تجربا ڪيا ويا پر وقت جي حساب سان سڀئي تجربا ناڪام ٿيا ۽ تعليم بهتر ٿيڻ بجاءِ بدترين صورتحال اختيار ڪري چُڪي آهي. 

هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته ماضي ۾ ڪيل غلطين جو ورجاءُ ڪرڻ بجاءِ موثر ۽ ديرپا نتيجا ڏيندڙ پاليسيون ٺاهيون وڃن. جن تي عمل پيرا ٿيندي اسان جي تعليم پنهنجي اُنهي اوج کي رسي جيڪا اوج کيس ورهاڱي کان پهريان نصيب هئي. 

هن وقت هڪ طرف گرمي پنهنجي عروج تي آهي ته ٻي طرف انهن گرمين ۾ شاگردن ۽ اُستادن جو حال بي حال ٿيڻ جون خبرون عام ٿيڻ لڳيون آهن ته وري مٿان تعليم کاتي جي وزير سيد سردار علي شاھ ۽ سيڪريٽري تعليم قاضي شاهد پرويز جا بيان به هن ماحول کي وڌيڪ گرمائي رهيا آهن. 

ڪڏهن پنهنجي بيان ۾ چون ٿا ته نه پڙهائيندڙ اُستاد کي ٽن مهينن ۾ فارغ ڪنداسين ته وري ڪڏهن چون ٿا ته تعليم کاتي ۾ هڪ لک اُستاد آڱوٺي ڇاپ آهن. هڪ طرف تعليم جي بهتري جا اعلان ڪن ٿا ته ٻي طرف پنهنجي ئي کاتي جي اُستادن کي پنهنجي خلاف ڀڙڪائڻ وارن بيانن کان پاسو به ڪونه ڪن ٿا. 

ڪجھ ڏينهن پهريان هڪ خبر هلي ته سکر آي بي اي جي مدد سان ڀرتي ڪيل هيڊ ماسترن جي مدي ۾ هڪ سال جو واڌارو ڪيو ويو آهي ۽ کين هڪ سال کان پوءِ پنهنجي مدي جي پوري ٿيڻ شرط نوڪرين تان فارغ ڪيو ويندو. هن خبر جي عام ٿيڻ کان پوءِ پوري سنڌ اندر ڀرتي ٿيل سڀني نوجوان هيڊ ماسترن ۾ مايوسي جي هڪ لهر ڇائجي وئي.

پوري سنڌ اندر هنن هيڊ ماسترن جي مقرر ٿيڻ کان پوءِ اسڪولن ۾ گهڻي قدر بهتري آئي آهي. جن جن اسڪولن ۾ هي هيڊ ماستر مقرر ٿيا آهن اُنهن ۾ داخلا جو تناسب وڌيو آهي. ڳوٺاڻن جو سرڪاري اسڪولن ڏانهن اعتماد وڌڻ لڳو آهي. 

ماڻهو اڳي جي ڀيٽ ۾ هاڻ سرڪاري اسڪولن طرف وڌيڪ متوجع ٿيڻ لڳا آهن. پر الاءِ ڇو سنڌ سرڪار انهي اعتماد کي وري وڃائڻ چاهي ٿي. جيڪڏهن کين هيڊ ماستر مستقل نموني پڪا نه ڪرڻا هيا ته پوءِ انهن کي ڀرتي ڇو ڪيو ويو. پوري سنڌ هن وقت هن هيڊ ماسترن جي ڪارڪردگي جو گواھ آهي. 

ڀلي اِنهي حساب سان حڪومت هڪ سروي ڪرائي جنهن جي بنياد کي کين اِها پڪ ٿيندي ته واقعي هنن هيڊ ماسترن سرڪاري اسڪولن جي سالن کان وڃايل اعتماد کي پنهنجي محنت سان ڪئين بحال ڪيو.


Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو