صلاحيتن کي نکارڻ وارا 7 اهم ڪم

احساس مئگزين حيدرآباد، جون جي شماري ۾ ڇپيل منهنجو ترجمو ڪيل مضمون:

صلاحيتن کي نکارڻ وارا 7 اهم ڪم:

ليکڪ: ميان جمشيد
ترجمو: يوسف جميل لغاري


انهي ڳالھ تي مڪمل طرح سان يقين رکو ته توهان هڪ باصلاحيت فرد آهيو. اِها الڳ ڳالھ آهي ته توهان ڪڏهن پنهنجي اندروني صلاحيتن کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي يا جيڪڏهن ڪئي به آهي ته مڪمل ڄاڻڻ کان پهريان ئي پنهنجي ارادي تان هٿ کڻي ويا يا وري ڄاڻڻ کانپوءِ به انهن صلاحيتن کي نکارڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.

ڪجھ ماڻهو پنهنجي اندر ۾ صلاحيتن سان ٽمٽار هوندا آهن پر اُهي پنهنجي صلاحيتن کان لاتعلقي اختيار ڪيل هوندا آهن. انهن کي پنهنجي قابليت، هنر توڙي فن جي مڪمل سُڌ نه هوندي آهي. جنهن سبب اُهي صلاحيت يافته هجڻ باوجود ويڳاڻا ۽ وائڙا لڳا پيا هوندا آهن.

دوستو هي ڳالھ اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته هر انسان ۾ صلاحيتون ڪنڊي جي وڻ جيان موجود هونديون آهن. انهن جي مناسب ڪٽائي، صفائي ۽ ڇانگ وغيره ضروري هوندي آهي. تڏهن ئي اُهي استعمال جي قابل ٿينديون آهن نه ته اُهي ڊينگرن جي صورت ۾ ئي اسان جي اندر ۾ موجود هونديون آهن.

جهڙي ريت ڪنڊي جي وڻ کي ڇانگي ڪري صاف ڪيو ويندو آهي. سندس ڪٽائي توڙي صفائي سندس سونهن لاءِ بنيادي ڪم جي حثيت رکندو آهي تئين ئي انسان جي اندر ۾ موجود صلاحيتن کي به نرواڻ ڏيڻ لاءِ انهن جي درست استعمال بنھ ضروري هوندي آهي.

 ته جناب - آءُ توهان کي هن لکڻي وسيلي اِنهي ڳالھ کان آگاھ ڪندس ته پنهنجي اندر ۾ موجود صلاحيتن کي ڪارڳر بڻائڻ لاءِ ڪهڙا 7 اهم ڪم آهن. جن تي عمل پيرا ٿي ڪري توهان هڪ باصلاحيت فرد ٿي سگهو ٿا. اُهي ست اهم ڪم هي آهن. هنن کي غور سان پڙهو ۽ اُنهن تي عمل به ڪريو.



مطالعو ڪرڻ:
چيو ويندو آهي ته هوشيار چالاک ماڻهو مطالعو کان حقارت ڪندا آهن. ساده ماڻهو هن جي ساراھ ڪندا آهن. دانشمند ماڻهو هن کي استعمال ڪندا آهن. هن جي روشني ۾ مشاهدا ڪندا آهن ۽ پنهنجي تجربن ۾ هن کان رهنمائي حاصل ڪندا آهن. ته ياد رکو دوستو اسان جي سڀني مونجهارن جو سبب ” لاعلمي“ ئي هوندو آهي ۽ هَن جي ڪمي سٺاڪتاب ۽ مضمون پڙهي ڪري پوري ڪري سگهجي ٿي. 

اِن لاءِ شروع ۾ مختلف موضوعن جو مطالعو ڪريو پوءِ وري پنهنجي مرضي ۽ پسند يا وري پنهنجي صلاحيت مطابق ڪنهن موضوع جو مطالعو ڪريو ۽ انهن تي ڌيان ڏيو. هن طريقي سان توهان هر شئي کان واقف رهندؤ ۽ توهان جي صلاحيتن کي مسلسل آڪسيجن ملندي رهندي.

مطالعو انسان جي سوچن کي وسعت بخشي ٿو. مطالعي سان فرد ۾ ڳالهائڻ جي. سوچڻ جي، لکڻ جي، پڙهڻ جي ۽ خاص ڪري ڪنهن موضوع تي بحث ڪرڻ جي قابليت پيدا ٿيندي آهي. وسيع مطالعو هميشه جاندار ۽ ڪارڳر حڪمت عملين کي جنم ڏيندو آهي. 

ماڻهو جو مطالعو جيترو مسيع هوندو اُن وٽ انساني قدر ۽ انسانيت جو قدر اوترو ئي وڌيڪ هوندو. گهڻ مطالعي وارو ماڻهو عمل ۾ انسان دوست ۽ فطرت دوست هوندو. اهو سڀ ڪجھ اِن لاءِ ته هُو ڪائنات موجود هر هڪ شئي جي اهميت ۽ افاديت کان واقف هوندو آهي. کيس اِها خبر هوندي آهي ته ڪهڙي شئي ڪيترا مرحلا طئي ڪري پوءِ اسان وٽ پهچي ٿي.

اهڙي ئي ريت مطالعو انساني سوچ کي معراج واري نهج تي پهچائي ٿو. سندس قدر توڙي مان ۽ شان کي اعليٰ بڻائي ٿو. انساني قدرن جي اپٽار به مطالعي ۽ مشاهدي وسيلي ئي ٿي آهي.



مسلسل ڪوشش و عمل:
پنهنجي صلاحيتن کي عملي جامو پارائڻ توڙي انهن ۾ نکار آڻڻ لاءِ پنهنجي پاڻ کي آزمائڻو پوندو آهي. تجربو حاصل ڪرڻ لاء مختلف ڪم ڪرڻا پوندا آهن. پوءِ پنهنجي تجربن مان سبق حاصل ڪندي پنهنجي پاڻ ۾ ۽ پنهنجي حڪمت عملين ۾ بهتري آڻڻ لاءِ تبديلي جي ڪوشش ڪرڻي پوندي آهي. 

جيڪڏهن پهرين ڪوشش ۽ ڪم ۾ ناڪامي ملي ته وقتي طور دل شڪستو ٿيڻ ته فطري ڳالھ آهي پر مستقل طور دل شڪستو ٿيڻ ۽ ٻيهر ڪوشش نه ڪرڻ قدرت جي قانونن جي خلاف آهي. اِن لاءِ پنهنجي پاڻ کي سست ٿيڻ نه ڏجو نه ته اوهان تي زنگ چڙهي ويندو.

اِهو انساني فطرت ۾ سمايل آهي ته هُو هر شئي جو نتيجو سيڪنڊن ۾ طلب ڪندو آهي. ڇو ته حضرت انسان مزاج ۾ ٿورو تڪڙو آهي. قدرت واري سندس طبعيت ۾ تڪڙ وارو عنصر ٿورو جهجو رکيو آهي. جنهن سبب هو چاهيندو آهي ته هر شئي جا نتيجا جلد ۾ اخذ ڪجن. 

ان معاملي ۽ توقع سبب اڪثر طور تي ڪنهن ڪم مان مطمئن ڪندڙ نتيجا نه ملڻ يا وري متوقع امڪانات جي خلاف نتيجا ملڻ جي صورت ۾ انسان مايوس ٿي پوي ٿو. انهي مايوسي کي وقتي طور قبول ڪرڻ جي بجاءِ مستقل طور پنهنجي طبعيت ۾ شامل ڪري ڇڏي ٿو. اِن لاءِ افسردگي يا مايوسي کي وقتي طور ڀلي قبول ڪجي پر ان کي پاڻ تي مستقل طور مسلت نه ڪجي.



مستقل مزاجي اختيار ڪرڻ:
هي صلاحيت جيڪڏهن توهان حاصل ڪري ورتي ته پوءِ پڪ سمجهو ته توهان ناڪامي واري جن کي قابو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا. مسلسل اڳتي وڌڻ، ڀلي پوءِ ڇو نه قدم آهستي ئي اڳتي هلن. هڪ ڏينهن توهان کي ضرور ڪامياب ڪندي. 

جيڪڏهن توهان جي رستي ۾ ڪائي رنڊڪ اچي وڃي ٿي ته ڪائي ڳالھ ناهي ٻيو متبادل رستو اختيار ڪندي منزل طرف پنهنجو سفر جاري رکو. پنهنجي صلاحيت کي روزاني جي بنيادن تي پالش ڪندا رهو. جيڪڏهن مڪمل وقت نه ٿا ڏئي سگهو ته پوءِ به ٿورو وقت ئي پر وقت مسلسل ڏيندا رهو.

منفي سوچن ۽ روين کي قابو رکڻ:
ائين هر ڪنهن سان ٿيندو آهي ته توهان کي پنهنجي صلاحيتن تي شڪ ٿيڻ لڳندو آهي. توهان کي ائين لڳندو آهي ته صروف توهان ئي قابل ناهيو. ڏاڍو مقابلو آهي مطلب ته توهان ڍلو ٿيڻ شروع ٿيندا آهيو. ائين هر ڪنهن سان ئي ٿيندو آهي. 

سڀني کي پنهنجي منفي سوچن ۽ ٻين جي تنقيدن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. فرق پوندو آهي برداشت ڪرڻ جو ۽ پنهنجي اميد سان گڏ رهڻ جو ته تمام جلد اهو وقت ايندو جڏهن توهان ڪجھ به نه مان ڪجھ ٿي ڏيکاريندئو ته سڀ ڪجھ مثبت ٿيڻ شروع ٿيندو. 

منفي سوچن ۽ تنقيد کي کلندي، خيالن ۽ ڳالهين جو رخ تبديل ڪندي پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي اڳتي وڌندا رهو. توهان جيڪڏهن هن تجويز تي دل سان عمل ڪيو ته يقنن توهان جي زندگي ۾ وڏي تبديلي ايندي.



صلاحيتن جي آڌار تي هنر سکڻ:
وڻن جو هڪ خاصيت اِها به آهي ته انهي جي ڪاٺ مان ڪافي ڪار آمد شيون ٺهي سگهن ٿيون جهڙوڪ بيڊ، صوفا سيٽ کان وٺي ڪري خبر ناهي الاءِ ڇا مان ڇا تيار ٿين ٿا. اهو سڀ ڪجھ تڏهن ئي ممڪن ٿي ٿو جڏهن انهي وڻ کي سهڻي ۽ سليقي سان ڪٽيو وڃي ۽ انهي ڪٽيل ڪاٺ مان شين کي ٺاهڻ جو فن ايندو هجي. 

نه ته سڀ ڪجھ بي ڪار آهي. اِهڙي ريت توهان ۾ به جيڪا صلاحيت آهي اُن جي بهترين استعمال ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ انهي مطابق توهان کي ڪو هنر حاصل ڪرڻ ضروري آهي. ڪمپيوٽر جو ڪورش ڪرڻ، انگريزي ٻولي سکڻ،ڪا نئي ڊگري ڪرڻ، ڪورس ڪرڻ يا ڪوئي ڊپلوڊما ڪرڻ وغيره

پنهنجي هم صلاحيتن ماڻهن سان ملڻ ڪرڻ:
هن طريقي سان اهو ٿيندو ته توهان پنهنجي شعبي ۾ داخل ئي رهندو ۽ پنهنجي صلاحيتن کي نکارڻ ۾ به توهان کي مدد ٿيندي. توهان کي اِها سُڌ پوندي ته اڃا وڌيڪ بهتري ڪئين آڻي سگهجي ٿي. 

توهان پنهنجي پاڻ کي ٻين کان بهتر ڪئين بڻائيندو. اِن نموني توهان جي وچم هڪ فطري ۽ مثبت مقابلي جو رحجان پيدا ٿيندو. پاڻ ۾ ڏيٺ ويٺ ۾ اضافو ٿيندو. ان نموني سان ذهن کلندو آهي. صلاحيتن ۾ نکارڻ اچڻ سان گڏوگڏ هر ڏينهن نت نوا خيال ايندا آهن. اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا آهن. پنهنجي پاڻ کي آماده رکڻ لاءِ هي ڪم انتهائي ضروري آهي.



نظرثاني ۽ تجزيو ڪرڻ:
هِن اهم ڪم کي اڪثر ماڻهو وساري ويهندا آهن ۽ ان تي توجه ڪونه ڏيندا آهن. اسان کي هر ڏينهن رات جو سمهڻ مهل پوري ڏينهن جو ۽ وري ڪڏهن ڪٿي اڪيلائي ۾ ويهي ڪري پوري هفتي جو جائزو وٺڻ گهرجي. 

هن ئي طريقي سان توهان کي خبر پوندي ته توهان جي زندگي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. ڪئين ٿي رهيو آهي. وڌيڪ بهتري ڪئين آڻي سگهجي ٿو. پنهنجي صلاحيتن تي وقت آڌار سهي نموني سان استعمال ڪجو ٿو پيو يا نه. توهان جيڪي مقصد رکيا هئا اهي پورا ٿي رهيا آهن يا نه وغيره وغيره

ته جناب مون انهن سڀني اهم ڪمن طرف توهان جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي توهان جي شخصيت ۽ صلاحيتن ۾ نکار آڻڻ جو سبب بڻجي سگهجن ٿا. ياد رکجو ته هي سڀ ڪجھ قطعي آخر ڪونه آهي. 

هنن ڳالهين کان علاوه به جيڪڏهن توهان ڪٿي ڪا سٺي ڳالھ لکيل يا پڙهڻ لاءِ ملي ته ان تي به فڪر ڪجو ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجو.

------------------------------------------------------------------
پهريون موقعو وڃائڻ کانپوءِ جيڪڏهن ماڻهو مايوس نه ٿي ته تمام جلد ئي اُن کي ٻيو موقعو ملي پوندو آهي.
------------------------------------------------------------------


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو