ڪتاب: ”سڙيا مٿي سچ “ جو فڪري اڀياس

هي ڪتاب جيئن ئي منهنجي مطالعي جي ميز تي پهتو ته مون هن ڪتاب ۾ موجود مضمونن جي فهرست مان:”ڪتاب نه پڙهڻ جا مختلف بهانا“ نالي مضمون سڀني کان پهريان پڙهيو. ڪتاب نه پڙهڻ وارن جا بهانا به عجيب هوندا آهن ۽ وري اتي ئي ڪتاب پڙهڻ وارن جون ڳالهيون ڏاڍيون خوبصورت هونديون آهن. هن ڪتاب جي ليکڪ جون ڳالهيون به پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جو ڏانءُ رکن ٿيون. هي ڪتاب:”سڙيا مٿي سچ“ نوجوان ليکڪ ۽ اُستاد سرمد کوسي جو ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو تازو ئي مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان ڇپجي ڪري پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو آهي. هن ڪتاب کان پهريان هن نوجوان ليکڪ ۽ اُستاد جو تعليم جي موضوع تي بعنوان:”تني کي تعليم جي“ ڪتاب، پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان ڇپجي ڪري پڙهندڙن وٽ پذيرائي حاصل ڪري چڪو آهي. سرمد کوسي جو شمار سنڌ جي اُنهن سڄاڻ فردن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ پل لاءِ به پاڻ کي پڙهڻ ۽ لکڻ کان پري نه ٿا ڪري سگهن. مون کي ياد ٿو پئي ته ڪجھ سال پهريان ۲۰۱۹ ۾ جڏهن پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي وارن تعليم جهڙي اهم موضوع تي ”تني کي تعليم جي“ ڪتاب شايع ڪيو، ته اُن ڪتاب کي پڙهندي مون کي به ڪتاب لکڻ جو شوق پيدا ٿيو هو. جيئن ته آئون پاڻ تعليم کاتي سان لاڳاپيل هيس. ان ڪري بنا ڪنهن دير جي تعليم جي موضوع تي ڪتاب لکيم، جنهن کي پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي وارن ڇاپيو ۽ مون اُن ڪتاب جي پهرين ڪاپي پنهنجي مانواري ساٿي نوجوان ليکڪ ۽ اُستاد سرمد کوسو ڏانهن اماڻي ڪري ڄڻ ته کيس خراج تحسين پيش ڪيو هو. اِها محبتن جي نسبت آهي، جن کي آئون هتي اوهان آڏو اظهاري رهيو آهيان. هن سال مرڪ پبليڪشن وٽان منهنجي مضمونن ۽ ڪالمن تي مشتمل ڪتاب:”ڪاغذي ڳالهيون“ ڇپيو آهي. مون پنهنجي ڪتاب جي ڇپجڻ جي اڃا خوشي پي ملهائي ته منهنجي خوشي تڏهن ٻيڻي ٿي جڏهن مون کي اها خبر سوشل ميڊيا وسيلي پئي ته نوجوان ليکڪ ۽ اُستاد سرمد کوسي جو نئون ڪتاب:”سڙيا مٿي سچ“ پڻ ساڳي ئي اشاعتي اداري مان ساڳي موضوع تي ڇپجي رهيو آهي. ائين ئي تمام ٿوري عرصي ۾ هي ڪتاب منهنجي هٿن تائين اچي پهتو ۽ ڪتاب کي پڙهندي ائين محسوس ٿيو ڄڻ منهنجي مطالعي ۾ انهن موضوعن کي پڙهڻ جي باقاعده سان فطرتي طور گنجائش موجود هئي. جنهن گنجائش کي هن ڪتاب پورو ڪيو آهي


مرتضيٰ لغاري پنهنجي پبلشر نوٽ ۾ لکي ٿو ته:”سڙيا مٿي سچ“ ننڍن وڏن ستاويهن ليکن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سماج جي مڙني موجوده مسئلن نوڪريءَ جي نالي ۾ نوجوانن سان ٿيندڙ مذاق کان ويندي تعليمي ادارن ۾ انتظامي نااهلي، آدمشماري، وڻن جي نسل ڪشي، سنڌي ٽي وي چينل ۽ ٻوليءَ جو بگاڙ، ڀوپن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار، ڪتاب نه پڙهڻ جا مختلف بهانا، ادبي ميلا، مچ ڪچهريون ۽ ڪورونا وبا اهم موضوع آهن“. دراصل اها ئي هڪ سُچيت ليکڪ جي خوبي هوندي آهي ته هو سماج جي هر هڪ لقاءُ ۽ منظر، مظهر توڙي زمان ۽ مڪان جي مناسبت سان حالاتن جي آڌار تي ضرورت کي سامهون رکندي پنهنجي قلمي جدوجهد جاري رکندو آهي. سرمد کوسو بنيادي طور اُستاد آهي ۽ منهنجو مڃڻ اِهو آهي ته اُستاد جي اک عقابي اک هوندي آهي. جنهن سان هو هر هڪ معاملي کي ويجهي کان ڏسندو ۽ پسندو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود مضمونن جو اڀياس ڪندي اسان کي سرمد کوسي ۾ عقابي اک واري روشني جهلڪندي محسوس ٿئي ٿي. اچو ته پنهنجي پاران جي نوٽ مان ليکڪ جي ڪيفيتن جي اظهار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ اهو پڻ معلوم ڪريون ته ليکڪن جا اعتراف ڪيڏا نه سهڻا ۽ سيبتا هوندا آهن. پنهنجي پاران جي نوٽ ۾ سرمد کوسو لکي ٿو ته: ”هي مضمون منهنجي مشاهدي ۽ احساسن جو نتيجو آهن. مون مختلف واقعن، حالتن، وارتائن، ورتائن ۽ لقائن کي جيئن به ڏٺو ۽ دل سان محسوس ڪيو، تيئن لکي ڇڏيو اٿم. پنهنجي پيغمبري پيشي جا فرض پورا ڪرڻ کانپوءِ لکڻ ۽ پڙهڻ کي وقت ڏيڻ ۽ مختلف مسئلن بابت پڙهندڙن کي آگاهي ڏيڻ سان گڏ لکت ۾ پنهنجو احتجاج رڪاڊ ڪرائڻ به پاڻ تي فرض سمجهندو آهيان، ته جيئن ڪير به، ڪڏهن به هي ليک پڙهي ته کيس اِهو احساس ٿئي ته، هي اسان جي گڏيل ڏُکن ۽ سُورن جو اظهار آهي“. اعتراف جي مد ۾ هي ڪيڏا نه خوبصورت جملا آهن جن کي بار بار پڙهڻ تي دل چئي ٿي. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر، مضمون نويس، ڪالم نگار ۽ براڊ ڪاسٽر محترم ياسر قاضي لکيو آهي. ان سان گڏوگڏ پبلشر نوٽ مرتضيٰ لغاري ۽ ليکڪ جي والد صاحب ڊاڪٽر سُومار کوسو جو تفصيلي نوٽ به شامل آهي. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي ناليواري ليکڪ زيب سنڌي لکيو آهي. هڪ سئو ويھ صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 300 روپيه رکي وئي آهي

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو