ڪاغذي ڳالهيون _ ذاڪر لغاري




  


اجهو هاڻ جڏهن ڪڻڪ جي سنگن مان داڻا ڳاهجي رهيا آهن، جهنگ ۾ بيٺل اڪيلي ڪِرڙ جي وڻ پنهنجا ڪچا ڏينَا ڏيڻ شروع ڪيا آهن، بهارن جو هُڳاءُ هر طرف مهڪارون بڻجي رهيو آهي، هيلوڪي اپريل مهيني جون راتيون ٿڌڙي پَهر وانگي جڏهن ته ڏينهن تيز اُس ۾ لوءُ کي لامارا هڻائڻ واري چغلي تي لڳائي چڪا هجن ۽ نمن جو بُگو ٻور ٻرانگهو ڏئي چوماسيت طرف ڌُوڙڻ لڳو هجي، جڏهن ته سنڌ جي ميهڙ مان مهندي ڦٽڻ جا سانڀاه ڪري رهي هجي ۽ ڪوئل انب جي ڏار تي پهچڻ لاءِ وچ رستي تي ڪنهن املتاس جي وڻ تي ساهي پٽي سرد شوڪارو ڀري رهي هجي ته اهڙي عالم ۾ هڪ ٻانهن ڀڳل ڇوڪرو مون تائين پوسٽ آفيس مان سنهيو کڻي اچي پهتو آهي، جنهن جي هٿ ۾ هڪ پارسل آهي، جنهن کي کولڻ سان منهنجي اندر ۾ هڪ اهڙي ڪيفيت سمائجي چڪي آهي، انهي جي خاڪي خوشبو جو واس ڪيئي ڏهاڪن تائين منهنجي پستائي ميموري ۾ مهڪ بڻجي سمائجي چڪو آهي. مون ڳالهه پئي ڪئي ”ڪاغذي ڳالهيون“ بابت جنهن جو تخليقڪار هڪ اهڙو معصوم “ڇوڪرڙو“ آهي جنهن پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ وڏن لکندڙن کي مات ڏئي ادب جي دنيا ۾ ٻرانگهو ڏئي ڪيئي ڪتاب تخليق ڪندي گوءِ کڻي ويو آهي، آئون ڀائيان ٿو ته هُو شهرت جو طلبگار ناهي ۽ نه وري هن کي ڪنهن قسم جي ماديت واري سوچ پياري آهي، بلڪه اهو عشق ئي آهي جيڪو هن نوجوان ليکڪ ۽ مضمون نويس دوست يوسف جميل لغاري کي چانڊوڪي جي چاڪ راتين ۾ ڇرڪ ڀرائي لکڻ تي مجبور ڪري ٿو، سِنڌو ندي مٿان جرڪندڙ ميرانجهڙو چنڊ، ڪنھن آرائين جو سندس باغ مان گلڙن سان جھول ڀري اچڻ، ٿر جي حُسناڪي ءٍ ڪوھستان جي ثقافتي ”اک“ هن جي ڪمزوري رهي آهي پر سندس ڏات جي ديوي پڻ هن جي خدمت ۾ هر وقت هَڪي ٻانهي وانگي حاضر رهڻ لڳي آهي. گذريل هفتي کان سوشل ميڊيا تي مون سندس لکيل ڪتابن بابت ادب ذوق ۽ سنجيده پڙهندڙن جا رايا ۽ تبصرا پئي پڙهيا ته مونکي اچانڪ شعور ۾ آيو ته آخر ڇو نه اهو ڪتاب پڙهي ڏسجي جنهن جي سموري سنڌ ۾ هاڪ ٿي وئي آهي، اهو سوچي ”اسڪرول“ ڪندو ئي رهيس ته ان وقت يوسف جميل پاڻ ئي رابطو ڪري منهنجي دل جي اڱڻ تائين مينهن واءُ ڪري اچي پهتو، جنهن کي مون ڀليڪار ڪئي ۽ خواهش ظاهر ڪئي ته اوهان جي لکيل ڪتاب ”ڪاغذي ڳالهيون“ بابت تمام گهڻي تعريف ٻڌي اٿم اهو ڪٿان ۽ ڪيئن ملندو؟ جنهن تي هن منهنجي خواهش ۽ جذبي جو احترام ڪندي پاڻ واعدو ڪيائين ته جلد ئي ”ڪاغذي ڳالهيون“ اوهان جي هٿن ۾ لالٽين جهڙي لاٽ کڻي اچي جرڪندو


هونئن ته هر قسم جي ۽ هر طرح واري ”انتظار“ جي شدت پنهنجي الڳ نوعيت سان موجود رهندي پئي اچي پر دنيا ۾ جنهن ”انتظار“ کي انتهائي قدر جي نگاهه سان محسوس ڪيو ۽ لکيو ويندو آهي ان ۾ سڀ کان وڌيڪ لذت محبوب جي اچڻ واري اوسيئڙي ۾ سمايل هوندي آهي، جنهن ۾ گلابن جا ڀاڪر ۽ غضب جون چميون تصوراتي ڇال هڻي ويتر بيچيني ۾ اضافو ڪرڻ لڳنديون آهن. جڏهن ته ٻئي جوڙ ۾ وري ڪنهن محبوب ليکڪ جي ڪتاب جي ڇپجڻ ۽ ان جو وري پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچڻ جي اٻيڙتائي ۽ بيقراري واري لطف کي پڻ وڏو اعزاز حاصل آهي. يوسف جميل لغاري هڪ اهڙو پڙهندڙ آهي جنهن هر لمحي پنهنجي ڄاڻ، سُڌ ۽ ساڃاهه کي ٻين تائين عملي طور ڪتابي صورت ۾ پهچائڻ ۾ وس ۽ وت آهر تمام گهڻو اڳڀرو رهيو آهي. ”ڪاغذي ڳالهيون“ جي عنوان سان ڪيل سندس قلمي پورهيي ۾ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيل ڪالم، مشاهداتي مضمون، ڇپيل ڪتابن تي اظهار خيال، مختلف ڪتابن لاءِ لکيل تاثرات ۽ انسان جي سماجي ۽ نفسياتي پهلوئن بابت مختلف موضوعن تي سندس ترجما ڪيل مضمون شامل آهن. هن جي  پسنديده موضوعن ۾ تعليم، انساني نفسيات، سائنس، فلسفو، عالمي ادب، سماجيات ۽ آتم ڪٿائون لکڻ توڙي ڪهاڻيون سرجڻ خاص وندر رهي آهي. سندس لکيل ڪتاب ۾ انسان جي سوچن کي ظابطي ۾ رکڻ جا ست اهم طريقا، ذهني دٻاءُ کان نجات جا طريقا، ڪيريئير ڪائونسلنگ بابت مشورا، مختلف نوڪرين ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڏيڻ وارن طريقن کان علاوه تقرير ڪرڻ جو هنر ۽ احساس ڪمتري ۾ مبتلا نوجوانن لاءِ مُفيد ۽ ڪارگر ڳالهيون بنهه دلچسپ ۽ پڙهڻ وٽان آهن. سندس چواڻي ته ”مونکي بس ايتري سڌ آهي ته هن ڪائنات ۾ ٻه شيون ڏاڍيون قديم آهن، هڪ حضرت انسان ۽ ٻيو انهي جو درد جيڪو صدين کان ساڻس گڏ آهي“. يوسف جميل ۾ مون ڏيکاءُ پرستي ناهي ڏٺي بلڪه هو سماجي اٿل پٿل بابت ڪيئي ڀيرا نه رڳو ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيو آهي پر هر انهي شعور رکندڙ انسان وانگي ڀوڳنائن جي پيڙاهن کي محسوس پڻ ڪيو آهي جنهن پنهنجي حصي جو سچ ڳالهائي هن سماج ۾ وسندڙ مُڏي نوڪ وارن تيرن جو رخ پاڻ ڏانهن ڦيري ڇڏيو هجي، وچٿري طبيعت رکندڙ هن فقير منش لکڻ کي ئي عبات سمجهيو آهي. هن وٽ قلم جي طاقت بنهه سگهاري انداز ۾ مهربان رهي آهي، جنهن جو سبب اهو ئي آهي ته هو پڙهڻ سان گڏ ڪڙهيو پڻ آهي. سندس ئي بقول ته انسان جي زندگي جون انيڪ گهرجون آهن، هڪڙي خواهش پوري ٿئي ٿي ته وري ڪا ٻي خواهش پاڻهي جاڳي ٿي پوي، انهي وٺ وٺان واري جهان ۾ ماڻهو کي جيڪا شئي گهڻي کان گهڻو ڪم اچي ٿو سو آهي تجربو. هو لکي ٿو ته آئون وري انهي نظرئي جو آهيان ته تجربي Experience سان گڏ مشاهدو Observation به لازمي هجڻ گهرجي ۽ مشاهدي سان گڏ وري مطالعو Reading  به ضروري هجڻ گهرجي. اڄوڪي دور ۾ جڏهن هر وقت سوشل ميڊيا تي ڪافي نوجوان ”شيشا فليور“ ۽ ”آئس“ جهڙي نشي وانگي سستن پيڪيجن تي محو مست ۽ مگن لڳا پيا هجن، اهڙي وقت ۾ يوسف جميل پنهنجي سيراندي کان ڪيئي ڪتاب رکي نه رڳو راتيون جاڳي پڙهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو بلڪه هن ڌرتي جي دانهن جو سڏ ورنائي ان تي لکڻ پاڻ مٿان ڪنهن منصوري سنت وانگي محسوس به ڪيو آهي. ڪتاب جو خوبصورت ٽائٽل پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪائي ٿو جنهن جي ڪينواس ۾ ڪيئي طرح جون پروليون سمايل آهن. ”ڪاغذي ڳالهيون“ متاثر ڪرڻ وارن ڪتابن جي فهرست ۾ اچڻ تي آئون هن ڪتاب جي تخليڪار کي مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو.

دعا آهي ته سندس ادبي ڪاوشن جو هي پورهيو سجايو ٿئي ۽ دلي تمنا آهي ته سندس شمار سنڌي ادب ۾ هميشه نمايان بڻجي سامهون ايندو رهي


دعاڳو / اوهان جو پنهنجو

ذاڪر لغاري

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

عورتن جون درد ڪهاڻيون

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي