نوجوانن جي هن طرح رهنمائي ڪرڻ گهرجي _ثاقب بلوچ




هن وقت سنڌي ادب جي وشال آڪاش تي اُڀ تي تارن جيان ٽمڪندڙ کوڙ سارا نوجوان ليکڪ آهن جيڪي نه صرف سُٺو لکي رهيا آهن پر سُٺو ۽ معياري ادب پڙهي به رهيا آهن. جديد دنيا جي تقاضائن کي سامهون رکندي اُهي پنهنجي قلم سان علم جي جوت جلائي رهيا آهن. اهڙن ئي جاکوڙي نوجوانن ۾ هن ڪتاب جي ليکڪ کي به شمار ڪري سگهجي ٿو. يوسف جميل لغاري سنڌ جو اُهو ڀاڳوند نوجوان ليکڪ آهي جنهن جي حصي ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ آيو آهي. مصروفيتن جي هن جهان ۾ هوندي به هي نوجوان مسلسل لکي ۽ پڙهي رهيو آهي جيڪا خوش آئينده ڳالھ آهي. تازو ئي مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان سندس ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڪاغذي ڳالهيون ڇاپي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب پنجن حصن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ اُهي ڪالم ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ سنڌي رسالن ۾ ڇپيا آهن. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ ڪُل ۱۵ ڪالم شامل ڪيا ويا آهن. جيڪي ڪُل وقتي موضوعن تي لکيل آهن ۽ اُنهن ۾ سنڌ، سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل ۽ سنڌ ڌرتي جي آئيندي لاءِ سنهرن خوابن جو تذڪرو ڪيل آهي. اِنهي سان گڏوگڏ حصي ٻئي ۾ ست اصلاحي مضمون آهن. جنهن ۾ نوڪري واري ٽيسٽ ڪيئن ڏجي؟ نوڪري لاءِ انٽرويو ڪيئن ڏجي؟ تقرير جا بنيادي اصول ڪهڙا آهن؟ اِنهي نموني جا ڪارائتا مضمون شامل ڪيا ويا آهن. حصي ٽين ۾ سنڌي ادب جي مخلتف اهم ڪتابن تي لکيل ارڙھ کن مضمون/تبصرا شامل آهن. حصي ڇوٿين ۾ اُهي تاثرات ۽ مهاڳ شامل آهن. جيڪي مختلف ڪتابن لاءِ لکيا ويا آهن. حصو پنجون جيڪو هن ڪتاب جو آخري حصو آهي. اُن ۾ اٺ مڪمل اصلاحي مضمون شامل آهن. جيڪي ٻين ٻولين جهڙوڪ انگريزي ۽ اردو تان ترجما ڪيا ويا آهن. هنن مضمونن جي اڄ جي دور ۾ هر هڪ شاگرد ۽ نوڪري جي حاصلات لاءِ ڊڪ ڊوڙ پائيندڙ نوجوان کي اشهد ضرورت آهي. ڇو ته هي مضمون اُتساھ ڏيندڙ مضمون آهن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻڻ ۾ مددگار ٿيڻ سان گڏ پنهنجي صلاحيتن کان ڀرپور فائدو وٺڻ ۽ اُنهن جي آڌار تي ڪم ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪن ٿا. جڏهن ته هن ڪتاب ۾ نوجوان ليکڪن راشد شر، رشيد احمد خاصخيلي ۽ اظهر امر جا تاثرات به شامل ڪيا ويا آهن ۽ ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل نوجوان ليکڪ، شاعر، ناولنگار ۽ مترجم احمد شاڪر لکيو آهي. 260 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيه رکي وئي آهي

Comments

Popular posts from this blog

عورتن جون درد ڪهاڻيون

سرڪاري نوڪري جي اهميت هاڻ گهٽجي رهي آهي

وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس