اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ڪڏهن پوري ٿيندي



سنڌ ۾ هن وقت انيڪ معاملا اهڙا آهن جيڪي ڌيان طلب آهن. انهن ۾ جيڪي معاملا سرفهرست آهن انهن ۾ صحت، تعليم ۽ زراعت ڌيان طلب آهن. هنن ٽنهي شعبن ۾ جدت سان گڏ نواڻ به گهربل آهي. ڇو ته هنن شعبن سان عام ماڻهو جو روز مره جي حساب سان واسطو پئي ٿو. صحت جي سهولتن جي اڻاٺ سبب وبائي بيماريون پيدا ٿيڻ شروع ٿين ٿيون. زراعت جي شعبي ۾ اڳڀرائي نه هجڻ سبب هارين کي پنهنجي اُپت جو حصو پتي مڪمل طور تي نه ٿو ملي ۽ ان سان گڏوگڏ وري تعليم جي شعبي ۾ غيرسنجيدگي ۽ روايت پسندي سبب نئي ٽهي ۾ مقابلي جو جهان پيدا نه ٿو ٿئي ۽ نه ئي قابل توڙي باصلاحيت ماڻهو اڳتي اچن ٿا. جنهن جو سمورو نقصان اجتماعي طور پوري قوم جي حصي ۾ اچي ٿو. سُڌريل ملڪن ۾ هنن ٽنهي بنيادي شعبن جي سڌاري لاءِ حڪومتي سطع تي اعلي قدم کنيا وڃن ٿا ۽ هڪ سنڌ آهي جتي حڪمران طبقو صرف پنهنجي پيٽ پورائي خاطر ادارن کي تباھ ڪندا رهن ٿا.

تعليم کاتي جي هاڻوڪي صورتحال تي جڏهن ويچار ڪجي ٿو ته هر هڪ  باشعور فرد کي دلي صدمو رسي ٿو. حڪومتي لاغرصي سبب هن وقت سنڌ اندر هزارين اهڙا اسڪول آهن جن ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ آهي. ڪٿي ته اسڪول مورڳو مال جا واڙا لڳا پيا آهن. جيتوڻيڪ ڪجھ سالن کان سنڌ اندر تعليمي ايمرجنسي پڻ نافذ ڪئي وئي آهي. ليڪن انهي تعليمي ايمرجنسي جو ڪوبه خاطر خواھ فائدو نه ئي تعليم کاتي کي ٿيو آهي ۽ نه ئي سنڌ جي عوام کي. انهي کان علاوه بايوميٽرڪ سسٽم جي اچڻ سبب گذريل ڪجھ سالن کان ڪافي استاد نوڪري تان رٽائرمنٽ به ورتي آهي. جنهن جي ڪري تعليم کاتي ۾ استادن جي کوٽ نه پيدا ٿي آهي ۽ انهي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت سنڌ گذريل سال نون استادن کي ڀرتي ڪرڻ جو اشتهار به ڏنو هو ۽ انهي مرحلي کي تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ هڪ سال جو مدو به طئي ڪيو هو. نون استادن جي ڀرتي جي سلسلي ۾ پوري سنڌ مان نوجوان اميدوارن کان ٽيسٽون ورتيون ويون ۽ انهن کي بطور استاد مقرر ڪرڻ لاءِ اڳوڻي وزير تعليم سيد سردار شاھ طرفان وقتن به وقت مختلف قسم جا اعلان به ڪيا ويا. 

هن وقت صورتحال اِها وڃي بيٺي آهي جو وزير تعليم کان وزارعت کسجڻ بعد نه ئي ان جي ڪنهن اعلان تي ڪو عمل ٿي سگهيو ۽ نه ئي نون استاد جي ڀرتي جو هي مرحلو مڪمل ٿي سگهيو. گذريل ڪجھ ڏينهن کان پوري سنڌ اندر ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن طرفان احتجاجن جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي. حيدرآباد ۾ به ٽيسٽ پاس ڇوڪرين طرفان هٿن ۾ هٿڪڙيون پائي انوکو احتجاج رڪاڊ ڪرايو ويو. انهي احتجاج کان پوءِ به تعليم کاتي سنڌ طرفان ڪنهن به بالا آفيسر توڙي اعلي اختيارن طرفان ڪا به وضاحت آڏو نه اچي سگهي. تعليم کاتي جو قلمبندان جڏهن کان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاڻ وٽ رکيو آهي تڏهن کان وٺي هن وقت تائين اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ۽ اسڪولن جي خسطا حالي بابت ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي. وڏي ڳالھ ته اِها آهي جو هن سال جي ختم ٿيڻ ۾ باقي ڪجھ مهينا اچي بچيا آهن ۽ هن وقت تائين تعليمي پاليسي واضع نه ڪئي وئي آهي. بنا تعليمي پاليسي جي تعليم کاتي سنڌ کي سنڌ جا واڳ ڌڻي هلائي رهيا آهن. حالانڪ هنن کي هر سال جي فيبروري تائين تعليمي پاليسي واضع ڪرڻي هوندي آهي.

انهي ريت هن وقت تعليم کاتو سنڌ انتهائي المناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي. تعليم جي بهتري لاءِ گڏجاڻيون ته هر روز منقعد ٿين ٿيون ۽ انهن گڏجاڻين ۾ فيصلا به وڏي نوعيت جا ڪيا وڃن ٿا ليڪن انهن فيصلن تي عمل ڪرائڻ ۾ خود سنڌ سرڪار مڪمل طرح سان ناڪام وئي آهي. جيڪڏهن نصاب جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته نصاب ۾ انيڪ غلطيون سامهون آيون آهن. هڪ طرف سکر آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسترن جي مستقلي جو مسئلو آهي ته ٻي طرف حڪومت جي غير سنجيدگي به سنڌ جي تعليم کاتي کي نقصان ڏئي رهي آهي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو