صحرا جي ڀاڪر ۾

گهڻو عرصو گذري چُڪو هو مون ڪنهن بہ شاعر جي شاعري کي سنجيدگي سان نہ پڙهيو، ها البتہ ڪالم، ڪهاڻيون، مضمون، تاريخ، تنقيد ۽ مقالمن کي مون ڪجھ جهجو وقت ڏنو هاڻ ڪجھ ڏينهن پهريان صاحب ڪتاب پنهنجو ڪتاب مون کي تحفي طور ڏنو، مون پڙهڻ شروع ڪيو، الاءِ ڇو زندگي ۾ پهريون دفعو شاعري ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي دلچسپي بہ ايتري جو آءُ بنا ڪنهن ڊگهي ساهي جي هڪ ئي دم پورو ڪتاب پڙهي ويس ڪتاب کي جڏهن مون پڙهڻ شروع ڪيو تہ منهنجي من جي اداس پاڇن کي روشني ملڻ لڳي، جوڳي جي هر هڪ خيال، تصور ۽ لفظ لفظ ۾ ڪمال جي منظر نگاري رکيل آهي، رحيمداد جوڳي ڪتاب جي اُڻويھون صفحي تي لکي ٿو هُن مون ڏي ايئن نهاريو جيئن چنڊ ڏي ٻار نهاريندو آهي چنڊ ڏي ٻار جو نهارڻ تجسس تي مشتمل هڪ عمل هوندو آهي، جنهن ۾ ٻار چنڊ کي پسڻ جا خواب پنهنجي اکين ۾ رکي انهن جي ساڀيان لاءِ هڪ طويل انتظار جو عادي ٿي ويندو آهي، رحيمداد اُن ٻار جي انهي تهجب توڙي تجسس واري نهار کي نثري نظم جو خوبصورت ويس پارائي اسان توهان آڏو پيش ڪيو سندس پوري ڪتاب ۾ انيڪ اهڙا نثري نظم آهن جن کي پڙهڻ کان پوءِ ڪجھ منٽن لاءِ مون کي ڪتاب بند ڪرڻو پيو، ڪتاب بند ان لاءِ تہ انهن ...