هُن جو شهر خيرپور

هُن جو شهر خيرپور …! هي هُن جو شهر خيرپور آهي، جنهن ۾ هُو پڻ رهي ٿي. جنهن جي اکين ۾ ڏسي ڪري آءُ جيڻ جا جتن ڪندو هيس، جنهن جون اکيون، مون کي پنهنجي هجڻ جو احساس ڏينديون هيون…! هُن جو شهر خيرپور جنهن جون کجيون پوري سنڌ ۾ مشهور آهن، جنهن ڏانهن ايندي يا وري سکر وغيره جي روٽ ڏانهن ويندي روڊ جا ٻئي ڪنارا کجين جي قطارن سان سنواريل نظر ايندا آهن…! هُن جو شهر خيرپور جيڪو بالي جو شهر آهي، جنهن ۾ فيض مهل جون روب ۽ ڌٻڌٻو اڃا بہ برقرا آهي. جنهن جي ميرواھ جي ڪپ تي اڃان بہ ڪجھ نوجوان شام جي ٽائيم اداس پاڇن کان پاسو ڪري اچي ڪچهرو هڻندا آهن…! هُن جو شهر خيرپور ...