ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن

(يادگيريون) قسط ٻيو انسان مايوس به ٿي ٿو. نراس به ٿي ٿو ته وري ڪڏهن واري جيان ڀُري زرو زرو به ٿي ٿو. ان سان گڏوگڏ وري جڏهن مضبوط ارادو ڪري وقت اڳيان پٿر بڻجي مشڪل حالاتن جو مقابلو ڪري ٿو. ته انهي مهل سندس اندر مان فتح جا هوڪرا ۽ چئوٻول ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. سندس ضمير کيس سلامي پيش ڪري ٿو ۽ هو انسان هجڻ واري عظمت تي پهچي وڃي ٿو. مون به پاڻ کي وقت سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪيو. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال منهنجي جهولي ۾ نا اميدي جي ڪومايل گلن جي ڀيٽ ۾ اميد جا تازا گل گهڻا هئا. مون سمجهي ورتو هو ته مشڪل گهڙيون پنهنجي پويان سڪون واريون ساعتون به گڏ کڻي آڻينديون آهن. انهي وچم ۾ منهنجي بابا سان ۽ امان سان فون تي طويل ڪچهري ٿيندي هئي. آءُ کين پنهنجي حال کان واقف ڪندو رهندو هيس. انهي وچ ۾ آءُ اِن ڳالھ تي به زور ڏيندو هيس ته آءُ انجنرينگ ڇڏڻ ٿو چاهيان. مون کان هي ڊگري نه ٿي ٿئي. دماغ تي وزن هر ڏينهن وڌي پيو. آءُ بيزار ٿي پيو آهيان. منهنجون هي سڀ ڳالهيون ٻڌي بابا ۽ امان ڪنهن قدر دل شڪستو ٿي ويندا هئا. مون کي سمجهائڻ لڳندا هئا ته: ” پٽ، تنهنجي هن پڙهائ...