انساني سوچ ڇا مان ڇا ڪري سگهي ٿي

انساني مزاج جو هڪ اهم پهلو هي پڻ آهي ته انسان هر ڪنهن ڪم ڪار توڙي حڪمت عملي بابت ڪاميابي جي توقع پنهنجي ذهن ۾ رکندو آهي. اهو قطعي به ممڪن ڪونه آهي ته انسان کي هر دفعي، هر جڳھ تي ڪاميابي نصيب ٿي. ها البته ڪجھ ڪاميابيون اسان جي ڪوتاهين سبب به ناڪامي جو روپ ڌاري وٺنديون آهن. مجموعي طور دنياوي ليول تائين جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته هڪ شئي پنهنجي سامهون چٽي نموني اچي پيش پئي ٿي ته ڪامياب ٿيڻ لاءِ ڪي اصول ضرور هجڻ کپن، وري انهن اصولن کي اپنائڻ لاءِ ڪو آدرش هجي، ڪو نظريو هو. ڪو فڪر هجي جنهن تي هلي ڪري ماڻهو پنهنجي هن مختصر زندگي کي ٻين لاءِ لاڀائتو ثابت ڪري سگهي ٿو. ڪنهن ڏاهي چيو هو ته جهڙي سوچ تهڙي زندگي. بلڪل انهي ڳالھ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته سوچ سان ئي زندگي جون نيون راهون هموار ٿينديون آهن. انهي سوچ جي هڪ ٿيڻ سان ماڻهن جو ميڙ به ٺهندو آهي ته ماڻهو اڪيلو به ٿيندو آهي. سوچ سان ئي نظريا، فلسفا، فڪر ۽ تفڪر جا رستا جڙندا ۽ ٽٽندا آهن. انساني سوچ پنهنجي معراج جو سفر تڏهن شروع ڪندو آهي جڏهن اِها سوچ انفراندي حد کي ترڪ ڪري اجتماعي ڀلائي وارو رستو اختيار ڪندو آهي. ...